سنڌ تي ارغون حڪومت
ارغونن کان اڳ سنڌ تي سمن ڄامن جي آزاد حڪومت قائم هئي، جنهن کي 1520ع ۾ ختم ڪيو ويو، اُن جو پسمنظر ڪجهہ هن ريت آهي:
ارغونن هٿان سنڌ جي فتح:
ارغون، ترخان ۽ مغل (هندستان جا بادشاھہ) اصل ۾ مرڪزي ايشيا سان تعلق رکن ٿا، جن جو مٿي هلي هڪ ئي نسل ظاهر ٿئي ٿو يا وري ائين چئجي تہ ٽنهي گهراڻن جو وڏو ڏاڏو هڪ ئي هو. ڏهين صدي هجريءَ (چوڏهين صدي عيسوي) ۾ مرڪزي ايشيا کي ڇڏي اهي اچي موجودہ افغانستان ۾ اچي پهتا ۽ اڳتي هلي قنڌار، هرات ۽ ڪابل ۾ سياسي ۽ فوجي طاقت جو مرڪز بنيا. هرات تي حسين بايقرا (862-911) جو راڄ هو، جنهن پاران ارغون قنڌار کان شال (ڪوئيٽا) تائين واري علائقي کي سنڀاليندا هئا. ابتدا ۾ مير ذوالنون ارغون، بايقرا طرفان قنڌار جو نائب هو، جيڪو 1507ع (913ھہ) ۾ محمد خان شيبانيءَ هتان قتل ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ارغونن ۽ ترخانن متفق ٿي ذوالنون جي وڏي پٽ شاھہ بيگ ارغون کي پنهنجو سردار تسليم ڪيو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 139-141) ان بعد قنڌار ۽ شال شاھہ بيگ جي ضابطي هيٺ آيا. سنڌ جو پوڙهو سلطان ڄام نظام الدين سمو اڃا زندھہ هو، ليڪن ويھہ- ايڪيھہ سال اڳ سندس دور ۾ پهريان مير ذوالنون ارغون، شال کان وڌي ’سبي‘ تي حملو ڪيو هو. ان وقت هرات تي سلطان حسين بايقرا جو حڪم هلندو هو ۽ سنڌ تي ڄام نظام الدين پوري جاھہ ۽ جلال سان بادشاهي ڪري رهيو هو. سبي، سنڌ جو اهم سرحدي شھر هو، جتي بھادر خان ڄام نظام الدين گورنر مقرر ٿيل هو. ڄام نندي سپھہ سالار دريا خان کي ’سبيءَ‘ جي واپسيءَ جو حڪم ڏنو. دريا خان شھر ۽ ڪوٽ تي حملو ڪري ارغونن کي شڪست ڏني ۽ سبيءَ تي سنڌ جي حاڪميت بحال ڪئي. هي واقعو 1485ع ۾ ٿي گذريو آهي. ان معرڪي ۾ ذوالنون جو پٽ ۽ شاھہ بيگ جو ڀاءُ سلطان محمد مارجي ويو. (مڪلي نامه، ص: 176-183) مير معصوم بکريءَ لکيو آهي ته، ڄام نندي (نظام الدين) جي دور ۾ ارغونن وري سنڌ تي حملو نہ ڪيو. بادشاھہ حسين بايقرا 1505ع ۾ فوت ٿيو. هرات تي تيموري سلطنت جو خاتمو ٿيو. سنڌ جو عظيم بادشاھہ ڄام نظام الدين بہ اٺيتاليھہ سال سنڌي عوام جي دِلين تي راڄ ڪري 1508ع ۾ هميشہ لاءِ وڃي مڪليءَ تي آرامي ٿيو.
مغربي ايشيا ۽ وچ ايشيا جا حالات تيزيءَ سان تبديل ٿيڻ شروع ٿيا. شاھہ اسماعيل صفوي 1501ع ۾، عرب فتوحات کانپوءِ پهريون ڀيرو، ايران ۾ ڏيهي مضبوط بادشاهت جو بنياد رکيو. بابر 1512ع ۾ آخري معرڪي ۾ ازبڪن هٿان شڪست کائي، ڪابل پهتو ۽ وري ڪڏهن بہ سمرقند يا وچ ايشيا طرف مھم جوئي نہ ڪيائين. هيءَ بہ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته، اٿندي ئي بابر ۽ شاھہ اسماعيل صفويءَ ۾ سٺا لاڳاپا قائم ٿيا. هن حالت ۾ شاھہ بيگ ارغون سخت پريشان ٿيو. ان دور ۾ سنڌ جا حالات بہ ڪي درست نہ هئا. شاھہ بيگ ڄام نندي جي وفات (1508ع) کانپوءِ ’سبيِءَ‘ تي قبضو اچي ڪيو. کيس سنڌ جي بگڙجندڙ حالتن جي خبر ملي رهي هئي. ان وچ ۾ 1516ع ڌاري ڄام فيروز جي ماءُ، دولھہ دريا خان مان جان ڇڏائڻ لاءِ، شاھہ بيگ ارغون سان ملاقات ڪري فوجي مدد جي تقاضا ڪئي. (تاريخ طاهري، سنڌي، ص: 67) حملي آور موقعي جو فائدو وٺي ابتدائي طور ڪوٽ ماڇي، ۽ چانڊڪا تي حملو ڪري ڦرلٽ ڪئي. ان کان پوءِ ارغونن باغبان پرڳڻي جي ڳوٺ ڳاها تي بہ حملو ڪيو ۽ ڦرلٽ سان گڏ مقامي ماڻهن جا هڪ هزار اُٺ ڪاهي ويا. (تاريخ معصومي، ص: 150-152، سنڌي ڇاپو) 1520ع جي آخر ڌاري شاھہ بيگ ارغون سنڌ تي باقاعدي حملو ڪيو. سبي، شال، گنجابه ۽ فتح پور جو انتظام رکي، ٻہ سئو چاليھہ چونڊ ويڙهاڪن جي لشڪر سان باغبان جي علائقي ۾ داخل ٿيو. ان کان سواءِ کيس وڌيڪ لشڪر بہ هو. ابتدا ۾ هو باغبان واري علائقي ۾ داخل ٿيو. هن خطي ۾ مشھور صوفي ۽ عالم مخدوم بلال جو وڏو اثر هو. ٽلٽي شھر ۾ دريا خان جا پٽ موٽڻ خان ۽ محمود خان مقابلي جي لاءِ تيار هئا، پر حملي آور مقابلو ڪرڻ بجاءِ پاسو وٺي نڪري ويا. جتان ٿي گذريا، اتي جي موقعي پرست وڏيرن شاھہ بيگ ارغون جو استقبال ڪيو ٿي. لڪي جبلن جو پاسو وٺي آخرڪار لشڪر سميت شاھہ بيگ، سنڌ جي دارالحڪومت پهچي ويو. سنڌ جو حاڪم ڄام فيروز غنيم جو ٻڌي ٺٽو ڇڏي واھہ ٽپي وڃي پيرپٺي وٽ منزل انداز ٿيو. ڄام فيروز پاران برطرف ڪيل دريا خان ۽ شاھہ بيگ ارغون هڪ ٻئي جي دوبدو ٿيا. هن مقابلي جي تاريخ مير معصوم بکريءَ 11 محرم 926ھہ لکي آهي، ليڪن درست تاريخ 11 محرم 927ھہ/ 22 ڊسمبر 1520ع آهي، جيئن مير علي شير قانع لکيو آهي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 139) ٺٽي ۾ لڳندڙ هن جنگ جي سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت آهي. سڄو ڏينهن زبردست جنگ ٿي. شڪست ۽ سوڀ جو فيصلو نہ پئي ٿيو. نيٺ دولھہ دريا خان وڙهندي شهادت پاتي. دريا خان جي شهادت کانپوءِ ارغونن پنھنجي سوڀ جو اعلان ڪيو. لاڳيتو نوَ ڏينهن ٺٽي کي ڦريندا ۽ ساڙيندا رهيا. قاضي قاضن (قادن) جي اپيل کانپوءِ نيٺ قتل ۽ ڦرلٽ جو اهو عمل بند ڪيو ويو. ان بعد وڪيلن معرفت ڄام فيروز ۽ شاھہ بيگ ۾ صلح ٿيو. طئہ ٿيو تہ سمنڊ کان لڪي جبلن تائين واري علائقي تي ڄام فيروز حڪومت ڪندو ۽ اتر سنڌ تي شاھہ بيگ حڪومت ڪندو.
شاھہ بيگ ارغون: شاھہ بيگ ارغون، سنڌ جو پهريون ارغون حاڪم ٿي گذريو آهي. هي حاڪم، ڄام فيروز سان معاملا طئہ ڪري، ٺٽي کي ڇڏي اچي سيوهڻ پهتو. سيوهڻ لاءِ مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي مقرر ڪيائين. بکر جو قلعو سلطان محمود جي حوالي ڪيو ويو، جو پوءِ تاريخن ۾ سلطان محمود بکري سڏيو ويو. سيوهڻ جي سهتن، سوڍن ۽ سمن، ارغونن جي حڪومت کي قبول نہ ڪيو. قاضي قادن کي ڳالهين ۽ صلح جو ڪم سونپيو ويو. ليڪن مخدوم بلال ان کي ٺڪرائي ڇڏيو. هن جو سيوهڻ، ٽلٽي ۽ باغبان ۾ وڏو اثر هو. دريا خان جا ٽي پٽ: ميان محمود، موٽڻ خان، ۽ ڄام سارنگ ويڙھہ لاءِ تيار ٿيا. ڌارين حاڪمن ٽلٽيءَ جو گهيرو ڪيو. شاھہ بيگ خود حملي جي قيادت ڪئي. مير فاضل ڪوڪلتاش لشڪر جي اڳيان هو. اڪثر سنڌي ويڙهاڪ مارجي ويا. ڪجهہ ماڻهن درياھہ ۾ پاڻ اڇليو ۽ ڪي سيوهڻ طرف جان بچائي نڪتا. ارغون ٽي ڏينهن ٽلٽيءَ ۾ رهيا، ۽ شھر توڙي شهرين جو گهڻو نقصان ڪيائون. مير معصوم ٽلٽيءَ واري جنگ بابت لکيو آهي ته، انهيءَ جنگ ۾ سوڍن عجيب لڙائي ڪئي ۽ مقابلي جي ميدان تي ڏاڍي مڙسي ڏيکاري، ۽ بيهڪ ڪري، انهن مان گهڻا جوڌي سوڍي جي ڀاءُ رڻمل سان گڏ ڪُسجي ويا. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 157)
شاھہ بيگ ارغون اڌ سنڌ جو حاڪم رهيو. سنڌ ۾ جيترو بہ وقت رهيو، هڪ ڏينهن بہ سُک نہ سُتو. سنڌ جي ماڻهن ۽ ملڪ تي قبضو برقرار رکڻ لاءِ هٿ پير هڻندو رهيو، تہ ٻئي طرف کيس بابر، ڪابل ۽ قنڌار جي ڪري زبردست پريشاني رهي. ٽلٽيءَ جي معرڪي کانپوءِ سبي ۽ شال (اڄ جي ڪوئيٽا) ڏانهن موٽي ويو. ان وقت گجرات مان ڄام صلاح الدين: سمن، ڪڇي ۽ گجراتي لشڪر جي مدد سان ٺٽي تي حملي لاءِ نڪتو. ڄام وٽ ڏهن هزارن جو جٿو هو. اهڙو اطلاع شال ۾ شاھہ بيگ کي مليو. هن پنھنجي پٽ شاھہ حسن کي تمام تڪڙو ڄام فيروز جي مدد لاءِ روانو ڪيو. پاڻ بہ تمام جلد سنڌ طرف موٽي آيو. جوڻ جي ڳوٺ ۾ ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح الدين ۾ معرڪو ٿيو. ارغون ڄام فيروز جا مددگار هئا. هن معرڪي ۾ ڄام صلاح الدين ۽ سندس پٽ هيبت خان مارجي ويا. هي معرڪو ارغونن ۽ ڄام فيروز کٽيو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 159)
فيروز ٺٽي پهتو. شاھہ بيگ شال مان موٽي باغبان آيو، جتي پٽس بہ سرخرو ٿي اچي نڪتو. هتي ماڇي قبيلي سرڪشي ڪئي، جن کي تھہ تيغ ڪري، مال متاع ڦري لٽي آخرڪار ڪوٽ کي ڊاهي ڍير ڪيائون. ڪجهہ وقت بادشاھہ باغبان ۾ رهيو، بعد ۾ سيوهڻ پهتو ۽ ضروري حڪم ڏئي بکر پهتو. بکر ۾ مختلف قبيلا: ڏهر، ڌاريجا ۽ مھر بغاوت ۾ مصروف هئا. ڪن کي لالچ تہ ڪن کي دڙڪي سان ماٺ ڪرائڻ جو جتن ڪيو ويو. سلطان محمود ۽ سندس والد مير فاضل، سرڪشن کي چيڀاٽڻ ۾ سرگرم رهيا. قاضي قادن، هر مرحلي تي فاتح جو مددگار ۽ صلاحڪار رهيو. ڌاريجن هڪ مرحلي تي قلعي ۾ گهڙي محمود کي پڪڙڻ جو بہ ارادو ڪيو، مگر راز فاش ٿيڻ ڪري ناڪام رهيا. مير فاضل ستيتاليھہ ڌاريجا سردار پاڻ سان وٺي آيو. ستاويهن کي ئي موقعي تي سزاياب ڪرايائين. باقي بچيلن جو معاملو بادشاھہ جي آڏو پيش ڪيو ويو. قاضي قادن جي مشوري تي اُنهن کي رات جو قتل ڪري، بکر جي قلعي جي برج تان درياھہ ۾ ڦٽو ڪيو ويو. اُهو برج جتان کين درياھہ ۾ اڇليو ويو، سو پوءِ ’خوني برج‘ سڏيو ويو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 160)
شاھہ بيگ هڪ سال لاءِ بکر ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو. بکر جي قلعي جي نئين سر اڏاوت جو حڪم ڏنائين. اُن مقصد لاءِ اروڙ جي قديم قلعي کي برباد ڪيو ويو ۽ پڻ سمن ۽ ترڪن جي جاين کي ڊاهي، اُتان پڪيون سرون حاصل ڪيون ويون. بکر جي قلعي جي تعمير ۽ ڪوٽ اندر پاڻ لاءِ توڙي پنهنجن اميرن لاءِ جاين ٺاهڻ جو حڪم ڏنائين. مطلب تہ پورو هڪ سال هت رهي اتر سنڌ جي انتظام تي توجھہ ڏنائين. اطلاع مليا تہ مختلف بلوچ قبيلا ارغونن خلاف بغاوت پکيڙي رهيا آهن. تڏهن انهن تي حملا ڪري ٻائيتالھہ ڳوٺ ويران ڪرڻ سان گڏ بيشمار ماڻهن کي قتل پڻ ڪرايائين. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 161- 165)
ان وچ ۾ بابر قنڌار تي فوجي دٻاءُ جاري رکيو. ڪابل اڳ ۾ بابر جي طاقت ۽ اختيار جو مرڪز بنجي چڪو هو. ان وقت شاھہ بيگ ارغون سيپٽمبر 1522ع (شوال 928ھہ) تي بابر کي قنڌار جو قبضو ڏنو. (تحفة الڪرام، فارسي، ص: 490) ان پسمنظر ۾ ڏسجي ٿو تہ ارغون هميشہ لاءِ وچ ۽ مرڪزي ايشيا مان بي دخل ٿي چڪا هئا. ان ريت شاھہ بيگ سنڌ پهچڻ کانپوءِ، گجرات جي فتح لاءِ تياري ڪئي. ارغون حاڪم لشڪر وٺي چانڊڪا پهتو. ان وقت مير فاضل گهڻو بيمار ٿي پيو. ان ڪري کيس بکر وڃڻ جي موڪل ملي. اڃا چانڊڪي ۾ هئا تہ مير فاضل جي موت جو اطلاع آيو. شاھہ بيگ هي خبر ٻڌي واپس بکر پهتو. سلطان محمود سان عذر خواهي ڪيائين، ڇو تہ مير فاضل هن جو (محمود) پيءُ هو. ان بعد مضبوط ارادي سان گجرات جي فتح جو پڪو ارادو ڪري نڪتا. ان عرصي ۾ پڪي خبر ملي تہ بابر، هندستان جي حدن ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ هن کي ملڪ فتح ڪري خانداني شهنشاهت قائم ڪرڻ جو ارادو آهي. هي خبر ٻڌي شاھہ بيگ چيو تہ بابر اڳي پوءِ سنڌ کي بہ فتح ڪندو. ان حالت ۾ ارغونن جو ڇا ٿيندو؟ ان ڪري لازم آهي تہ اسين ڪنهن ٻئي ملڪ ڏي ڀڄي هلون. هن صورتحال کيس ڏاڍو پريشان ڪيو ۽ ان حالت ۾ وفات ڪري ويو. ان وقت شاھہ بيگ ۽ ان جو لشڪر اگهم ڪوٽ جي ويجهو هو. البت هن جي وفات جي تاريخ تي اختلاف آهي. مير معصوم لکي ٿو ته، هن 22 شعبان 928ھہ (17 جون 1522ع) تي وفات ڪئي. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 167) جڏهن تہ نئين تحقيق موجب سنڌ جو هي حاڪم ٻہ سال پوءِ 22 شعبان 930ھہ تي فوت ٿيو. ان ڏينهن تي انگريزي تاريخ 26 جون 1524ع هئي. (تحفة الڪرام، فارسي، ص: 490) اگهم ڪوٽ کان هن جو ميت بکر موڪليو ويو ۽ ٽي سال پوءِ کڻي وڃي مڪي شريف ۾ دفن ڪيائيون.
مٿي ذڪر ٿيو آهي تہ شاھہ بيگ صلح لاءِ قاضي قادن کي مقرر ڪيو، ليڪن مخدوم بلال انڪار ڪندي جدوجھد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو. ٽلٽيءَ واري جنگ ۾ بلاولي تحريڪ جي ڪارڪنن جو گهڻو نقصان ٿيو، پر پوءِ بہ هيءَ جدوجھد جاري رهي. سنڌ ۾ صديون گذرڻ بعد اڄ بہ هي روايت هلندڙ اهي ته، شاھہ بيگ جي حڪم تي مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙيو ويو. جڏهن تہ ان دور جو ويجهي تاريخدان
مير معصوم بکري لکيو آهي تہ مخدوم بلال 929ھہ ۾ وفات ڪئي. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 241) جڏهن تہ مخدوم بلال جي ڪردار کي نروار ڪرڻ ۾ جي ايم سيد جو اهم ڪردار آهي. سندس لکڻ موجب
02 رجب 930ھہ برابر 06 مئي 1523ع تي مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙايو ويو. (سنڌ جا سورما، ص: 41) شاھہ بيگ جي وفات 26 جون 1524ع تسليم ڪجي تہ ، پوءِ مخدوم بلاول جي شهادت جو واقعو سندس ئي دور ۾ ٿي گذريو.
شاھہ حسن ارغون: مرزا شاھہ حسن ارغون پهرين شوال 930ھہ/ 30 آگسٽ 1524ع تي نصرپور ۾ نئون حڪمران بنيو. ان جو مطلب تہ والد جو لاش بکر موڪلي پاڻ اگهم ڪوٽ مان منزل کڻي اچي نصرپور پهتو. اهو عيد جو ڏينهن هو. اميرن ۽ صلاحڪارن گجرات بجاءِ ٺٽي تي حملي جي صلاح ڏني. هن کي ٻڌايو ويو تہ ڄام فيروز، شاھہ بيگ جي موت جو ٻڌي خوشيءَ وچان جشن ملهايا آهن. هي خبر ٺٽي پهتي تہ ڄام فيروز ايلچي موڪلي گناهن جي معافي گهري ۽ وفاداريءَ جو واعدو بہ ڪيو، ليڪن اهي سڀ عذر رد ڪري ارغونن ٺٽي تي ڪاھہ ڪئي. فيروز شھر ڇڏي ڀڄي ويو، البت سندس ناٺي شيخ ابراهيم ۽ ماڻڪ وزير ڪجهہ دير لاءِ درياھہ ۾ ارغونن جو مقابلو ڪيو، جنهن کي ختم ڪري ارغونن اڳتي وڌي شھر تي قبصو ڪيو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 182-183) ان ريت ٺٽي سميت سڄيءَ سنڌ تي، پهريون ڀيرو ارغونن مڪمل قبصو ڪيو. ڄام فيروز نااميد ٿي ڪڇ ڏانهن هليو ويو.
ڄام فيروز ڪڇ ۽ گجرات جي مدد سان پنجاھہ هزار ماڻهو سوار ۽ پيادا گڏ ڪري بدين طرف (چاچڪ ۽ راهمون ڳوٺ وٽ) جنگ لاءِ ظاهر ٿيو. هيءَ خبر ٺٽي پهتي تہ ارغونن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. شھر جو بندوبست رکي ارغون ڄام فيروز کي منهن ڏيڻ لاءِ نڪتا. خوب دنگل ٿيو. صبح کان شام تائين جنگ هلي، جنهن ۾ ويھہ هزار ماڻهو ڪم آيا. نيٺ ڄام فيروز ناڪام ٿي گجرات هليو ويو.
ڄام فيروز پوءِ گجرات هليو ويو. هن پنھنجي ڌيءَ گجرات جي بادشاھہ بھادر شاھہ کي نڪاح ۾ ڏني. سن 1535ع ۾ همايون گجرات تي حملو ڪيو. جنگ ۾ ڄام فيروز بہ شريڪ هو، جو انهيءَ لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. (ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ، ص: 393)
ان کانپوءِ شاھہ حسن لاڙ ملڪ جي خاطري ڪري، اتر ڏانهن روانو ٿيو. سيوهڻ، هالا، درٻيلي، ٻٻرلو ۽ آخرڪار بکر پهتو. هنن شهرن مان لنگهندي يا هتي رهندي، مختلف اميرن تي مهربانيون ڪيائين ۽ جدا جدا مقرريون ڪيائين. مرزا شاھہ حسن ارغون جو راڄ بہ پنھنجي والد وانگر مڪمل فوجي راڄ هو. بکر پهچي هن مفصل پروگرام تيار ڪيو. باغي قبيلن توڙي واھہ ۽ شھر تاراج ڪرڻ جو نقشو ٺاهيو ويو. وفاداري نہ ڪندڙ هر ماڻهوءَ کي نشانو بنائڻ ۽ نابود ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو ويو. ان ڏس ۾ ملتان کي بہ شامل ڪيو ويو. شاھہ حسن جي فوجي آپريشن جو مختصر ذڪر ڏجي ٿو. ايم. ايڇ پنهور شاھہ حسن جي فوجي ڪاررواين جو مڪمل خاڪو ڏنو آهي. (ڏسجي: ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ، نقشو، ص: 369)
شاھہ حسن بکر ۾ هو تہ کيس ماٿيلي ۾ مخالف قبيلن جي سرگرمين جو اطلاع مليو. ڏهر، ماڇي، مھر ۽ ڪي بلوچ قبيلا لشڪر گڏ ڪري رهيا هئا. ميرپور ماٿيلو، اٻاوڙو، ڀٽي واهڻ (ڀٽا واهڻ) ۽ سيوراءِ ۾ دنگل ٿيا، جن ۾ شاھہ حسن خود بہ شريڪ ٿيو ۽ چونڊ اميرن کي بہ شريڪ ڪيائين. هنن معرڪن ۾ سلطان محمود جا ٻہ ڀائر بہ مارجي ويا. سيوراءِ جي مهرن سان مقابلي ۾ بابا احمد سخت زخمي ٿي مري ويو. هن جو ٻيو ڀاءُ مير عبدالفتاح بہ مارجي ويو. اتر ۾ سنڌ جي سرحد ڀٽه واهڻ مقرر ٿي. شاھہ حسن بکر پهتو ۽ جلد پوءِ سبيءَ طرف پيش قدمي ڪيائين. اتي جو انتظام ٺيڪ ڪري، واپسيءَ ۾ رندن ۽ بگٽين تي حملا ڪري کين شڪستون ڏئي، انهن جا سردار قيد ڪري بکر کڻي آيو. بعد ۾ وفاداريءَ جي واعدي تي انهن کي ڇڏيائين. هي سڀ واقعا 931ھہ (1524ع ۽ 1525ع) ۾ ٿي گذريا آهن. (هسٽري آف دي ارغونس اينڊ ترخانس، ص: 51)
بکر موٽڻ کانپوءِ مکيہ مکيہ اميرن جي ميٽنگ ڪري کين ملتان جي فتح لاءِ فوجي تياريءَ جو حڪم ڏنائين. کين حڪم ڏنو ويو تہ هيءَ مھم ٻن سالن جي ٿي سگهي ٿي. هن دور ۾ بابر آخري ڀيرو هندستان تي ڀرپور حملو ڪيو. رجب 932ھہ/ اپريل 1526ع ۾ پاڻيپٽ جي ميدان تي ابراهيم لوڌي ۽ بابر جي وچ ۾ دنگل ٿيو. بابر وٽ ٻارهن هزار فوجي ۽ لوڌين وٽ هڪ لک فوجي هئا. معرڪي هلندي ابراهيم کي ميدان ڇڏڻ جو مشورو ڏنو ويو، پر هن نہ مڃيو. آخرڪار ابراهيم ميدان جنگ تي وڙهندي مارجي ويو. هن جنگ ۾ ويھہ هزار انسان ڪتب آيا. مغلن کي ڦرلٽ ۾ گهڻو مال مليو. 24 اپريل تي بابر دهليءَ پهتو. 27 اپريل تي سندس نالي جو خطبو پڙهيو ويو. بعد ۾ همايون کي آگري جي قبضي لاءِ موڪليو ويو. (اي شارٽ هسٽري آف پاڪستان، جلد ٽيون، مغل ايمپائر، ڪراچي يونيورسٽي، 1967، ص: 20-22)
ان ريت هندستان ۾ تيموري دور جو آغاز ٿيو. برصغير ۾ مقامي بادشاهين جي پڄاڻي، سنڌ ۾ ارغونن جي اچڻ (927ھہ/ 1520ع) سان شروع ٿي. بابر جو قبضو هن ڏس ۾ وڌيڪ مددگار ٿيو.
مرزا شاھہ حسن اڳ ۾ ئي ملتان جي فتح جي تياري ڪري چڪو هو. بابر جي ڪاميابيءَ جي خبر ٻڌي ايلچي موڪلي مبارڪباد موڪليائين ۽ پڻ پنھنجي وفاداريءَ جي خاطري ڏنائين. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 187) مٽين مائٽين جو بہ نئون سلسلو شروع ڪيو ويو. ان بعد ارغونن ملتان طرف مارچ شروع ڪيو. سيوراءِ جي قلعي کي واٽ ۾ ڦرلٽ جو نشانو بنايو ويو. هر چرندڙ پرندڙ انسان کي قتل ڪيو ويو. سلطان محمود هڪ ڏينهن جي ويڙھہ ۾ ٽيھہ ماڻهو قتل ڪيا. ان بعد مئو جي قلعي ڏانهن ڌيان ڏنو ويو. هتي ڄام جيوڻ ڏهر کي پريشان ڪري سندس ڀيڻ جو رشتو سلطان محمود کي ڏنائون. هر حيلي بهاني سان ڏهرن کي مطيع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هتان اچ تي حملو ڪيو ويو، جتي لانگاھہ شهزادن ۽ بلوچن کين للڪاريو. سخت لڙائي لڳي. مرزا هر مخالف کي ڪھڻ جو حڪم جاري ڪيو. اچ جي قلعي تي زبردست لڙائي ٿي. ارغونن حاوي ٿي حڪم موجب هر ماڻهوءَ کي قتل ڪيو. آخر اچ جي مشاهيرن وچ ۾ پئجي شھر جي عوام لاءِ امان گهُري، جيڪا قبول ٿي. بادشاھہ اچ جي قلعي ۽ جاين ڊاهڻ جو حڪم ڏنو. جاين جو خوبصورت ڪاٺ بکر ڌڪيو ويو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 193-194)
ملتان ۾ سلطان محمود لانگاھہ جو دور دورو هو. کيس مرزا شاھہ حسن جي ملتان طرف پيش قدميءَ جي رپورٽ ملي تہ هن مختلف قبيلن: جتن، رندن، دوداين، ڪوراين، چانڊين ۽ پڻ ٻين قبيلن کي لڙائيءَ واسطي تياريءَ جو حڪم ڏنو. ٻنهي ڌرين گهاري واھہ تي گڏ ٿي هڪ مهيني ۾ ويڙھہ جو سامان گڏ ڪيو. ان وچ ۾ سلطان محمود پنھنجي ناٺي شيخ شجاع بخاريءَ هٿان زهر ملڻ ڪري فوت ٿي ويو. هن موقعي تي سلطان محمود جي والدہ عقلمندي ڏيکاري شھزادي حسين کي نئون حاڪم مقرر ڪرايو ۽ مخدوم زادي شيخ بھاؤالدين جي هٿان شاھہ حسن سان معاهدو ڪرايو، جنهن موجب طئہ ٿيو تہ آئيندي بکر ۽ ملتان جي حد گهارو واھہ ٿيندي. مخدوم صاحب کي نذر نياز ڏئي ارغون اچ جي قلعي ڏانهن موٽي آيا. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 194-195)
اُچ جي قلعي کي نئين سر اڏڻ جو حڪم ڏنائون. ايتري ۾ سلطان محمود جي هڪ ملازم دلاور قلعي جي فتح ڪرڻ جي ترغيب ڏياري، جتي غازي خان حاڪم هو ۽ هن قلعي ۾ ڏوڪڙ پيسو ۽ اناج جام پيل هو. غازي خان، ارغون حاڪم جي حڪم تي ڌيان نہ ڏنو. ان ريت دلاور تي حملو ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين ۾ زبردست جنگ ٿي. آخرڪار ارغونن حاوي ٿي خوب ڦرلٽ ۽ قتلام ڪرايو. سون، ڏوڪڙ پئسو ۽ اناج هٿ ڪري تقسيم ڪيائون. بادشاھہ بکر پهچي شادمانا ڪيا. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 196-197)
سن 1526ع جي آخر ۾ لنگر خان بکر پهچي، ملتان جو حال احوال ڏنو، جتي شھزادي حسين لانگاھہ جي حڪومت هئي. مرزا کي ٻڌايو ويو تہ حسين ننڍي عمر هجڻ سبب اميرن ۽ عورتن جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي ۽ اتي حڪومت نالي ڪا بہ شيءِ وجود نہ ٿي رکي. مرزا ملتان طرف مارچ جو حڪم ڏنو. حسين لانگاھہ ملتان جي شيخ اسماعيل قريشيءَ کي صلح لاءِ موڪليو، پر ارغونن ٺاھہ قبول نہ ڪيو. حسين لانگاھہ وري بہ مختلف طريقن سان صلح لاءِ ڪوشش ڪئي، پر کيس ڪاميابي نہ ٿي. ارغونن ملتان جي قلعي جو گهيرو ڪيو. هي محاصرو هڪ سال تائين جاري رهيو، ان سبب ملتان واسين جي حالت ڏاڍي خراب ٿي. ماڻهو بک مرڻ لڳا. بچيل اناج مان رٻ ۽ شوروو ٺاهي استعمال ڪرڻ لڳا. ڪُتي ٻِلي جي گوشت کي ڇيلي جي گوشت وانگيان کائڻ شروع ڪيائون. هڪ سال جي محاصري کانپوءِ ارغونن 11 ربيع الثاني 933ھہ (15 جنوري 1527ع) تي لوهي دروازو ٽوڙي، قلعي ۾ داخل ٿي ڦرلٽ ۽ قتلام شروع ڪيو. ٻارهن ڏينهن لڳاتار هيءَ حالت رهي. ستن سالن کان ستر سالن جي عمر جي هر مرد کي گرفتار ڪيو ويو. جن ماڻهن مختلف درگاهن ۾ پناھہ ورتي، تن کي ڳولي ڳولي قتل ڪيو ويو. نيٺ شاھہ حسن جي ڪاوڙ ڍري ٿي. سلطان محمود لانگاھہ جو پٽ حسن ۽ ڌيءَ، مسڪين ترخان جي حوالي ڪيا ويا. ڇوڪريءَ سان مسڪين خان جو نڪاح ٿيو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 197-201)
شاھہ حسن: لنگر خان، دوست مير خوار ۽ خواجہ شمس الدين کي ملتان جو انتظام ڏئي بکر هليو آيو. هڪ سال بعد لنگر خان وڃي بابر جي درٻار ۾ پهتو ۽ شاھہ حسن ملتان جو علائقو بابر کي پيش ڪيو.
بابر 26 ڊسمبر 1530ع تي وفات ڪئي. ابتدا ۾ هن کي آگري ۾ دفن ڪيو ويو ۽ پوءِ سندس خواهش موجب ڪابل ۾ کيس هميشہ لاءِ دفن ڪيو ويو. ان بعد دهليءَ جي تخت تي همايون براجمان ٿيو. جيئن مٿي ذڪر ٿيو تہ شاھہ حسن ملتان جي ڪِيس ۽ ڪوس کانپوءِ بکر پهتو تہ ٺٽي مان راءِ کنگهار جي حملي بابت رپورٽ پهتي. راءِ جي سفارت کي ٿڏي ارغون جنگ لاءِ ڪڇ جي حدن ۾ ٽپي ويا. چند ڪلاڪن جي جنگ ۾ ڪڇين کي شڪست آئي ۽ ارغون حاوي ٿيا. ارغون بي شمار قتلام کانپوءِ مختلف ڳوٺن ۾ ڪاهي پيا. اٺ، ڍور، ڍڳا، گهوڙا ۽ ٻيو چوپايو مال هٿ ڪري ٺٽي موٽيا. پنهور صاحب جو رايو آهي تہ هي جنگ 1527ع ۾ ٿي گذري. ڪڇي گوريلا جنگ وڙهيا ۽ ارغونن کي سواءِ ڦرلٽ جي ٻيو ڪجهہ بہ حاصل نہ ٿيو.
همايون 942ھہ/ 1535ع ۾ گجرات پهتو، تڏهن مرزا شاھہ حسن لاءِ فرمان پهتو تہ هو هڪدم مدد لاءِ گجرات پهچي. مرزا گجرات جي پٽڻ شھر پهچي گجراتين کي گهڻو ڊيڄاريو، ڦريو ۽ خون خرابو ڪيو. لٽ جي مال مان ڍؤ کڻي ڪيائون. آخرڪار اميرن جي صلاح بيٺي تہ همايون کي پيغام موڪلجي تہ ٺٽي ۽ بکر ۾ فساد جون خبرون اچي رهيون آهن. ان سبب اوڏانهن وڃڻ ضروري آهي. ان ريت وفاداريءَ جو يقين ڏياري پاڻ پنھنجي ملڪ ڏانهن موٽي هلون. اسان جي عافيت ان ۾ آهي تہ بادشاھہ کي پاڻ ڏيکارڻ کان سواءِ ٺٽي ڏانهن واپس ٿجي. اهو واقعو 943ھہ جي شروعات (1536ع) ۾ ٿي گذريو آهي. (هسٽري آف دي ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ، ص: 72-76)
محرم 947ھہ/ مئي 1540ع ۾ همايون، شير شاھہ کان شڪست کاڌي ۽ هن جو لشڪر ميدان جنگ ڇڏي وٺي ڀڳو. جمادي الثاني 947ھہ/ آڪٽوبر 1540ع ۾ همايون ۽ هن جا ڀائر لاهور ۾ هئا، تڏهن شير شاھہ بہ سندن پيڇو ڪيو. مغلن جي فوج ۾ وڙهڻ جي همت نہ هئي ۽ نہ وري هن مصيبت جي وقت ڀائر اتحاد ڪرڻ لاءِ تيار هئا. آخرڪار رجب 947ھہ/ نومبر 1540ع تي همايون سنڌ ڏانهن اچڻ جو فيصلو ڪيو. شاھہ حسن ارغون کي هيءَ خبر پهتي تہ هن ابتدا ۾ اُچ کان بکر ۽ پوءِ سيوهڻ تائين، درياھہ جي ٻنهي طرفن ويراني ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڳوٺ، شھر ۽ آباديون سڀ ويران ڪيا ويا. ٻٻرلوءِ جو ’چهار باغ‘ نهايت خوبصورت هو، ان کي بہ برباد ڪيو ويو. ان ريت همايون لاءِ ڪا بہ سٺي جاءِ نہ ڇڏي وئي، جتي هو آرام سان رهي سگهي. ارغونن هر طرح سان همايون کي پريشان ڪيو. انتظاميا جي هر عملدار کي عدم تعاون لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا. اچ، بکر، روهڙي، درٻيلو، سيوهڻ ۽ پاٽ، همايون دربدر رلندو ڀٽڪندو رهيو. ان حالت ۾ کيس ڀائر تہ ڇڏي ويا، مگر سپاهي بہ هڪ هڪ ٿي ڇڏيندا ويا. ان دور ۾ پاٽ ۾ علي اڪبر جاميءَ جي ڌيءَ حميدہ بانو بيگم سان هن جو نڪاح ٿيو. شادي ابتدا جمادي الاول 948ھہ (سيپٽمبر 1541ع) ۾ ٿي. (همايون نامه، ص: 151، انگريزي ڇاپو) هن کانپوءِ همايون اُچ کان ٿيندو بيڪانير ۽ جيسلمير جي رستي کان 10 جمادي الاول 949ھہ/ 22 آگسٽ 1542ع تي عمرڪوٽ پهتو. راڻي بيرسال هن جي آجيان ڪئي ۽ بادشاهي حرم لاءِ قلعي جو وچ خالي ڪري ڏنو، جتي شھزادي جلال الدين محمد اڪبر 5 رجب 949ھہ/ 15 آڪٽوبر 1542ع تي حميدہ جي پيٽ مان جنم ورتو. (رائچند هريجن: تاريخ ريگستان، ڀاڱو پهريون، ص: 126) بادشاهي لشڪر ۽ شاھہ حسن جي فوج جي وچ ۾ جوڻ وٽ چڪريون لڳنديون رهيون. محرم 950ھہ برابر اپريل 1543ع ۾ بيرم خان گجرات جي رستي سنڌ ۾ داخل ٿيو. همايون سان ملاقات ڪري صلح جون ڳالهيون هلايائين. آخرڪار 7 ربيع الثاني 950ھہ/ 15 جولاءِ 1543ع تي همايون جوڻ کان پل ٽپيو ۽ 9 تاريخ لشڪر وٺي قنڌار روانو ٿي ويو. لڳ ڀڳ ٽي سال همايون سنڌ ۾ رهيو. سنڌي عوام توڙي حاڪمن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. سنڌ جي مشڪلاتن جو اهو هڪ منفرد باب آهي. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 221)
همايون جي رخصت ٿيڻ کانپوءِ ٻہ مکيہ واقعا ٿيا. ملتان جي ڀٽڪندڙ شھزادي بخشو لانگاھہ بکر تي حملي جي تياري ڪئي، مگر کيس ناڪامي ڏسڻي پئي. مرزا ڪامران، مختلف اميرن جي معرفت مرزا شاھہ حسن جي نياڻيءَ سان نڪاح جي خواهش ڪئي، جيڪا قبول ٿي. شادي پاٽ ۾ ٿي گذري.
مرزا شاھہ حسن جي سڄي زندگي وڙهندي، ماريندي، قتل ڪندي ۽ ڦرلٽ ڪندي گذري. ليڪن حياتيءَ جا آخري ٽي ورهيہ (960ھہ/ 1552ع کان) فالج جي بيماريءَ ۾ رهيو ۽ ان ريت هڪ قيديءَ واري زندگي بسر ڪيائين. طبيبن جي هدايت موجب گهڻو وقت ٻيڙيءَ ۾ رهندو هو. هيءَ حالت ڏسي ارغونن ۽ ترخانن بغاوت شروع ڪئي. مرزا کي پٽ نہ هو، جو هن جو جاءِ نشين بنجي. هن وقت سوال سنڌ جي وراثت جو هو. ان پسمنظر ۾ مرزا مقامي ماڻهن ڏي نهاريو. ٺٽي تي عربي ڳاهو مقرر ٿيو، هن قدم ويتر معاملي کي منجهائي ڇڏيو. ترخان امير پاڻ ۾ وڙهندا رهيا ۽ هڪ ٻئي جو خون وهائيندا رهيا. عربي ڳاهو بہ مارجي ويو. شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ ڪن ٻين وچ ۾ پئي ٺاھہ ڪرايو. مطلب هو تہ مرزا جي مئي کانپوءِ سنڌ جا ٻہ حصا ٿيندا: بکر تي سلطان محمود ۽ ٺٽي تي عيسيٰ ترخان حڪومت ڪندا. (تاريخ معصومي، ص: 225-236) ظاهر ۾ تہ مرزا فالج جو مريض هو، پر ترڪ امير ۽ سياح سيدي علي رئيس جو خيال آهي تہ هن جو موت پنھنجي زال ماھہ بيگم هٿان زهر ڏيڻ سبب ٿيو هو. رئيس، مرزا شاھہ حسن جي تڪليفده حالتن جو اکين ڏٺو شاهد آهي. (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص: 367-408) مير معصوم موجب شاھہ حسن ارغون 12 ربيع الاول 962ھہ (4 فبروري 1555ع) تي وفات ڪئي. (تاريخ معصومي، ص: 233) ليڪن ترڪ سياح سيدي علي رئيس، جيڪو ان وقت ٺٽي ۾ موجود هو، ان موجب مرزا 01 اپريل 1555ع (09 جمادي الاول 962ھہ) تي وفات ڪئي. (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص: 398-399) مرزا شاھہ حسن ارغون سيوهڻ جي ڀرسان علي پوٽه ۾ وفات ڪئي. سندس عمر 66 سال ٿي. هن لڳ ڀڳ ٽيھہ سال سنڌ تي حڪومت ڪئي، جا يقيناً ظلم ۽ وحشت سبب تاريخ جي صفحن تي ڪارو داغ آهي. ابتدا ۾ هن جو لاش ٺٽي ۾ ۽ پوءِ مڪي شريف موڪليو ويو، جتي کيس پڻس شاھہ بيگ جي پهلوءَ ۾ پوريو ويو.
ترخانن جي حڪومت:
مرزا شاھہ حسن جي موت (962ھہ/ 1555ع) کانپوءِ جيئن مٿي ذڪر ٿيو، سنڌ جو ملڪ ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويو. ٺٽي ۾ مرزا عيسيٰ ترخان جو راڄ قائم ٿيو ۽ بکر ۾ سلطان محمود خان حاڪم بنيو. ارغونن پنجٽيھہ سال سنڌ تي راڄ ڪيو. هي ملڪ ظلم ۽ وحشت جي دور مان گذريو. ليڪن شاھہ حسن جي وفات کانپوءِ، سنڌ جي وحدت ختم ڪئي وئي. ظلم ۽ ستم جا نوان ڏينهن ڏسڻا پيا. سنڌي ماڻهو عجيب نفسانفسيءَ واري ڪيفيت مان گذريا.
سلطان محمد بکري: مرزا شاھہ حسن جي موت وقت سلطان محمود، علي پوٽن ۾ موجود هو. جڏهن مرزا جو لاش ٺٽي ڏانهن کنيو ويو، تڏهن محمود تڙ تڪڙ ۾ بکر ڏي روانو ٿيو. ان کانپوءِ لڳ ڀڳ ويھہ سال پاڻ اتر سنڌ جو حاڪم ٿي رهيو.
هن دور ۾ سلطنت هند ۾ ڪجهہ مکيہ واقعا ٿي گذريا، جن اڳتي هلي سنڌ تائين پنهنجا اثر پکيڙيا. همايون جيڪو سنڌ مان (1543ع) ايران هليو ويو، سو وڏيءَ همت سان واپس هندستان جي حدن ۾ داخل ٿيو. هن 23 جولاءِ 1555ع تي وري دهليءَ جو تخت سنڀاليو ۽ ان ريت مغل شهنشاهت بحال ٿي وئي. ليڪن هن ڀيري وري موت هن کي مهلت نہ ڏني. بادشاھہ شام جي وقت ڪتبخاني مان هيٺ ايندي، ڏاڪڻ تان ڪِري پيو ۽ 26 جنوري 1556ع تي وفات ڪري ويو. جيتوڻيڪ مغلن جو هندستان ۾ قائم رهڻ هڪ وڏو سوال بنجي ويو، تڏهن بہ ننڍڙو شھزادو اڪبر 14 فبروري 1556ع تي هند جو نئون بادشاھہ ٿي ويو. اڪبر وڏيءَ همت سان بادشاهي ڪئي (دي لائيف اينڊ ٽائمس آف همايون، ص: 352، ص: 365- 367) ۽ برصغير جي ڳچ حصن کي مغليه سلطنت سان ملايو.
سلطان محمود خان، مير فاضل جو پٽ هو. چوڏهن سالن جي عمر ۾ شاھہ بيگ جو ملازم ٿيو. ارغونن جي حملن وقت سنڌ ۾ موجود هو. ارغونن جي فتح کانپوءِ جيڪا ٻاهرين لوڌ سنڌ ۾ پهتي، ان ۾ مير فاضل ۽ اُن جا پٽ بہ هئا. شروع کان ئي هي بکر جو حاڪم رهيو. ڏهرن، ماڇين، ڌاريجن ۽ مختلف بلوچ قبيلن کي چيڀاٽڻ ۾ هي سڄو خاندان سرگرم رهيو. محمود جا ٻہ ڀائر، بابا احمد ۽ عبدالفتاح، انهن معرڪن ۾ ڪتب آيا (ذڪر مٿي اچي چڪو آهي). گجرات ۽ ڪڇ جي مهمن ۾ شاھہ بيگ سان شريڪ رهيو. همايون جڏهن سنڌ ۾ هو، تڏهن وڏي آزمائش ۾ اچي ويو، ان هوندي بہ شاھہ حسن ارغون جو وفادار امير رهيو. جداگانه حاڪم طور هو بکر ۾ ويھہ سال برسر اقتدار رهيو. ڪن مکيہ ڳالهين جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
محمود جڏهن بکر روانو ٿيو تڏهن واٽ تي سيوهڻ تي قبضي جي ڪوشش ڪيائين، ليڪن اتي موجود ترخاني اميرن خيال ڪيو تہ بکر محمود کي ۽ ٺٽو ميرزا عيسيٰ ترخان کي مليو آهي، ڇو نہ اسين وري سيوهڻ تي قبضو ڪريون. سلطان محمود جي سيوهڻ جي قبضي جي ڪوشش ناڪام ٿي ۽ مجبور ٿي اچي بکر پهتو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 235) بکر پهچي انتظام کي نئين سر سُڌارڻ تي توجھہ ڏنائين. سمن ۽ بلوچن جي تحريڪن کي روڪيائين ۽ ويران ٿيل بکر ۽ ماٿيلي جي تعلقن کي آباد ڪيائين. مير معصوم لکيو آهي تہ اهڙو تہ انتظام رکيائين جو وري ڪا بہ بغاوت نہ ٿي.
محمود بکري پنھنجي حاڪميت جي دور ۾ ڪڏهن بہ سُک نہ سُتو. سندس ٺٽي جي حاڪم مرزا عيسيٰ ترخان سان لاڳيتي دشمني برقرار رهي. سن 964ھہ/ 1556ع ۾ عيسيٰ بکر ڏانهن ڪاهي آيو. ٻنهي ڌرين ۾ پندرهن ڏينهن لڙائي ٿيندي رهي. محمود قلعي کان ٻاهر نہ نڪتو، هن جنگ ۾ گهڻو جاني نقصان ٿيو. جنهن بہ ڌر جو ماڻهو ٻيءَ ڌر کي هٿ لڳو، ان کي قتل ڪيو ويو. ان وچ ۾ ٺٽي تي پورچوگيزن جي حملي جو ٻڌي مرزا عيسيٰ بکر مان واپس هليو ويو ۽ ائين هي خون خرابو ڪنهن بہ مقصد کي ماڻي نہ سگهيو. هيءَ خبر ٻڌي محمود بکري سيوهڻ تائين اچي ڦرلٽ ڪئي ۽ ملڪ کي ويران ڪيو. نيٺ سيد مير ڪلان جي سفارش تي وڌيڪ برباديءَ کان هٽي ويو. محمود درٻيلي ۾ هو تہ شيخ عبدالوهاب پوراني ترخانن پاران صلح جو پيغام کڻي آيو ۽ ٻنهي ڌرين ۾ نوان عھد ڪيا ويا. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 264-265)
سن 965ھہ/ 1557ع ۾ بيرم خان جي هڪ مائٽياڻي گوهر تاج خانم بنت شاھہ تردي بيگ، سلطان محمود جي نڪاح ۾ آئي. هن سال ۾ اُچ ۽ ڀُٽه واهڻ کي بہ بکر جي قبضي ۾ آندو ويو. ورندڙ سال ۾ محمود سيتپور روانو ٿيو، جتي خان ناهر سان ڏيتي ليتيءَ جي معاملي تي دنگل ڪيائين. ڪجهہ معتبر اميرن وچ ۾ پئي صلح ڪرايو. 966ھہ/ 1558ع ۾ بيرم خان جي بکر پهچڻ جو اطلاع آيو. هيءَ خبر ٻڌي محمود ٻٻرلوءِ جي چهار باغ کي ويران ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هيءَ خبر جڏهن بيرم خان تائين پهتي تہ هن سنڌ بجاءِ گجرات جو رخ رکيو. (هسٽري آف دي ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ، ص: 157-158)
سلطان محمود ۽ مرزا عيسيٰ ڪڏهن بہ دوست نہ ٿي سگهيا. 968ھہ/ 1560ع ۾ مرزا عيسيٰ جو پٽ محمد باقي بغاوت ڪري والد ۽ ڀائرن کان جدا ٿي اچي بکر پهتو. محمود هن کي پناھہ ڏني ۽ هر طرح سان آجيان ڪئي، 970ھہ/ 1562ع ۾ مرزا عيسيٰ ترخان جو پيارو پٽ محمد صالح ٺٽي ۾ مارجي ويو، تڏهن معتبر اميرن کي موڪلي صالح جي موت تي تعزيت ڪيائين ۽ محمد باقيءَ جا گناھہ معاف ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪيائين. 973ھہ/ 1565ع ۾ ارغونن، مرزا عيسيٰ سان بغاوت ڪئي. فسادين کي مرزا باقي ترخان منهن ڏنو. ڪجهہ ماڻهن ڀڄي اچي سلطان محمود وٽ پناھہ ورتي. ڪجهہ مهينن کانپوءِ باغين کي تيار ڪري، سيوهڻ جي محاصري لاءِ روانو ڪيائين، جن کي پوءِ مرزا عيسيٰ پاڻ اچي ڀڄايو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 267- 269) سن 973ھہ/ 1565ع ۾ مرزا عيسيٰ ترخان طبعي موت مئو. پوءِ ٺٽي تي سندس پٽ مرزا محمد باقي ترخان حڪومت تي ويٺو. (مڪلي نامه، ص: 547)
مرزا عيسيٰ جو فڪر تہ لٿو، مگر ٻيو هڪ خوف هو، جنهن سبب سلطان محمود جي پريشانيءَ ۾ هر ايندڙ ڏينهن تي واڌارو ٿي رهيو هو. اهو خوف مغلن جي توسيع پسند پاليسيءَ جو هو. جلال الدين محمد اڪبر تيزيءَ سان برصغير جي مختلف علائقن کي فتح ڪري پنھنجي بادشاهيءَ کي وڌائي رهيو هو. سلطان محمود ابتدا ۾ همايون کان ڊنل رهيو ۽ پوءِ اڪبر جي وڌندڙ طاقت کيس ڊيڄاريندي رهي. همايون معزوليءَ جي دور ۾ سنڌ ۾ هو، تڏهن سلطان محمود کيس گهڻو رنجايو هو. هاڻي زمانو تبديل ٿي چڪو هو. نہ شاھہ حسن دنيا ۾ موجود هو ۽ نہ وري هندستان ۾ ڪمزور مغل براجمان هئا. ان پسمنظر ۾ هن بيرم خان جي هڪ ويجهي مائٽياڻيءَ سان شادي ڪئي. پاڻ کي بچائڻ لاءِ محمود ايران جي درٻار سان بہ سٺا تعلقات قائم ڪيا. ٻہ ڀيرا سفيرن ۽ سوکڙين جو تبادلو ٿيو. ايراني درٻار مان سلطان محمود کي ’خاني‘ ۽ ’خان خاني‘ جا خطاب پڻ مليا. (ڳالهيون منهنجي سنڌ جون، ص: 148-161) ان وقت ايران ۾ شاھہ طهماسپ صفوي برسر تخت هو، جنهن همايون کي تخت حاصل ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي هئي. (تاريخ ايران، جلد دوم، ص: 325) بکر جي حاڪم، شاھہ طهماسپ جي توسط سان اڪبر کان خانخانان جو لقب حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ليڪن اڪبر، شاھہ جي اهڙي درخواست قبول نہ ڪئي.
سلطان محمود 84 سال عمر ماڻي. هن آخري ڏينهن پريشاني ۽ انتشار ۾ گذاريا ۽ 8 صفر 982ھہ/ 30 مئي 1574ع تي وفات ڪئي. کيس پٽاڻو اولاد نہ هو. ان ڪري سندس موت کانپوءِ بکر جو حصو مغليه سلطنت ۾ شامل ٿي ويو، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو.
مرزا عيسيٰ ترخان: شاھہ حسن جي وفات (962ھہ/ 1555ع) کانپوءِ ٿيل ٺاھہ موجب مرزا عيسيٰ ترخان ٺٽي ۾ حڪومت سنڀالي. ڪجهہ وقت بعد شاھہ حسن جي بيواھہ ماھہ بيگم سان نڪاح ڪيائين. (ماھہ بيگم جو هي ٽيون نڪاح هو. شاھہ حسن کان اڳ هن قاسم ڪوڪي سان شادي ڪئي هئي.) سيد علي رئيس جي تحرير مان اندازو ٿئي ٿو تہ شاھہ حسن جو موت زهر وگهي ٿيو هو. زهر مرزا کي عيسيٰ ترخان ۽ ماهم بيگم جي صلاح سان ڏنو ويو هو. (ٽريولس آف اين ايڊمرل، ص: 40) مرزا عيسيٰ بہ انهن اميرن ۾ شامل هو، جن ارغونن جي سنڌ تي حملي ۽ فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. جنهن وقت شاھہ حسن ملتان جي فتح لاءِ ويل هو، تڏهن ڪڇ جي امر امراڻيءَ سنڌ تي يلغار ڪئي. جيسين شاھہ حسن ٺٽي پهتو، اُن کان اڳ مرزا عيسيٰ وڏيءَ همت سان ڪڇي لشڪر کي منهن ڏنو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 249) شاھہ حسن جي آخري دور ۾ هن بغاوت جو علم بلند ڪيو. آخرڪار ڌرين جي وچ ۾ پوڻ سان صلح ٿيو ۽ سنڌ جي تقسيم ٿي. مرزا عيسيٰ ۽ سلطان محمود جي درميان باهمي چپقلش، سنڌ جي اقتدار جي سوال تي پيدا ٿي، جيڪا ختم نہ ٿي سگهي. ٻنهي حاڪمن جي وچ ۾ ڪيترا ڀيرا جنگيون ٿيون، جن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. هڪ اهم واقعي جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو:
ربيع الثاني 963ھہ/ فبروري 1556ع ۾ مرزا عيسيٰ ترخان، پنھنجي وڏي مخالف سلطان محمود کي نابود ڪرڻ ۽ بکر جو ملڪ فتح ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. ان مقصد لاءِ هن گوئا ۾ موجود پورچوگيزن کي فوجي مدد لاءِ پڪاريو. عيسيٰ پورچوگيزن جو انتظار ڪرڻ بغير لشڪر وٺي بکر هليو آيو، جتي پندرهن ڏينهن جنگ هلندي رهي. ان وچ ۾ پورچوگيز ٺٽي پهتا. مرزا عيسيٰ کي ٺٽي ۾ موجود نہ ڏسي پورچوگيزن ماڻهن کي ڦريو، شھر کي باھہ ڏني ۽ وڏي تعداد ۾ خلق کي قيدي بنايو.
هڪ ٻئي مؤرخ هن واقعي جو ڪجهہ وڌيڪ ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو تہ ”ملڪ کي مالڪ کان خالي ڏسي، شھر ۾ گهڙي پيا ۽ جمعي جي ڏينهن نماز وقت جامع مسجد فرخ جي ڀر وارو شھيدن جو گنج خواھہ ٻين متفرق جاين تي جيڪي شھيدن جون مزارون آهن، سي انهيءَ واقعي جون نشانيون آهن.“ (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 249، تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 172)
مرزا عيسيٰ کي جنهن اهم مسئلي سان منهن ڏيڻو پيو، اهو هو پٽن جو معاملو. مرزا پنھنجي وڏي پٽ مرزا باقي ترخان بجاءِ صالح ترخان کي ولي عھد مقر ڪيو، جيڪو عمر ۾ ننڍو هو. ان ڳالھہ تان محمد باقي ۽ صالح ترخان ۾ 967ھہ/1559ع ۾ جنگ ٿي. صالح سوڀارو ٿيو ۽ باقي خان ترخان شڪست کائي، مختلف رستن کان ٿيندو، بکر ۾ سلطان محمود وٽ اچي پهتو. باقيءَ جو ارادو هو تہ پاڻ هندستان هليو وڃي، ليڪن محمود ائين ڪرڻ نہ ڏنس ۽ پاڻ وٽ رهائي سندس دلجوئي ڪيائين. ان دوران 970ھہ/ 1562ع ۾ مرزا صالح ترخان کي ٺٽي ۾ مريد نالي هڪ شخص قتل ڪيو. هيءَ خبر بکر پهتي تہ سلطان محمود تعزيت واسطي ڪجهہ امير ٺٽي روانا ڪيا. مرزا محمد باقيءَ کي سفارشي خط سان گڏ ٺٽي موڪليائين. مرزا عيسيٰ اها درخواست قبول ڪري ورتي. مرزا عيسيٰ کي حياتيءَ جي آخر ۾ ترخانن جي بغاوتن کي بہ منهن ڏيڻو پيو. مرزا عيسيٰ جي وفات جي تاريخ ۾ اختلاف آهي. مير معصوم 974ھہ لکيو آهي. (تاريخ معصومي، ص: 252) سيد مير محمد بہ ساڳيو سال لکيو آهي. (ترخان نامه، ص: 39) تحفة الڪرام ۾ سن 980 لکيل آهي (ص 173)، جيڪو بنھہ غلط آهي. البت پير حسام الدين راشديءَ، قبر جو مطالعو ڪري لکيو آهي ته، مرزا عيسيٰ سن 973ھہ/ 1565ع؟ ۾ مري ويو. (مڪلي نامو، ص: 547) مرزا عيسيٰ جي وفات جو درست سال اهو ئي آهي.
مرزا محمد باقي خان:
مرزا عيسيٰ ترخان ابتدا ۾ صالح ترخان کي ولي عھد نامزد ڪيو، جنهن کي مريد نالي هڪ شخص قتل ڪيو. ان کانپوءِ عيسيٰ آخري وقت ۾ جان بابا کي نامزد ڪرڻ گهريو ٿي، ليڪن عيسيٰ کي پنھنجي زال ماھہ بيگم ائين ڪرڻ نہ ڏنو. ماھہ بيگم چيو تہ محمد باقي سندس وڏو پٽ آهي، ان صورت ۾ ائين ڪرڻ درست نہ آهي. مرزا عيسيٰ کيس چيو تہ محمد باقي ظالم شخص آهي ۽ تون بہ هن جي ظلم کان بچي نہ سگهندينءَ. مرزا باقي سيوهڻ ۾ هو، جو کيس والد جي وفات جو اطلاع ڏنو ويو. جڏهن هو سيوهڻ مان پهتو، تڏهن مرزا عيسيٰ جو ڪفن دفن ٿيو. ان بعد مرزا محمد باقي ترخان ٺٽي جو حاڪم بنيو.
مرزا باقي والد جي وقت ۾ سلطان محمود وٽ پناھہ ورتي هئي، تڏهن بہ حڪومت جو ڪاروبار سنڀاليندي بکر جي حاڪم سان دشمني برقرار رکيائين. سلطان محمود جي وفات (982ھہ/ 1574ع) تائين ٻئي حڪمران هڪ ٻئي سان وڙهندا رهيا. محمود اڪثر موقعن تي سيوهڻ، نصرپور ۽ ٺٽي تائين حملا ڪيا ۽ مرزا باقي ترخان مڙسيءَ سان کيس منهن ڏنو. بادشاھہ اڪبر رجب 974ھہ/ فبروري 1567ع ۾ لاهور ۾ هو، تڏهن باقي ترخان سفارت موڪلي وفاداري ڏيکاري ۽ درخواست ڪئي تہ بکر جي حاڪم کي روڪيو وڃي، جو اسان جي حدن ۾ قنڌار جي قزلباشن جي مدد سان ڦرلٽ ڪري رهيو آهي. مرزا باقي ۽ مرزا جان بابا (ڀائر) پاڻ ۾ نہ ٺهندا هئا. سلطان محمود هن صورتحال جو خوب فائدو ورتو. جان بابا کي ڀاءُ جي برخلاف ڀڙڪائيندو ۽ مدد ڏيندو رهيو. آخرڪار جان بابا جي هٿان مرزا باقيءَ جي زال پڻ مارجي وئي. مؤرخن ان جو نالو رايحه بيگم لکيو آهي.
مرزا باقي ابتدا ۾ تہ ارغونن کي زباني تنبيھہ ڪئي، ليڪن جڏهن ڏٺائين تہ معاملو ائين نہ سڌرندو تڏهن باغين جي قتل عام جو حڪم ڏنائين. مير معصوم لکيو آهي ته، تنهنڪري ملڪ جو سڌارو ۽ انتظام سندن برباديءَ ۾ ڏسي هن جي ڪاوڙ ۽ سياست جي باھہ ڀڙڪو کاڌو ۽ سندن بربادي ۽ پاڙون پٽڻ جي پويان پئجي، سندن ماڻهن جي قتل ۽ مال ڦرڻ جو حڪم جاري ڪيائين. اهو پڻ حڪم ڪيائين تہ سنڌي ۽ ميربحر ماڻهو سندن ٻار ٻچا لٽي، جيئن وڻين تيئن ڪن. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 253) ان ريت مرزا باقي خون خرابي طرف وڌيو. هن مقصد لاءِ ٻہ خاص جلاد: هوٿي ۽ نوٿي مقرر ڪيائين. ڪجهہ ماڻهن جو ذڪر ڪجي ٿو، جي سندس حڪم سان ماريا ويا. مرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين کي وقت جي ڀلاري سيد عليءَ جي ذريعي صلح لاءِ گهرايائين ۽ پوءِ ٻنهي کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. گهرو لڙاين ۾ فقير محمد ترخان ۽ سلطان محمد ترخان پڻ مارجي ويا. مرزا عيسيٰ، آخري وقت ۾ جان بابا کي ولي عھد ڪرڻ گهريو ٿي. مگر ماھہ بيگم مرزا باقيءَ جي سفارش ڪئي هئي. مرزا عيسيٰ کيس چيو تہ هو ظالم آهي ۽ تو کي بہ بخش نہ ڪندو. آخر ائين ئي ٿيو. ماھہ بيگم کي جيل ۾ رکي بکن وگهي مارائي ڇڏيائين. هن پنھنجي ڌيءَ (سنڌي بيگم) اڪبر جي نڪاح ۾ ڏيڻ چاهي، ليڪن اڪبر هي رشتو قبول نہ ڪيو ۽ سنڌي بيگم واپس موڪلي ڏني. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 255-256) يادگار مرزا جي زال بيگم بيگي آغا ۽ سندس ٻن معصوم پٽن کي قتل ڪيو ويو. مرزا جي حڪمن تي سندس ڀائٽيي مرزا غالب (جو سندس نياڻو بہ ٿيڻو هو) کي قتل ڪيو ويو. ان کان پوءِ مرزا جي حڪم تي هن جي ڀاءُ مرزا جوهر کي ختم ڪيو ويو، جنهن تي پنھنجي نياڻيءَ جو بهتان مڙهيائين. مرزا ناصر پاڻ کي بيمار ۽ اپاهج ظاهر ڪري پاڻ بچايو. مرزا عيسيٰ ثاني ۽ باقيءَ جي ڀائٽيي شاھہ بابا قتل جي خوف کان ٺٽي مان ڀڄي جان ڇڏائي. مشھور عالم ميرڪ عبدالرحمان پوراني عيد نماز پڙهائي واپس اچي رهيو هو تہ مرزا جي حڪمن تي واٽ تي قتل ٿي ويو. خليل مهردار جي توسط سان ٺٽي جي مشھور معزز خليفي عبدالوهاب عباسيءَ کي پڻ قتل ڪيو ويو. خليفو محمد صادق بہ قتل ٿيو تہ سندس ڀاءُ محمد هاشم وري درياھہ ۾ ٽپو ڏئي مئو. باقيءَ جي حڪمن تي شھر جو مشھور درويش ڀرڪيو لنگ بہ مارجي ويو. (مڪلي نامو، حاشيا، صح 618- 622)
سلطان محمود جي وفات (982ع) کانپوءِ بکر جو ملڪ مغليه حڪومت جي تصرف ۾ آيو. تڏهن ٺٽي جي فتح ۽ باقيءَ جي خاتمي لاءِ پڻ فرمان جاري ٿيو. ليڪن اهو معاملو ڪجهہ وقت لاءِ مهمل ڪيو ويو ٿو ڏسجي. ان وقت غالباً مرزا باقيءَ کي احساس ٿيو تہ بچي ويل ارغونن ۽ ترخانن تي هٿ رکجي. ٽڙيل پکڙيل ماڻهن کي هٿ ڪرائي ٺٽي ۾ آباد ڪيائين ۽ انهن جي گذر سفر جو بندوبست بہ ڪيو ويو. کيس هر وقت مغلن جي حملي جو ڊپ ستائيندو رهيو. گهڻي خون خرابي آخرڪار ٺٽي جي حاڪم کي ديوانو ڪري ڇڏيو. ويهن سالن جي حڪومت کانپوءِ نيٺ پنهنجو پاڻ کي خنجر هڻي پورو ڪيائين. هي واقعو 993ھہ/ 1585ع ۾ ٿي گذريو آهي. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 256) مرزا باقيءَ جي مزار مڪليءَ تي آهي، جنهن تي لڳل وفات جي ڪتبي تي 08 شوال 993ھہ لکيل آهي.
مرزا جاني بيگ ترخان: مرزا باقيءَ جو پٽ پائينده بيگ مجذوب هو، ان صورت ۾ پائينده بيگ جي پٽ مرزا جاني بيگ حڪومت سنڀالي. هو جوان هو ۽ ٻين جي ڀيٽ ۾ بهتر اخلاق جو مالڪ هو. عالمن، مشائخن ۽ فقيرن کي نوازيائين. هن جي وڏن بي انداز دولت گڏ ڪئي هئي، ان کي عزيزن قريبن ۾ تقسيم ڪري سندن دلجوئي ڪيائين. سيد مير محمد معصوم لکي ٿو ته، سنڌ جي مملڪت جا ماڻهو، جيڪي مرزا محمد باقيءَ جي ظلمن کان تنگ ٿي سُک سان نہ سمهي سگهيا هئا، سي هن جوان بخت جي امن و امان واري دَور ۾ راحت ۽ آرام جي ننڊ ستا. (ترخان نامه، سنڌي، ص: 57) مرزا جاني بيگ اڳينءَ حڪومت جي ڪن مکيہ ماڻهن کي عبرتناڪ سزا ڏني. مير علي شير قانع لکي ٿو ته، تڏهن سيکت طور ڪي ظالماڻيون ڪارروايون ڪيائين. خودڪشي ڪندڙ مرزا جي خون جي تهمتين کي درٻار ۾ گهرائي، درياهي آبدار کي ٽوئن ۾ ويڙهي ساڙايائين. توشاخاني جي سنڀاليندڙ جي بدن ۾ ڪرٽ وجهي، کيس مٿي کان پيرن تائين ٻہ ٽڪرا ڪرائي، هر هڪ اڌ کي ذرا ذرا ڪرائي بازار ۽ گهٽين ۾ اڇلارايائين. ڪن هندن کي سنگسار ڪرايائين. ملڪ احمد کي بازار ۾ ويهاري، پيرن کان مٿي تائين سندس کل لهرائي، سندس جسم ٻوٽيون ڪرائي، ڪتن آڏو ڦٽو ڪرايائين. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 185)
مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني)، جيڪو قتل جي خوف کان سميجن ۾ وڃي لڪو هو، تنهن کي ٺٽي گهرائي، جاگير ۽ منصب ڏئي پنھنجي پڦي سندس نڪاح ۾ ڏنائين. سندس ٻئي ڀاءُ مرزا شاھہ بابا کي بہ هندستان وڃڻ کان روڪي، مٿس نوازشون ڪري پنھنجي ننڍي پڦيءَ سان سندس نڪاح ڪرايائين.
مرزا جاني بيگ دارالحڪومت ٺٽي ۾ ضربخانو قائم ڪرايو. کانئس اڳ فرنگي مھر واري اشرفي، تنگي ۽ ڊگهي لاري سڪا مروج هئا. مگر مرزا عيسيٰ ٽامي جو پيسو ايجاد ڪيو هو، جنهن کي ’عيسائي‘ سڏيندا هئا. جاني بيگ انهيءَ کي گهٽائي ’ميري‘ نالو ڏنو ۽ ان جي ماڻ ۾ پڻ گهٽتائي ڪيائين، جنهن مان داناءَ ماڻهن بدفال ورتي ۽ ائين ئي ٿيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 187-188)
ان وچ ۾ اطلاع مليو تہ مرزا جاني بيگ جو چاچو مرزا مظفر بدين ۾ جنگ جي تياري ڪري رهيو آهي. مرزا اميرن کي حڪم ڪيو تہ لڙائيءَ جو سامان گڏ ڪيو، ڇو تہ جيستائين مظفر جو فتنو موجود آهي، ان وقت تائين اسان کان حڪومت جو ڪاروبار نہ هلندو. ٻئي طرف مظفر وٽ ڪڇي راجپوتن جو لشڪر هو. بدين طرف ٻنهي ڌرين ۾ سخت جنگ لڳي. مرزا مظفر هارائي ڪڇ هليو ويو ۽ جاني بيگ بدين ۾ پنهنجو انتظام ٺيڪ ٺاڪ ڪري ٺٽي موٽي آيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 186-187)
مرزا جاني بيگ جي دور جو تمام وڏو ۽ مکيہ واقعو، سنڌ ۾ خانخانان جو اچڻ ۽ ٺٽي جي فتح آهي، جنهن ۾ ٺٽي سميت سڄي سنڌ دهليءَ جي مغل بادشاهت ۾ شامل ٿي وئي.
مير معصوم بکريءَ لکيو آهي تہ اڪبر لاهور ۾ هو (بادشاھہ ڪابل ۽ ڪشمير جي دوري تان وچ 998ھہ/ 1590ع ۾ موٽي لاهور پهتو هو)، جڏهن مرزا جاني بيگ، شاھہ حسن ارغون جي پيرويءَ کان منهن موڙي، بادشاھہ سان پنھنجي دستوري وفاداري نہ ڏيکاري هئي. ان تي بادشاهي جلال جنبش ۾ آيو ۽ عبدالرحيم خان خانان کي ٺٽي جي فتح جو حڪم ڪيو ويو. ان دور ۾ مير معصوم خود بہ درٻار ۾ موجود هو. کيس بہ بکر ۾ پنھنجي ماءُ سان ملڻ ۽ سنڌ جي فتح ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو ويو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 294) صديقي صاحب جو خيال آهي تہ 17 ربيع الاول 999ھہ/ 13 جنوري 1591ع تي خان خانان لاءِ، ٺٽي جي فتح جو حڪم جاري ٿيو. (هسٽري آف دي ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ، ص: 192، حاشيو: 02) سيوهڻ ۽ ٺٽي لاءِ ٻنهي ڌرين ۾ ڏيڍ سال تائين جنگ ٿيندي رهي. جڏهن ڪنهن بہ ڌر کي فتح جي علامت نظر نہ آئي، تڏهن رمضان 1000 ھہ/ جون 1592ع ۾ جنگ بند ٿي ۽ ڌرين ۾ صلح ٿيو. ان کانپوءِ جاني بيگ ۽ خانخانان جي ملاقات ٿي. خان خانان لاهري بندر کان سنڌ جو سمنڊ ڏسڻ ويو. بعد ۾ مرڪز کان حڪم پهتو تہ جاني بيگ کي درٻار ۾ حاضر ڪيو وڃي. دولت خان ۽ خواجہ مقيم کي ملڪ جو انتظام ڏئي، ٻئي امير هندستان لاءِ روانا ٿيا. حڪم موجب جاني بيگ ٻار ٻچا بہ پاڻ سان وٺيو پئي ويو، جن کي پوءِ بکر مان ٺٽي واپس ڪيو ويو. جڏهن ٻئي امير درٻار ۾ حاضر ٿيا (هڪ راءِ آهي تہ حاضري 24 جمادي الثاني 1001ھہ تي ٿي هئي)، تڏهن خان خانان جي سفارش تي جاني بيگ کي شهنشاھہ اڪبر ٺٽي جو ملڪ ۽ پنج هزاري منصب ڏنو. جاني بيگ جي نياڻيءَ جو سڱ شھزادي خسرو سان طئہ ٿيو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 303-304) نئين بندوبست ۾ سيوهڻ کي ڌار شاهي عملدارن جي تحويل ۾ ڏنو ويو ۽ لاهري بندر پڻ شاهي قبضي ۾ ڏنو ويو. خانخانان ۽ جاني بيگ جي لڙاين جو وڌيڪ احوال اڳتي ڏنو ويو آهي.
مرزا جاني بيگ دهليءَ ويندي مُلڪ ۽ ننڍيءَ عمر جي شھزادي غازي بيگ ترخان جي مدد لاءِ، شاھہ قاسم ارغون، خسرو چرڪس، ڀائيخان، عرب ڪوڪه ۽ جمال الدين ديوان مقرر ڪيا، جن ٺٽي اچي ملڪي ڪاروبار کي سنڀاليو. جاني بيگ باقي زندگي شاهي درٻار ۾ رهيو. اڪبر خانديش جي فاروقي بادشاھہ بھادر خان کي ختم ڪرڻ لاءِ پنھنجي سر لشڪرڪشيءَ ۾ شامل ٿيو. ان وقت جاني بيگ بہ ساڻس موجود هو. اسير ڳڙھہ ۽ احمدنگر جي فتح وقت هي غريب الوطن شھزادو سرسام جي مرض ۾ فوت ٿيو. سندس وفات 27 رجب 1009ھہ (فبروري 1601ع) ۾ ٿي. (مڪلي نامه، ص: 519) بادشاھہ جي حڪم موجب خواجہ محمد قور بيگ سندس لاش کڻائي اچي مڪليءَ (ٺٽي) تي، هڪ مشھور رانڪ ۾ دفن ڪرايو، جنهن تي پوءِ مرزا غازي بيگ مقبرو تعمير ڪرايو، جيڪو اڄ بہ موجود آهي.
مرزا غازي بيگ ترخان: سنڌ جي مغليه فتح سان هن خاندان جي انفرادي حيثيت ختم ٿي، ان جي باوجود بہ اڪبر ابتدا ۾ جاني بيگ کي ۽ پوءِ غازي بيگ کي سنڌ جو حڪمران رهڻ ڏنو. سنڌ جي فتح وقت غازي بيگ چئن پنجن سالن جو هو، پر جڏهن غازي بيگ حاڪم بنيو، ان وقت سندس عمر تيرهن چوڏهن سال مس هئي. (مرزا غازي بيگ اور اس کي بزم ادب، ص: 23) ان دور ۾ ٺٽي جا عملدار پنھنجي مضبوط پوزيشن ٺاهي چڪا هئا. هو ڪنهن بہ حالت ۾ هڪ ننڍيءَ عمر واري حاڪم جي تابعداري ڪرڻ لاءِ تيار نہ هئا. مرزا غازي بيگ کي ان صورتحال جو ڀرپور احساس هو. ان ڪري هن پاڻ کي طاقتور حاڪم مڃرائڻ ۽ پراڻن اميرن مان جان آجي ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. نتيجي طور کيس انيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، ڪجهہ مثال ڏجن ٿا.
هن پنھنجي استاد يعقوب علي ڪوڪيءَ جي جاگير کسي ملا يعقوب کي ڏني. عرب ڪوڪه ۽ ڀائيخان کي پوئتي ڌڪڻ لاءِ ابتدا ۾ ڪتن ۽ ڪبوترن جي سنڀاليندڙ شهبازيءَ کي شھباز خان جو خطاب عطا ڪري مدارالمهام بنايائين. پر اُن ڪو ٻوٽو نہ ٻاريو. ان ڪري احمد بيگ کي اهو عهدو ڏنائين، جنهن سھڻي طريقي سان انتظام هلايو. اڳتي هلي کيس احمد سلطان جو لقب ڏنو ويو. مولو هندو، دولت راءِ جو لقب حاصل ڪري، ماليات جو انچارج مقرر ٿيو. ان ريت خودسر اميرن کان جاگيرون کسڻ جو عمل شروع ڪيائين. محمد علي سلطان ڪابليءَ ٺٽي ۾ فساد برپا ڪرايو ۽ پورو شھر بدنظميءَ جي ور چڙهي ويو. مرزا جي ماڻهن وڏيءَ مشڪل سان ان تي ضابطو آندو. مرزا غازيءَ هن صورتحال جو ذميدار خسرو چوڪس کي سمجهي، کيس مارائڻ جو ارادو ڪيو. خسرو کي هن ماجرا بابت مرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) آگاھہ ڪيو. هيءَ خبر جڏهن حاڪم کي پئي تہ عيسيٰ ترخان جي خاتمي جو رٿيائين، ليڪن عيسيٰ سميجن ۾ پهچي جان بچائي.
نئينءَ صورتحال ۾ هڪ ٻئي بااثر امير ابوالقاسم سلطان ولد شاھہ قاسم خان ارغون کي سخت تڪليف ٿي. بيگلارن جون جاگيرون نصرپور ۾ هيون، جيڪي پنھنجي دور جا بي انتها طاقتور جاگيردار هئا. ابوالقاسم ٺٽي ۽ نصرپور جي وچ ۾ سنگين صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. مرزا غازي بيگ لشڪر وٺي پنھنجي سر اچي نصرپور کان نڪتو. جنگ ٿيندي ٿيندي رهجي وئي، جو پوڙهو شاھہ قاسم خان وچ ۾ پيو ۽ ٻنهي ڌرين ۾ صلح ٿيو. ليڪن مرزا غازي بيگ محسوس ڪيو تہ ابوالقاسم اڃا آڻ نہ مڃي آهي. ان ڪري اٽڪل سان کيس گهرائي انڌو ڪرائي ڇڏيائين. (چنيسرنامه، مقدمو سيد حسام الدين راشدي، مختلف صفحا)
مرزا غازي بيگ ننڍي عمر جو ضرور هو، پر عقلمند ۽ باتدبير هو. هي حالتون ڏسي سر ڦريا امير يا تہ سڌري ويا، يا وري ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا. اهي خبرون مرزا عيسيٰ (ثاني) تائين پهتيون تہ سنڌ ڇڏي هندستان هليو ويو. ٻئي طرف مرزا باقيءَ جو پٽ مظفر مرزا بہ ڪڇ ۾ ٽڪيل هو، پر اهو بہ ڪجهہ نہ ڪري سگهيو. ان وچ ۾ اڪبر جي طرفان بابا طالب اصفهاني تحفا تحائف کڻي ٺٽي پهتو. بادشاھہ کيس هدايت ڪئي تہ واپسيءَ ۾ غازي بيگ کي بہ پاڻ سان وٺيو اچي. ان وقت غازي بيگ بغاوتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺٽي کان ٻاهر هو. سن 1011ھہ/ 1602ع ۾ شاهي درٻار ۾ مرزا غازي بيگ لاءِ شڪ شبها پيدا ٿيڻ شروع ٿيا. هن سال ۾ وري ٻيو عملدار خان چغته'>سعيد خان چغته سنڌ لاءِ روانو ٿيو، تہ جيئن حالتن جو روبرو جائزو وٺي ۽ جيترو جلد ٿي سگهي غازي بيگ کي شاهي درٻار پهچائي. سعيد خان جي اچڻ جي اطلاع مرزا کي سخت پريشان ڪيو ۽ هن مجبور ٿي ٺٽي جو انتظام خسرو چرڪس کي ڏنو ۽ پاڻ شھر ڇڏي فتح باغ ۾ رهي سفر جي تياري ڪرڻ لڳو. اهو ئي دور هو، جڏهن سيوهڻ جي گورنر ابوالقاسم نمڪين کي بہ فرمان پهتو تہ مرزا غازي بيگ کي ٺٽي مان ڪڍي شاهي درٻار موڪليو وڃي. (مرزا غازي بيگ اور اسکي بزم ادب، ص: 41-54) مرزا اڃا فتح باغ ۾ هو تہ کيس انڌي ابوالقاسم جي قيد مان ڀڄي وڃڻ جو اطلاع مليو. هن خبر کيس گهڻو پريشان ڪيو. بهرحال عرب ڪوڪه ۽ دريا خان نالي عملدارن وڏيءَ همت سان رستي ويندي، ابوالقاسم کي پڪڙي قابو ڪري ٺٽي آندو. جنهن سان گڏ جعفر خان بہ هو، جيڪو هن معرڪي ۾ مارجي ويو. هن سوڀ تي مرزا کي اطمينان ٿيو ۽ عرب ڪوڪه ۽ دريا خان کي وڏا انعام ڏنائين. (تفصيل لاءِ ڏسو: بيگلار نامه، سنڌي)
ان دور ۾ هڪ ٻي مختصر بغاوت سان بہ منهن ڏنائين. ڪڪرالي جو ڄام هالو ولد ڄام ڏيسر مخالف ٿيو ۽ مرزا جي هڪ جاگيردار کي قتل ڪري ڇڏيائين. مرزا لشڪر وٺي ڄام تي حملو ڪيو. ڄام جو هڪ عزيز ڄام دائود ترخانن جو مددگار ٿيو ۽ مرزا کي پنھنجي ڌيءَ بہ نڪاح ۾ ڏنائين. ڄام هالو ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو. مير علي شير قانع لکي ٿو تہ ڄامن تي سوڀ ٻين ارغون ۽ ترخان حاڪمن کي بہ نہ ٿي هئي. اها خوشي بہ غازي بيگ جي حصي ۾ آئي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 206-208)
هي سڀ مامرا نبيري مرزا غازي بيگ سيوهڻ پهتو، جتان ابوالقاسم نمڪين سان گڏ درٻيلي ۾ اچي سعيد خان سان مليو. مرزا غازي بيگ جي مرضي هئي تہ خسرو چرڪس ساڻس گڏ هلي ۽ احمد بيگ سلطان ٺٽي ۾ ساڻس پاران نيابت ڪري. ليڪن ائين ٿي نہ سگهيو. مجبور ٿي مرزا خسرو کي ٺٽي جو عملدار مقرر ڪيائين ۽ احمد بيگ سلطان کي بہ اتي رهي فوج ۽ مالي مسئلن جي نگرانيءَ جو ڪم ڏنائين. (مرزا غازي بيگ ترخان اور اس کي بزم ادب، ص: 56)
مرزا غازي بيگ 1013ھہ/ 1604ع ۾ درٻار ۾ پهتو. چند مهينا نہ گذريا هئا، جو اڪبر 14 جمادي الاول 1014ھہ/ 17 آڪٽوبر 1605ع تي فوت ٿي ويو. ان بعد جھانگير نئون شهنشاھہ بنيو. نئين بادشاھہ پڻ مرزا غازيءَ جي مرتبي کي برقرار رکيو. جھانگير جي دور ۾ کيس ٺٽي کان سواءِ ملتان بہ جاگير ۾ ڏنو ويو. ليڪن مرزا گهڻو وقت قنڌار ۾ حاڪم رهيو، ۽ اُتي ئي 11 صفر 1021ھہ (مارچ 1612ع) تي فوت ٿيو. هن جو لاش ٺٽي آڻي سندس والد جاني بيگ جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. هن جي موت بابت متضاد رايا ملن ٿا. هڪ راءِ موجب مرزا کي زهر وگهي ماريو ويو. ٻيءَ راءِ آهي تہ مرزا غازي بيگ کي گهٽو ڏئي پورو ڪيو ويو هو. ٽين راءِ موجب گهڻي شراب نوشيءَ جي ڪري، کيس قولنج جو مرض ٿيو ۽ اچانڪ هي فاني جھان ڇڏيائين. (مرزا غازي بيگ ترخان اور اسکي بزم ادب، ص: 108-113)
مرزا جو موت ڪهڙي بہ طريقي سان ٿيو، اُن کان هٽي ڪري اها حقيقت آهي تہ کيس ابتدا کان جيڪي مشڪلاتون درپيش هيون ۽ پاڻ جن اميرن کي نابود ڪرڻ گهريائين ٿي، تن مان بچي ويل هڪ طاقتور امير خسرو چرڪس تي، سندس قتل جو الزام اچي ويو هو. مرزا غازي بيگ جي سنڌ مان نڪري هند پهچڻ ۽ پوءِ قنڌار ۾ مقرر ٿيڻ ۽ آخر ۾ سندس لاش کڄي ٺٽي پهچڻ وارو اهو سمورو عرصو اٺ سال ٿئي ٿو ۽ اهو سڄو وقت خسرو چرڪس ئي اڇي ڪاري جو مالڪ رهيو. مرزا سنڌ کي ڇڏڻ مھل احمد بيگ سلطان کي مقرر ڪيو. ليڪن حالتون ان موڙ تي پهتيون هيون، جو احمد بيگ کي سنڌ ڇڏي ڀڄڻو پيو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 211) خسرو ايترو تہ مضبوط ٿي اُڀريو هو، جو سواءِ نصرپور جي، جتي بيگلارن جي بلي بلي هئي، باقي سڄي ٺٽي صوبي تي پنهنجا عزيز ۽ مٽ مائٽ مقرر ڪيائين. هن جي ظلمن جون شڪايتون قنڌار پهچڻ شروع ٿيون. خسرو لاءِ مشھور آهي تہ هن پنھنجي دور ۾ 360 رفاهي جايون جوڙايون، جن مان اڄ بہ ٺٽي ۾ مسجد دابگير ۽ مڪليءَ تي رانڪ خسرو خان موجود آهن. هن جي علم دوستي بہ تذڪرن ۾ محفوظ آهي. سيد عبدالقادر سنڌ جي اولياءَ ڪرام جو تذڪرو ’حديقة الاوليا‘ سن 1016ھہ/1607ع ۾ لکي سندس نالي منسوب ڪيو هو. ان ڏس ۾ ٻيا بہ ڪي مثال، سندس ادب دوستيءَ جي حوالي سان ملن ٿا. (مڪلي نامه، ص: 214-217)
خسرو چرڪس جون شڪايتون جڏهن وڌنديون ويون، تڏهن مرزا غازي بيگ سندس پاڙ پٽڻ جو فيصلو ڪيو. قنڌار مان ٻہ هندو امير ماڻڪ چند ۽ هندو خان، سنڌ موڪلي کين خسرو جي بيدخليءَ جا حڪم ڏنائين. هي ٻئي امير نصرپور پهچي بيگلارن جي مدد جا خواهان ٿيا. ليڪن بيگلارن جي سڄي همدردي خسروءَ سان هئي. ان ڪري ماڻڪ کي ماري وڌائون ۽ هندو خان کي نظربند ڪيائيون. هي اطلاع قنڌار پهتو تہ مرزا غازي بيگ، ماڻڪ جي پٽ راءِ سنگهہ کي وڏو لشڪر ڏئي سنڌ موڪليو. وڏيءَ ڪوشش سان هندو خان کي ڇڏائي خسرو چرڪس کي ٺٽي مان بيدخل ڪيو ويو. خسرو قنڌار وڃڻ لاءِ هالا پهتو تہ مرزا جي موت جو اطلاع سنڌ پهچي ويو. خسرو ٺٽي پهچي ٻنهي اميرن کي هٽائي مرزا باقيءَ جي پڙپوٽي مرزا عبدالعلي ترخان کي صوبي جو حاڪم مقرر ڪري، وري بہ پاڻ اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ بنجي ويٺو. (مڪلي نامه، ص: 197- 205)
ليڪن ترخانن سان گڏ هاڻي خسرو چرڪس جو دور بہ پورو ٿي چڪو هو. شهنشاھہ جھانگير کي جڏهن هي خبرون مليون، تڏهن هن ٺٽي پرڳڻي کي سڌو پنھنجي قبضي ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو. مرزا رستم صوبي جو گورنر مقرر ٿيو. ليڪن بادشاھہ مير عبدالرزاق معموريءَ کي بخشي بنائي ترت ٺٽي پهچڻ جو حڪم ڪيو. عبدالرزاق ٺٽي پهچي خسرو چرڪس کي پنج صدي منصب جي لالچ ۾ ضابطي ۾ آندو. بعد ۾ مرزا عبدالعلي ترخان ۽ خسرو کي ترخانن جي سڄي فوج سميت، قيد ڪري اجمير پهچايو، جتي مدت کان خود بادشاھہ بہ ٽڪيل هو. مرزا عبدالعلي ترخان کي نورجھان جي سفارش تي ڇوٽڪارو مليو. (مڪلي نامه، ص: 209) خسرو چرڪس کي اجمير ۾ رکيو ويو، جتي هن 1028ھہ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار خواجہ معين الدين چشتيءَ جي مقبري جي ڀرسان موجود آهي. (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، ص: 409-412) هاڻي ٺٽو بہ مغليه سلطنت جي ضابطي ۾ آيو ۽ ترخانن جو ستونجاھہ ساله دور حڪومت پڄاڻيءَ تي پهتو.
خسرو جو هڪ پٽ لطف ﷲ خان (ڀائي خان) گهڻي اهميت رکي ٿو. هو غازي بيگ سان گڏ قنڌار ۾ هو. جڏهن مرزا هن جي والد کي بيدخل ڪرڻ لاءِ فيصلي ڪن قدم کنيا. ان دور ۾ مٿس مرزا کي زهر ڏياري مارڻ جو الزام بہ لڳو. (مڪلي نامه، ص: 224) ان مان اندازو ٿئي ٿو تہ درٻاري سازشون ۽ طاقتور امير، حڪومت ۽ حاڪمن لاءِ ڪيترو نہ نقصانڪار ٿين ٿا. ڀائي خان، جھانگير جي دور ۾ بدستور ملازمت ۾ رهندو آيو.
(مواد تيار ڪندڙ: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو)
وڌيڪ ڏسو : مغلن جو دور حڪومت