صفوران (ديھہ): ڪراچي جي هڪ ديھہ جيڪا تپي ڊرگهہ روڊ ۾ آهي. ديھہ جي نالي بابت عام خيال آهي تہ اهو نالو موکي جي ڀيڻ ‘صفوران’ جي نسبت سان پيل آهي. هن ديھہ ۾ گلستان جوهر واري علائقي کان وٺي ڪراچي ايئرپورٽ ۽ ان کان اڳتي ريلوي لائين تائين، اوڀر واري حصي ۾ ريس ڪورس کان ماڊل ڪالوني ۽ اولھہ واري حصي ۾ نئن آمري جي دنگ تائين وارا علائقا شامل آهن. هن ديھہ جي ڏکڻ ۾ ريلوي لائين (ڪراچي- ڪوٽڙي)، اوڀر پاسي ديھہ ٿاڻو ۽ ديھہ مهراڻ، اتر پاسي ديھہ دوزان، اتر- اولھہ پاسي ديھہ ڳجهڙو ۽ اولھہ پاسي ديھہ اڪيواري (اُڪيواڙي) جون حدون لڳن ٿيون.