سنڌي ادب ۾ مضمون نگاري : مضمون نثري ادب جي شخصي يا داخلي اهم شاخ يا صنف آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجن ويچارن ۽ جذبن کي اظهار ڏئي ٿو. منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو آهي تہ “ناول ۽ ناٽڪ زندگيءَ جو آئينو آهن تہ شعر ۽ مضمون شاعر يا ليکڪ جي شخصيت جو آئينو آهن.” مضمون کي عربيءَ ۾ ‘مقالمه’، پارسيءَ ۾ ‘مقاله’ ۽ انگريزيءَ ۾ ‘ايسي’ (Essay) چئبو آهي. انگريزي لفظ ‘Essay’، فرينچ لفظ ‘اِسائي’ (Essai) مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ‘ڪوشش يا سعيو’. فرانس جو اديب ‘مانٽين’ (Montaigne) هن صنف جو بانيڪار چيو وڃي ٿو، جنهن پنھنجي پيرسنيءَ ۾، 1571ع ڌاري دنيا کان پاسيرو ٿي، پنھنجي پوريءَ عمر جي مشاهدن جي آڌار تي مختلف موضوع کڻي، اُنهن تي ننڍڙا ننڍڙا شخصي (subjective) مضمون لکيا. ‘مانٽين’ پنھنجي ان قسم جي ڪوشش کي ‘Essai’ نالو ڏنو، جيتوڻيڪ انهيءَ لکت ۾ ڪو فلسفيانه بحث نہ هو، پوءِ بہ سندس انداز بيان ۾ هڪڙي بي ساختگي موجود هئي. فرانس مان اها صنف انگريزي ادب ۾ آئي، جتي ‘لارڊ بيڪن’ (Lord Francis Bacon) ان صنف جو پهريون ليکڪ سڏجي ٿو. سندس مضمونن جو ڪتاب ‘Bacon’s Essays’ سنڌي ٻوليءَ ۾ مرزا قليچ بيگ ‘مقالات الحڪمت’ جي نالي سان ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمونن جي ‘پهرين ڪتابن’ مان چئي سگهجي ٿو. سنڌيءَ ۾ مضمون نگاريءَ جي شروعات: سنڌي ٻوليءَ ۾ جيئن ٻيون نثري ادب جون شاخون/ صنفون گهڻو ڪري ڌرمي، مذهبي، پنگتي ۽ اخلاقي لکڻين سان شروع ٿيون، تيئن سنڌي مضمون نويسيءَ جي شروعات بہ ڌرمي، اخلاقي ۽ سماجي موضوعن سان ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ زالن جي تعليم جي موضوع تي 1862ع ڌاري ‘پڪو پھہ ’ نالي طويل مضمون ڪتابي صورت ۾ لکي جديد مضمون نويسيءَ جي شروعات ڪئي. هن طويل مضمون ۾ زناني تعليم جي فائدي بابت مضبوط دليل ڏنا ويا هئا. مضمون جي عبارت نج ۽ سليس هئي. ديوان صاحب سماج سڌار، اخلاقي ۽ ڌرمي موضوعن تي ٻيا بہ ڪيترا مضمون لکيا. مرزا قليچ بيگ ٻيو اوائلي مضمون نويس آهي، جنهن مذهب ۽ اخلاقي موضوعن سان گڏ فلسفياڻن، زرعي، جاگرافيائي، فطرتي ۽ ٻين موضوعن تي ٻين ٻولين مان مضمون سنڌيءَ ۾ آڻي ۽ ڪي طبعزاد مضمون لکي، سنڌي مضمون نويسيءَ کي گوناگونيت بخشي. مرزا صاحب انگريزي ادب جي مشھور مضمونن جي ڪتاب Bacon’s Essay جو سنڌي ترجمو ‘مقالات الحڪمت’ جي نالي سان 1877ع ۾ سنڌيءَ ۾ شايع ڪيو. مرزا صاحب معياري مضمونن جو ٻيو ڪتاب ‘تھذيب الاخلاق’ (1913ع) شايع ڪيو، جيڪو هڪ چيني عالم جي ڪتاب جي انگريزي ترجمي تان سنڌيءَ ۾ آندو ويو هو. مرزا قليچ بيگ جو اخلاقي مضمونن تي مشتمل ڪتاب ‘خودياوري’ 1901ع ۾ ڇپيو، جيڪو Smile’s Self Help جو سنڌيءَ ۾ ترجمو هو. اهڙيءَ ريت مرزا صاحب ٻين ٻولين مان مضمونن جا ترجما ڪري سنڌي ادب کي مالامال ڪري ڇڏيو، انهن مضمونن ۾ سندس عبارت سليس ۽ عام فھم هئي. سندس ترجمي ڪيل مضمونن جي ڪتابن ۾: ‘علامات الـقـرآن’ (1888ع)، ‘بـاغ ۽ باغبانــي’، ‘حـشـرات الارض’ ۽ ‘زمين پوکـڻ جــو عـلـم ۽ هـنــر’ (1895ع)، ‘ڪيميـائـي سعـادت’ (1901ع)، ‘فـرائـض انساني’ (1904ع)، ‘حـقـائــق الارواح’ (1905ع)، ‘زادالآخــرت’ ۽ ‘حاجتمنديءَ مان طاقت مندي’ (1906ع)، ‘انجيل ۽ اشعارالقرآن’ (1907ع)، ‘آرام مان آرام’ (1909ع)، ‘تحفة النسوان’، ‘علم تصوف ۽ ٿياسافي’ (1912ع)، ‘ايمرسن جا عجيب نڪتا’ (1914ع)، ‘جوانيءَ جو اڪسير’ (1915ع)، ‘قديم سنڌ’ (1921ع)، ‘تحفة اسماعيليه’ (1922ع)، ‘استاد جي قدمن وٽ’ ۽ ‘صلح ڪل جو پيغام’ (1923ع)، ‘جواهر النسان’ (1926ع) وغيرہ اچي وڃن ٿا. ديوان ڪوڙيمل 1905ع ۾ ‘آريہ ناري چرتر’ عنوان سان هڪ بنگالي ليکڪ جي انگريزي ڪتاب جو ترجمو ڪيو، جنهن ۾ آدرشي عورتن جون جيون ڪٿائون اختصار سان ڏنيون ويون. انهن کي ‘سوانحي مضمونن’ (Biographical Essays) ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. ان کانپوءِ ديوان ڪوڙيمل جيون چرتر (سوانح حيات) بابت ٻيا بہ ڌرمي ۽ اخلاقي ڪتاب لکيا، جن ۾ ‘مهاتمائن جا درشن’ (1907ع) ۽ ‘ڀڳتن جون ساکيون’ (1908ع) شامل آهن. ديوان ڪوڙومل سنڌ ۾ برهمو سماج جو مکيہ باني هو. هن ڪيشپ چندرسين جي مشھور ڪتاب ‘نوسنيهتا’ جو سنڌي ترجمو 1905ع ۾ ڇپرايو. بنگالي اڳواڻ ديوندرناٿ ٽئگور (رابندرناٿ ٽئگور جي ڀاءُ) جو ڪتاب ‘روحاني سمجهاڻيون’ (آتمڪ وياکيان) سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري 1930ع ۾ ڇپرايو. ساڳئي دور ۾ هڪ ٻئي عالم ڏيارام گدو مل پڻ نرالي نموني سان مضمونن جي شاخ کي اوج ڏنو. هن اخلاقي ۽ ڌرمي موضوعن سان گڏ اوچ فلسفياڻا ۽ روحاني نُڪتن وارا مضمون لکي، سنڌي مضمون نويسيءَ ۾ اونهائي پيش ڪئي. ويدانت، روحانيت ۽ علم بابت سندس مضمون يگاني حيثيت رکن ٿا. هن 1891ع ۾ ‘جپ صاحب’ ڇپرايو، جنهن ۾ سمجهاڻي ۽ ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏنل آهي. هن ڪتاب جا پنج ڇاپا نڪتا، جن مان ٻئي ڇاپي ۾ جپ صاحب سان ساميءَ جا سلوڪ ڀيٽا طور، چوٿين ۾ ڪبير جا دوها ۽ پنجين ۾ روميءَ جا شعر ڏنائين. 1893ع ۾ ‘شري ڀڳوت گيتا’ ۽ 1903ع ۾ ‘سري يوگ درشن’ ڪتاب ڇپايائين، جن ۾ ويدانت ۽ گيان يوگ بابت ڄاڻ آهي. ان کان سواءِ هـن ‘جــپ صاحـب’، ‘ڀڳـوت گيـتـا’، ‘ڪبـيـر جـا سلـوڪ ســار’ (سمجهاڻيون) بہ ڇپايا. ڏيارام جي 19 صديءَ ۾ لکيل ڪتاب ‘ماءُ ڌيءَ’ جو ٽيون ڇاپو 1906ع ۾ نڪتو، جنهن ۾ 20 اخلاقي مضمون شامل هئا. ديوان جي هڪ ننڍڙي ڪتاب ‘لوڀ جو مهاتم’ (جنهن جو ٽيون ڇاپو 1923ع ۾ ڇپيو) جي مضمونن ۾ مذهبي ڏڻن جي اهميت سمجهايل هئي. هنن ٽن اهم اديبن گويا سنڌي مضمون نويسيءَ جي پيڙھہ رکي ۽ ان جي عمارت کي مٿي کنيو. سندن مضمونن ۾ اوڻيهين صديءَ جي سنڌ جي سماجي، تعليمي، اخلاقي ۽ تهذيبي مسئلن جي اوک ڊوک آهي ۽ مغربي تعليم، سائنس ۽ بنگال جي برهمو سماج، ٻين ترقي پسند ۽ روشن خيال تحريڪن جي اثر هيٺ، عورتن جي تعليم، ٻارن جي پرورش، برابريءَ جي احساس ۽ وهمن ۽ ڀرمن جي مخالفت تي زور ڏنل آهي. انهيءَ عرصي ۾ 1907ع ۾ ديوان ڏيارام وسڻمل ۽ ليلارام پريمچند مضمونن جو هڪ مجموعو ‘گلدستو’ ڇپرايو، جنهن ۾ ‘سرسوتي’، ‘جوت’، ‘اخبار تعليم’ ۽ ‘پرڀات’ تان مضمون چونڊي شامل ڪيا ويا هئا. ترت ئي پوءِ ڀيرو مل مهرچند، لعلچند امرڏنيمل، ڄيٺمل پرسرام ۽ پرمانند ميوارام مضمون نويسيءَ کي برجستگي، وسعت، گوناگونيت ۽ گهرائي ڏني. هنن جي ڪوششن سان سنڌي مضمون سماج سڌار ۽ اخلاق سڌار کان وڌي هڪ وسيع ميدان ۾ داخل ٿيو، جنهن ۾ علم ادب، انسانيت، فلسفي، ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سير سياحت، سنڌ ۽ ڀارت جي قدرتي منظرن، ماڳن مڪانن، ڏيهي جاندارن، پکين، جيتن جڻين جهڙن موضوعن سان گڏ نفسيات، روحانيت وغيرہ جهڙن اهم موضوعن تي مضمون لکيا ويا. هن دور ۾ ليلارام پريمچند، پرنسپال صاحب سنگهہ شاهاڻي، ڏيارام وسڻ مل، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، تيجورام شرما، تولارام ٻالاڻي، پهلاج راءِ واسواڻي، ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي، علي خان ابڙي ۽ ٻين ڪيترن جو سنڌي مضمون نويسيءَ ۾ وڏو حصو رهيو آهي، پر ڀيرومل مهرچند، لعلچند امرڏنومل، ڄيٺمل پرسرام ۽ پرمانند ميوارام اُنهن ۾ اهم جاءِ والارين ٿا، جنهنڪري سنڌي نثر نويسن جي ٻيءَ صف ۾ هنن کي ‘چئن اهم ٿنڀن’ جهڙي حيثيت ملي. انهن ۾ بہ ڀيرومل مهرچند کي جيڪا ڳالھہ نيارو ۽ منفرد ڪري بيهاري ٿي، سا آهي تحقيق ۽ تاريخ طرف سندس سڀاويڪ لاڙو. هونئن تہ ڀيرو مل مذهبي ۽ اخلاقي مضمون بہ لکيا، پر هن تاريخي ۽ تحقيقي مضمونن لکڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، سو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن صديءَ جي شروعات ۾ تيجورام شرما ‘سناتن ڌرم پرچارڪ سڀا ڪراچيءَ’ پاران مذهبي مضمونن تي مشتمل ڪتاب ‘تلسي ڪرت رامائڻ’، ‘مهاڀارت’، ‘ڀڳوت گيتا’، ‘گُرڙ پراڻ’ وغيرہ ڇپايا. ويدانت جي موضوع تي تولارام جو مضمون ’جيءَ اندر جنگ‘ (ڪتاب) 1910ع ۾ ڇپيو. 1911ع ۾ پهلاج راءِ واسواڻيءَ ‘Theosophy for Beginners’ جو ترجمو ‘برهم وديا’ ۽ ڪرشنا مورتيءَ جي ڪتاب ‘Education in Sirvia’ جو ترجمو ‘وديا تہ شيوا’ نالي سان ڇپايا، جيڪي مضمون نگاريءَ جو اهم مثال آهن. لعلچند امرڏنو مل بہ سهڻي، وڻندڙ سنڌيءَ ۾ پڪا پختا مضمون لکندو هو. سندس عبارت سڌي سادي، پر رس ڀري، جذباتي، روحاني ۽ روماني لهجي واري هئي. سندس مضمون جدا جدا اخبارن ۽ ادبي رسالن ۾ ڇپجندا هئا. هن 1911ع ۾ ‘محمد رسول ﷲ’ نالي ڪتاب لکي، ان ۾ پيغمبر سڳوري جي زندگيءَ جو احوال ۽ اسلام جا اصول بيان ڪيا. 1914ع ۾ ‘رام بادشاھہ’ (سوامي رام تيرٿ جو جيون چرتر ۽ سندس آدرش) ڪتاب لکي شايع ڪرايائين، جنهن ۾ وڻندڙ عبارت ۾ مضمون نگاري آهي. هن 1915ع ۾ ‘هي هو ڇا’ ۾ جنن ڀوتن بابت هڪ واردات حقيقي مضمون جي صورت ۾ ڇپائي. مشھور ٿياسافٽ ليڊ بٽر جي ڪتاب ‘To Those Who Mourin’ جو ترجمو ‘ماتمين کي دلداري’ نالي سان ۽ هڪ ٻئي ڪتاب جو انگريزيءَ مان ترجمو ‘هندو نارين سان وئل’ ڇپايو. لعلچند جا مختلف مضمون 1927ع ۾ ‘ڦلن مٺ’ عنوان سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيا. سندس ‘سنڌي اخبارنويسي’ نالي سان مضمون بہ خاص ذڪر لائق آهي. 1922ع ۾ مهاراج دوارڪا پرساد ‘گيتا رهس’ ڪتاب لکيو، جيڪو لوڪمانيه تلڪ جي ڪتاب تان ورتل هو. 1923ع ۾ روچيرام سڌائيءَ جو اخلاقي مضمون ‘انسان ۽ انسانيت’ ڇپيو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جا ‘بھار اخلاق’ ۽ ‘ڪمال ۽ زوال’ مضمونن جا ڪتاب بہ هن دور ۾ ڇپيا. ڄيٺمل پرسرام جا مضمون مشرقي ۽ مغربي فلاسافيءَ جي اڀياس جا ساکي آهن. هن صاحب ڪلاسيڪي فلاسافيءَ جو مطالعو ڪرڻ سان گڏ جديد ويچار ڌارا کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ طرف ڌيان ڏنو. سنڌ ۾ ‘ساميه واد’ (سوشلزم) جو پهريون شارح بہ ڄيٺمل پرسرام هو. هن شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي جدا جدا بيتن، تصوف ۽ اپنشندن جي فلاسافيءَ تي جيڪي مضمون لکيا آهن، سي قابل ذڪر آهن.ساڌو هيرانند 1890ع ۾ هڪ ادبي ۽ سماجي مخزن ‘سرسوتي’ شروع ڪئي، جنهن ۾ ان وقت جا سٺا مضمون ڇپبا هئا. ان ئي دور ۾ سرسوتيءَ ۾ ڇپيل مضمونن جو هڪ مجموعو ‘هيري جون ڪڻيون’ ڇپرايو ويو، جنهن ۾ ساڌو هيرانند جي مضمونن سان گڏ پريتمداس، ڪنول سنگهه، صاحبسنگهه چنداسنگهہ شاهاڻي، ڏيارام خانچند، پرتابراءِ ۽ ڀيرومل مهرچند جا مضمون شامل هئا. انهن مضمونن مان صاحبسنگهه شاهاڻيءَ جو مضمون ‘وهيو’، سنڌي ٻوليءَ جي بھترين مضمونن مان هڪ هو. هن ڪتاب ۾ ڪنول سنگهہ پوهو مل جو مضمون ‘ڪرندڙ تارا’، بولچند ڏيارام جو مضمون ‘موت کان ڪهڙو هنڌ خالي’، خانچند پرتابراءِ جو ‘سنڌ ۽ هند جا ماڻهو’ ۽ ڀيرومل مهرچند جو ‘ساڃھہ’ شامل هئا. پرمانند ميوارام وري ان وقت جي سماجي ۽ اخلاقي موضوعن تي ننڍڙا ننڍڙا، چٽپٽا ۽ ڀرڪڻا مضمون لکيا. هن سير سفر تي دلچسپ ليک لکيا، جن کي پروفيسر ملڪاڻيءَ ‘سيلاني ليک’ ڪري سڏيو آهي. پرمانند جي ٻولي سليس سنڌي هئي، پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ چواڻي: پرمانند سنڌي نثر جي چئن ٿنڀن مان هڪڙو ئي هو، جنهن ڪڏهن بہ ڏکيو، گٿو ۽ گهرگهلو لفظ ڪم نہ آندو، ۽ سدائين اهڙا سرل فارسي ۽ هندي لفظ سنڌيءَ سان ملائيندو هو، جيڪي ڪن رس پيدا ڪن ٿا. پرمانند ميوارام جا مضمون اڪثر سندس مخزن ‘جوت’ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجندا هئا. 1896ع ۾ پرمانند ميوارام ‘جوت’ اخبار شروع ڪئي هئي. پرمانند کي ڀيرو مل ‘سنڌ جو ايڊيسن’ سڏيو آهي. ‘جوت’ اخبار ۾ پرمانند ميوارام جي مضمونن سان گڏ ڀيرومل مهرچند، نارائڻداس ملڪاڻي، پرڀداس ڀيرومل ۽ آچاريه آسودي مل گدواڻيءَ جا مضمون بہ ڇپجندا هئا. پرمانند ميوارام جي اهم مضمونن ۾ ‘سپ’، ‘برهمڻ آباد’، ‘سر چارلس نيـپيئـر’، ‘نئـون سـال’، ‘راڳ’، ‘ماڪـوڙيـون’، ‘سر ٽامـس مـور’، ‘پليــگ’، ‘مـان بہ ڪـي آهـيـان’، ‘اڳـوڻـو ۽ هـاڻـوڪـو سـمـو’، ‘ڳائـيــندڙ جـبـل’، ‘ڪاهوءَ جو دڙو’، ‘سچي پريم جو لڇڻ’، ‘منشي اوتراءِ صاحبراءِ’، ‘سرشٽيءَ جو پستڪ’، ‘ريل کان اڳ مسافري’، ‘مرزا جي رويا’ (ائڊيسن جي ڪتاب Vision of Mirza تان ورتل) سان گڏوگڏ: ‘جهنگ جو شئل شڪار’ ۽ ‘سانوڻ رنگ لايا’ اهم هئا. ان کان سواءِ ڪنول سنگهه پوهومل جو ‘ڌوڙ ۽ ڌن’، اڌارام چانڊومل جا ‘ٿر جو سير’، ‘ڪٿي آڱر ڪٿي عقل’ ۽ ‘ڪک هيٺان لک’، ريواچند آڏواڻيءَ جو ‘ڪوهستان جو سير’، هوتچند ڏيئل مل جو ‘دز’، هيمنداس واڌواڻيءَ جو ‘يورپ جو سير’، واڌو مل گنگارام جو ‘اڳئين ۽ هاڻوڪي هلت چلت’، شامداس چولياڻيءَ جو ‘صحرا بيابان جو نظارو’، آسودي مل گدواڻيءَ جو ‘ڪاڪو لڇيرام’ وغيرہ. ‘جوت’ اخبار ۾ ڇپيل مضمون ‘گل ڦل’ نالي ڪتاب جي ٻن ڀاڱن ۾ ڇپيا. ‘گل ڦل’ ۾ شامل مضمونن ۾ ‘طنز و مزاح’، ‘اخلاقي درس’ ۽ ‘قادر جي قدرت’ اهم آهن. پرمانند ميوارام 1938ع ۾ پنھنجي وفات تائين ‘جوت’ اخبار کي چاليهن سالن تائين باقاعدگيءَ سان جاري رکيو ۽ ان جو معيار بہ قائم رکيو. سندس وفات کانپوءِ سندس شاگرد ن. ف ڪوٽواڻيءَ ڪراچيءَ مان ‘جوت’ اخبار کي جاري رکيو. هن نہ رڳو ‘جوت’ جو معيار برقرار رکيو، پر اُن ۾ نوان سڌارا آڻي، نوان رنگ ڀريا. 1946ع ۾ ‘جوت’ جو گولڊن جوبلي پرچو (Golden Jubilee edition) ڪڍيو ويو، جنهن ۾ ڏيارام وسڻ مل، پروفيسر لعلسنگهه اجواڻي، سوڀراج نرملداس، ڄيٺمل پرسرام، لعلچند امرڏنيمل، شيوڪرام ڀوڄراج، منوهر داس ڪوڙيمل، هيرانند ڪرمچند، جڳترام ايسرداس، پروفيسر ڦيرواڻي، چيتن ماڙيوالا، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ جا مضمون شامل هئا. ديوان ڏيـارام گـدو مـل جي ڪوشش سان 1887ع ۾، ديوان ڏيارام ڄيٺمل جي فراخدليءَ سبب ‘ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچي’ جو بنياد پيو، جنهن کي ‘ڊي. جي. سنڌ ڪاليج’ سڏيو وڃي ٿو. 1901ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج طرفان ‘مسلني’ نالي سان هڪ مخزن جاري ٿي، جنهن جو بانيڪار ان دور جو معزز عالم ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي هو. هي مخزن سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپجندي هئي ۽ ڇھہ ماهي هئي، جيڪا 1947ع تائين ڇپجندي رهي. 1901ع واري پرچي ۾ پرمانند ميوارام جو بھترين مضمون ‘سنڌي عبارت’، 1917ع ۾ سندس هڪ بياني مضمون ‘شڪار تہ ڪري مير علي مراد’، 1923ع واري پرچي ۾ صاحبسنگهه شاهاڻيءَ جا شاهڪار مضمون ‘چنڊول’، ‘انسان جو دنيوي وطن’ ۽ ‘عالمي قسمت’ ڇپيا. هن ‘مسلني مخزن’ ۾ سال 1912ع ۾ مرزا قليچ بيگ جو مضمون ‘راڳ’، ديوان ڪوڙيمل جو نصيحت ڀريو مضمون ‘ڀل مانسي’، 1913ع ۾ مرزا قليچ بيگ جو ‘انسانيت ۽ حيوانيت’، ڄيٺيمل پرسرام جو ‘لات لطيفي’، سال 1916ع ۾ ڀيرومل مهرچند جو ‘اک’، جهامنداس ڀاٽيا جو ‘حياتيءَ جي حقيقت’، رامچند اجواڻيءَ جو ‘مرتئي کانپوءِ ڇا ٿو ٿئي؟’ ۽ محمد صديق ميمڻ جو ‘سھڻو’، 1917ع ۾ محمد صديق ميمڻ جو مضمون ‘حق جي ڳولا’، سال 1918ع ۾ تولارام ٻالاڻيءَ جو مضمون ‘درياھہ جو درشن’، سال 1919ع ۾ ميران محمد شاھہ جو مضمون ‘گنجي ٽڪر جو سير’، 1920ع ۾ لعلچند امرڏنيمل جو مضمون ‘ڀنڀور’، 1924ع ۾ مرزا قليچ بيگ جو مضمون ‘سنڌي ٻولي ۽ ان جو ڪتابي علم’، تولارام ٻالاڻيءَ جو مضمون ‘حب وطن’، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو ‘سنڌ جي ادبي تاريخ’، آسانند مامتورا جو ‘شاھہ عاشق’ مضمون ڇپيا، 1925ع ۾ ايم. آر. عباسيءَ جو مضمون ‘ننگر ٺٽو ۽ مڪليءَ جي ٽڪري’، پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻيءَ جو ‘کنڀات’، سوڀراج نرملداس جو ‘شاھہ طالب’؛ 1928ع ۾ سوڀراج نرملداس جو ‘سنڌي مشاعرو’، مرزا قليچ بيگ جو ‘ڏک سکن جي سونهن ’ ۽ ‘گهوريا سک ڏکن ريءَ’ ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جو ‘عورت جي استتي’، 1929ع ۾ منگهارام ملڪاڻيءَ جو ‘راڳيندڙ استاد’؛ 1930ع ۾ لعلچند امرڏنيمل جو ‘ڄٽ ڪير؟’، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ جو ‘سارنگ’ ۽ ‘ٻوليءَ جو فخر’، امرلال هنگوراڻيءَ جو ‘مان ماستر آهيان’؛ 1931ع ۾ پروفيسر بي. جي. واسواڻيءَ جو مضمون ‘ڇيڄ’؛ 1932ع ۾ شيوڪ ڀوڄراڄ جو مضمون ‘چوريءَ جون ڳالهيون’، پروفيسر لعلسنگهه اجواڻيءَ جو ‘جيوت جو ٿنڀو’؛ 1933ع ۾ عبدالڪريم ميمڻ جو مضمون ‘نفاق’؛ 1934ع ۾ پروفيسر لعلسنگهه اجواڻيءَ جو ‘جيوت جو مزو’؛ 1936ع ۾ روچيرام سڏاڻيءَ جو ‘دغاباز دنيا’ ۽ نارائڻ ڪوٽواڻيءَ جو مضمون ‘سيوهڻ’؛ 1937ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ‘مارچيس مارڪوني ۽ سندس عجيب ڪارناما’؛ 1938ع ۾ ڀيرومل مهرچند جو ‘شاھہ جي ساڌنا’، پروفيسر لعلسنگهه اجواڻيءَ جو ‘اسان جو وجهه’، ايڇ. ايم. بلوچ جو ‘آثار قديم يا سنڌ جا جهونا شھر’ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ‘ڳوٺ سڌار هلچل ۽ اسان جو فرض’ ڇپيا؛ 1939ع ۾ پروفيسر لعلسنگهه اجواڻيءَ جو مضمون ‘هڪ سوال’، هريرام ڀاٽيا جو ‘تصوف ۽ ويدانت’، رام پنجواڻيءَ جو ‘خطوط ليليٰ مان هڪ ورق’؛ 1940ع هريرام ڀاٽيا جو ‘سامي ۽ دلپت’؛ 1941ع ۾ ڀيرومل مهرچند جو