صمد حسين رضوي

صمد حسين رضوي: ناميارو ليکڪ، شاعر ۽ فلڪيات جو ماهر، صمد حسين رضوي 23 جولاءِ 1924ع تي عليڳڙھہ (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي ۽ ثانوي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ علي ڳڙھہ مسلم يونيورسٽي مان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪيائين. ورهاڱي بعد خاندان سميت لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. جتي پاڪستان ملٽري انجنيئرنگ جي شعبي سان منسلڪ ٿيو. فلڪيات جي علم سان دلچسپيءَ سبب هن ڪئي ڪتاب، مقالا ۽ ترجما ڪيائين. سندس لکيل ڪتابن ۾: ‘البيروني ڪا طريقا، رويت هلال اور اس ڪي تشڪيل جديد’، ‘سورج ڪي روشني سي سميت قبلہ ڪا تعين’، ‘قمر درد عقرب ڪي سائنسي حقيقت’، ‘البيروني اور ساخت ارض’، ‘امير خسرو اور علمِ نجوم’ ۽ ‘رويت هلال ڪي حقيقت’ شامل آهن. هن ڪجهہ ڪتاب ترجمو ڪري ڇپرايا، جن ۾ ‘مهاڀارت ڪي 33 ابواب’ کان سواءِ بنارس واري وجئه آنند جي لکيل ناياب ڪتاب ‘ڪرنا تلا’ جنهن جو عربي ٻوليءَ ۾ ترجمو ‘غزة الزيجات’ جي نالي سان البيرونيءَ ڪيو هو. ان عربي ترجمي کي صمد حسن رضويءَ وري انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. کيس فلڪيات جي علم سان تمام گهڻي دلچسپي هئي. اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ رويت هلال جي حوالي سان سندس ڪيل اڳڪٿيون گهڻو ڪري سچ ثابت ٿينديون هيون. هن 18 ڊسمبر 2009ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ واديءِ حسين ۾ دفنايو ويو.


لفظ صمد حسين رضويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.07.23  عيسوي

صمد حسين رضوي 23 جولاءِ 1924ع تي عليڳڙهه (انڊيا) ۾ پيدا ٿيو.


2009.12.18  عيسوي

صمد حسين رضوي 18 ڊسمبر 2009ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ واديءِ حسين ۾ دفنايو ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انجم هالائي
بائرن
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
پير ابراهيم شاھہ، رام ٻاراهو
ڀائي ٿانورداس
خوشحال خان خٽڪ
حاجي محمد يوسف ميمڻ
رند حضور بخش حقير
شاھہ عنات رضوي ميون
رضوي سيد علي مدد شاھہ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون