سيف الملوڪ قديم ماڳ

سيف الملوڪ قديم ماڳ

سيف الملوڪ قديم ماڳ

سيف الملوڪ (قديم ماڳ): هن کي ’سيف الملوڪ جي واءِ‘ بہ چون ٿا. سيف الملوڪ قديمي ماڳ تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ ڳوٺ محمد حسين بروهيءَ ويجهو ديھہ ولهاري، پڪي سر ۾ واقع آهي. هي دراصل رهمڪي بازار جي رستي تي، هڪ ڀٽ وٽان کوھہ ۽ عمارتن جي نشانين ۽ ٺڪراٺي تي مبني قديم آثار آهن، کوھہ ۽ وڏو قبرستان ڪنهن قديم تاريخ سانڍي رکڻ جو ڏس ڏين ٿا. کوھہ ڀٽ جي چوٽيءَ تي ۽ پڪين عمارتن جا نشان ڀٽ جي ڏاکڻين پاسي واقع آهن. هتي ڀٽ جي ويجهو هڪ تلاءُ بہ آهي، جيڪو پڻ قديم آهي. تلاءُ ۾ اڄ تائين برساتي پاڻي بيهي ٿو. ان تلاءَ سان ڪيتريون روايتون وابستہ آهن. تلاءَ کي عام طور ’پرين جو تلاءُ‘ چون ٿا. جڏهن تہ ڪي مقامي ماڻهو تلاءَ کي ’اڇرانڊ جو تلاءَ‘ بہ ڪوٺين ٿا. تلاءَ لاءِ روايت آهي تہ: ”بديع الجمال پري هن تلاءَ وٽ رهندي هئي، جيڪا سهيلين سان گڏ تلاءَ ۾ روزانو غسل ڪندي هئي. شھزادو سيف الملوڪ پريءَ جي حسن جي هاڪ ٻڌي تلاءَ تي آيو ۽ ڀٽ جي ڏاکڻين پاسي محلات اڏائي رهڻ لڳو. هتي هڪ کوھہ پڻ ٻڌرايائين. موجودہ عمارتن جا نشان ۽ کوھہ ان جا يادگار آهن.
ڪڍڻ شھر کان هيءُ ماڳ ڪجهہ ئي ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. علائقي ۾ زرخيزي آهي. خاص طور مُقام ۽ کوھہ جي آسپاس فطري خوبصورتي، ساوڪ ۽ خوشگوار ماحول سبب مقامي ماڻهو هن هنڌ کي ’سيف الملوڪ‘ جي نالي سان ڪوٺين ٿا. هتي موجود ساون گهاٽن وڻن لاءِ روايتون آهن تہ تلاءَ جي ڪناري سان وڏا وڻ بديع الجمال پريءَ ۽ سندس سهيلين پاران کوڙيل ڏندڻن مان ڦٽل آهن. هينئر سوڌو انهن وڻن کي ڪو بہ سڃاڻي نہ سگهيو آهي تہ اهي ڇا جا وڻ آهن.
هن ماڳ تي ڪجهہ قديم قبرون آهن ۽ وڏي ايراضيءَ تي پراڻي زماني وانگر ڪارب جون نڪتل پڪيون سرون بہ پکڙيل آهن. هتان ڪجهہ ڀڳل ٿانون جا حصا بہ هٿ ڪيا ويا آهن. سرون ويڪريون لسيون آهن، جن تي گهڙاوٽ جو ڪم ڪيل آهي.
پڪين سرن جي ٻڌل قديم کوھہ جي اوساري چيروليءَ سان ڪيل آهي. کوھہ نهايت اونهو آهي، جنهن ۾ هينئر سوڌو پاڻي آهي. هن وقت تائين قديم آثارن جي ماهرن هن ماڳ بابت ڪي بہ شاهديون گڏ نہ ڪيون آهن ۽ نہ ئي خاص قسم جي تحقيق ٿي آهي. فقط مقامي ماڻهو لوڪ روايتن جي آڌار تي هن کي سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال پريءَ سان جوڙين ٿا. انٿروپالاجيءَ جي ماهر ذوالفقار ڪلهوڙي جي تحقيق مطابق تہ هيءُ ماڳ سما دور سان تعلق رکي ٿو. ماڳ وارياسي هنڌ تي آهي، چؤڌاري ڀٽون اٿس، ساوڪ ۽ قدرتي سونهن علائقي ۾ سرس آهي. ڪجهہ حصي تي ٺڪراٺو ۽ سرن جا ڀڳل ٽڪرا وڏي تعداد ۾ پکڙيل آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو تہ هتي گهڻو اڳ ۾ انساني وسندي هئي، جيڪا ڳالھہ هتي سيف الملوڪ جي محلات واري روايت جي پڻ تائيد ڪري ٿي. آسپاس ۾ چڱا فصل پڻ ٿين ٿا. هي ماڳ نظر انداز ٿيل هڪ قديم ماڳ آهي، جنهن تي تحقيق ڪرڻ ۽ ان جي سار سنڀال لھڻ جي فوري ضرورت آهي. مقامي ماڻهو ماڳ سان ٻيون بہ ڪيتريون روايتون جوڙين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو