شهر جي ڳالهه

شهر جي ڳالهه

شھر جي ڳالھہ

شھر جي ڳالھہ (ڪتاب): هي ڪتاب برک ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اڪبر سومري جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن ضياءَ الحق جي مارشل لا واري دور جي پس منظر ۾ ڀارتي صحافڻ ڇوڪريءَ ۽ هڪ سنڌي نوجوان جي وچ ۾ عشق تي مشتمل آهي. هي ناول رومانس سان گڏ ضياءُ الحق جي ڊراڪولائي دور جي ڪاري باب تان پردو کڻي ٿو، جنهن ۾ ليکڪ ايم. آر. ڊيءَ سميت مختلف عقوبت جو نهايت ئي سليس نموني هڪ ڪهاڻيءَ واري انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب جا ٻہ اکر ليکڪ پاڻ لکيا آهن. هن ڪتاب جي ارپنا شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو کي ڪيل آهي. هي ناول 42 ننڍڙن عنوانن ۾ ورهايل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ببليوگرافي ڏنل آهي. 232 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد 10 مارچ 2009ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1998ع ۾ ڇپيو. پڪي جلد سان هن ڪتاب جي قيمت 252 روپيا آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جي تصوير سان سندس تعارف ۽ لکيل ڪتابن جو تفصيل سنهري رنگ جي اکرن سان ڏنل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2009.03.10  عيسوي

شهر جي ڳالهه ڪتاب کي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد 10 مارچ 2009ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسلام منهنجو اباڻو مذهب
شير ايران
تن سپون سوجهي ڪڍيون
ٻوٽن جي واڌ ويجهہ
زندگي آزادي ۽ محبت
سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون 4
سَمُنڊ سمايو بُوند ۾
عشق اثبات ڪتاب
چِٺيون چندن واس
استعمالي جاميٽري
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون