سيد: سيد جي لفظي معنيٰ سردار آهي، اهو حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو لقب آهي، جيڪو سندن اولاد کي مليو. حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي نياڻي بي بي فاطمھ سلام ﷲ عليہ ۽ سندن ور حضرت علي ڪرم ﷲ وجهھ جي اولاد کي اهلبيت يا سادات چوندا آهن. هندستان ۾ جڏهن چنگيزخاني مغلن ظلم ٻاري ڏنو، تڏهن ڪيترائي سيد سيوهڻ، بکر ۽ ٺٽي ۾ اچي رهيا.