
سنڌي ننڍيون ڪهاڻيون
سنڌي ننڍيون ڪهاڻيون (ڪتاب): هي ڪتاب هند جي نامور ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ٺاڪر چاولا جي ڪهاڻين جو چوٿون ڪتاب آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ ’ڪومل‘ ڀاٽيا لکي ٿو تہ: ”عالمي ادب جي بھترين مني ڪهاڻي ٻن سٽن جي آهي جنهن کي سال جي بھترين مني ڪهاڻيءَ جو اوارڊ مليو هو. ڀارتي ساهتيہ ۾ پڻ هنديءَ جي هڪ ڪهاڻيڪار جي ٽن سٽن جي مني ڪهاڻي آهي سنڌي ساهت ۾ ’مني ڪهاڻي‘ ڪجهه دير سان آئي، پر ان جلد ئي ساهتيہ ۾ پنھنجي شناخت ۽ قبوليت قائم ڪري ورتي ٺاڪر چاولا جي دل ڇهندڙ مني ڪهاڻيءَ ۾ اسان جي سماج جا عام خواه خاص مسئلا ۽ ننڍا ننڍا نفسياتي نڪتا، اسان جي نازڪ ۽ نفيس احساسن کي ڇهندا، ذهنن ۾ ڪي ولوڙا وجهندا رهيا آهن. سماجي مسئلن تي لکڻ لاءِ ٺاڪر حقيقت نگاري ۽ ٻوليءَ جي سلامتيءَ کي برقرار رکيو آهي، هن ڪهاڻي بہ ڏني آهي تہ ان جو تجرباتي فارم بہ ڏنو آهي. “
ان کانسواءِ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جو ريڊيائي تبصرو ۽ بنسي خوبچنداڻيءَ جو جائزو ۽ وشنو ڀاٽيه جو ٺاڪر چاولا کان ورتل انٽرويو بہ شامل آهي، ڪتاب ۾ ليکڪ جون ڪل 34 ننڍيون ڪهاڻيون آهن. ڊيمي سائيز جي 120 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ’امرتا آنند پبليڪيشن، ممبئي‘ 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي.