
شاهه فيصل
شاھہ فيصل: سعودي عرب جو هيءُ بادشاھہ 14 مارچ 1906ع ڌاري ملڪ جي هاڻوڪي راڄڌاني الرياض ۾، شاھہ عبدالعزيز جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والدہ ملڪ جي مشھور ديني عالم شيخ عبدالله جي نياڻي هئي، شاھہ فيصل جي ابتدائي تعليم ۽ تربيت سندس ناني شيخ عبدالله بن عبداللطيف آل شيخ ڪئي. هن ننڍي عمر ۾ شرعي علم جي مڪمل ڄاڻ حاصل ڪري ورتي. اسلامي فلسفو، قانون ۽ تاريخ هن جا وڻندڙ مضمون هئا. ڏهن سالن جي عمر ۾ قرآن ۽ حديث حفظ ڪيائين. 15 سالن جي عمر ۾ کيس فوج ۾ ڀرتي ڪرايو ويو، جتي ترقي ڪندي 1923ع ۾ سعودي فوج جي ڪمانڊر انچيف جي عهدي تي فائز ٿيو. 1926ع ۾ کيس حجاز جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 1928ع ۾ علماءِ ڪائونسل جو چيئرمئن چونڊيو ويو. شاھہ فيصل ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا ۽ سعودي عرب جي نمائندگي ڪندي بين الاقوامي گڏجاڻين ۽ مباحثن ۾ شريڪ ٿيو. 1930ع ۾ شاھہ فيصل کي ملڪ جو پرڏيهي وزير مقرر ڪيو ويو. ان حيثيت ۾ هن عربن ۽ مسلمانن کي درپيش مسئلن جي پرزور نموني حمايت ڪندي، ڏيهي توڙي پرڏيهي معاملن ۾ شاندار ڪارناما سرانجام ڏنا. 1953ع ۾ سندس والد جي وفات کان پوءِ سندس وڏي ڀاءُ شاھہ سعود کيس سعودي حڪومت جو ولي عھد مقرر ڪيو. سعودي عرب ۾ 1958ع ۾ اقتصادي گهوٽالي سبب کيس وڌيڪ اختيار ڏيڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي وزير اعظم جو عهدو بہ ڏنو ويو. سندس ڀاءَ شاھہ سعود جي دور ۾ ملڪ اندر نڪرندڙ تيل مان ڪمايل ناڻو محلن ۽ انهن جي زيبائش تي خرچ ڪيو ويندو هو. جڏهن تہ 2 نومبر 1964ع تي ڀاءُ جي جڳھہ تي سعودي عرب جو بادشاھہ ٿيندي ئي هن تيل جي پيداوار مان ملندڙ ناڻي کي ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي جي ڪمن ۾ استعمال ڪيو، جن ۾ روڊ رستا، تعليم، صحت ۽ ماڻهن کي گهر ٺاهڻ ۽ پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ لاءِ بنا وياج قرضن ڏيڻ جي سهولت شامل هئي. سندس حڪومت ۾ سعودي عرب دنيا جو واحد اسلامي ملڪ هو. جنهن ۾ زڪوات کان سواءِ ڪو بہ ٽيڪس نہ ورتو ويندو هو. شاھہ فيصل جي دور ۾ پاڪستان جا سعودي عرب سان لاڳاپا تمام سٺا هئا.
شاھہ فيصل جڏهن پهريون ڀيرو سال 1966ع ۾ پاڪستان جي دوري تي آيو، تہ هن پاڪستان جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ مرڪزي جامع مسجد جي تعمير جو حڪم ڏنو ۽ مسجد جي تعمير جو سمورو خرچ پنھنجي ذمي کنيو. اها مسجد سال 1987ع ۾ 120 ملين روپين جي خرچ سان مڪمل ٿي ۽ سندس ئي نالي ‘شاھہ فيصل مسجد’ سان منسوب ڪئي وئي. پاڪستان سان سندس خصوصي لڳاءُ کي نظر ۾ رکندي سندس شهادت کانپوءِ وفاقي حڪومت پاڪستان جي صوبي پنجاب جي هڪ وڏي شھر لائل پور جو نالو مٽائي، سندس نالي پُٺيان ‘فيصل آباد’ رکيو. ان کان سواءِ سنڌ جي گاديءَ واري شھر ڪراچيءَ جي هڪ وڏي شاهراھہ سندس نالي پٺيان ‘شاهراھہ فيصل’ سڏي وڃي ٿي. سندس ئي نالي پٺيان ڪراچيءَ ۾ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ڀرسان هڪ آبادي ‘شاھہ فيصل ڪالوني’ ۽ ٻي آبادي ‘شاھہ فيصل ٽائون’ پڻ آهن. شاھہ فيصل نہ رڳو پاڪستان، پر پوريءَ دنيا جي مسلمان ملڪن جو بھترين ۽ مخلص دوست هو. انهيءَ ڪري هُن سڄيءَ دنيا جي مسلمانن ۽ خاص طرح عوام جي ڀرجهلو حاڪمن سان دوستاڻا لاڳاپا رکيا. تڏهوڪي پاڪستاني وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي سان بہ سندس خصوصي ذاتي ويجهڙائي رهي.
شاھہ فيصل جي ذاتي زندگي بہ ڳجهي ڪانہ رهي. هن چار شاديون ڪيون، جن مان کيس چئن پٽن ۽ پنجن نياڻين جو اولاد هو.
شاھہ فيصل کي 25 مارچ 1975ع تي کيس سندس نوجوان ڀائٽيي فيصل بن مسعود، رياض جي شاهي درٻار جي ‘ديوان ملڪي’ ۾ گولي هڻي شھيد ڪيو. قاتل کي 18 جون 1975ع تي موت جي سزا ڏني وئي. سندس شهادت کانپوءِ هن جو ڀاءُ بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز ملڪ جي شاهي تخت تي ويٺو.
1906.03.14 عيسوي
سعودي عرب جو بادشاهه شاهه فيصل 14 مارچ 1906ع ڌاري ملڪ جي هاڻوڪي راڄڌاني الرياض ۾، شاهه عبدالعزيز جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
1975.03.25 عيسوي
شاهه فيصل کي 25 مارچ 1975ع تي کيس سندس نوجوان ڀائٽيي فيصل بن مسعود، رياض جي شاهي درٻار جي ‘ديوان ملڪي’ ۾ گولي هڻي شهيد ڪيو.
1964.11.02 عيسوي
شاهه فيصل 2 نومبر 1964ع تي ڀاءُ جي جڳهه تي سعودي عرب جو بادشاهه ٿيندي ئي هن تيل جي پيداوار مان ملندڙ ناڻي کي ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي جي ڪمن ۾ استعمال ڪيو، جن ۾ روڊ رستا، تعليم، صحت ۽ ماڻهن کي گهر ٺاهڻ ۽ پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ لاءِ بنا وياج قرضن ڏيڻ جي سهولت شامل هئي.