مضمون ‘مارئيءَ جو ملڪ’، پروفيسر لعلسنگهه اجواڻيءَ جو مضمون ‘هڪ عجيب لطف’، پروفيسر لوڪو مل ڪيسواڻيءَ جو ‘شري ڀڳوت گيتا جي گيان جي مهما’ ۽ ڏيپچند کينئراج جو ‘غلامن جو بيک’ ۽ ‘شاعر مخفي’؛ 1942ع ۾ پروفيسر لعلسنگهه اجواڻيءَ جو ‘نثر جون ڪي گهرجون’؛ 1943ع ۾ لوڪو مل ڪيسواڻيءَ جو مضمون ‘عشق مجازي ۽ عشق حقيقي’، نارائڻداس ملڪاڻيءَ جو ‘انار دانه’؛ 1946ع ۾ پروفيسر لعلسنگهه اجواڻيءَ جو مضمون ‘نئون ورق’ ۽ نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ جو ‘هري’ ۽ 1947ع ۾ پروفيسر لعلسنگهه اجواڻيءَ جو مضمون ‘شعر ۽ سڀيتا’، ۽ ڏيپچند کينئراج جو ‘زيب النساءِ’ شايع ٿيا. مٿئين دور جي ٻن ٻين مضمون نويسن- ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻيءَ بہ پنھنجي انوکي ۽ اهميت ڀرئي حصي سبب مضمون نويسيءَ جي کيتر ۾ پنھنجي ڇاپ ڇڏي آهي، جنهنڪري اُنهن کي جداگانه ذڪر جي لائق سمجهجي ٿو. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ کي ‘سنڌيءَ جي جديد تنقيدي مضمون نويسيءَ جو بنياد وجهندڙ’ سڏجي تہ بجا ٿيندو. گربخشاڻي صاحب سنڌيءَ جو هڪ وڏو عالم هو. هن انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي هئي ۽ عربي فارسيءَ جو عالم ۽ سنسڪرت ۽ هنديءَ جو بہ ڄاڻو هو. علم لغات کان بہ واقف هو. سندس اڀياس ايترو تہ وسيع هو، جو هن ۾ باترتيب تنقيد ڪرڻ جي هر لحاظ کان لياقت هئي. هن صاحب مغرب جي جديد تنقيدي ۽ تاليفي اصولن موجب ‘شاھہ جي رسالي’ کي نئين ترتيب ڏني. شاھہ جي رسالي جي اڳياڙيءَ ۾ هن جيڪو ‘مقدمو’ لکيو، سو تنقيدي مضمون نويسيءَ جو هڪ اعليٰ مثال آهي. ان ۾ هن شاھہ سان ڳنڍيل هر مضمون، جھڙوڪ: ‘شاھہ جو مذهب’، ‘ويدانت ۽ تصوف’، ‘شعر ۽ شاعري’، ‘شاھہ جي سنڌي’ وغيرہ تي جدا جدا بابن هيٺ پنهنجا ويچار ظاهر ڪيا آهن، جيڪي سنڌيءَ جي تنقيدي ادب ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا ۽ اعليٰ درجي جي نثر جو پڻ سھڻو مثال پيش ڪن ٿا. پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻيءَ وري ڳوٺاڻي زندگيءَ، ڳوٺاڻي ماحول، اُتان جي سادن سودن ماڻهن جي دکن سکن، آشائن اُمنگن جون تصويرون، ڳوٺاڻن جي چهري ۽ چٽپٽي ٻوليءَ ۾ پيش ڪري، سنڌيءَ مضمون نويسيءَ ۾ هڪ نئون رنگ پيدا ڪيو. هن صاحب ڳوٺاڻن جي ٻوليءَ، انهن جي محاورن ۽ ڪهاوتن کي ادبي مرتبو عطا ڪيو. ملڪاڻي صاحب جي عبارت به، پرمانند ميوارام جي لکڻين وانگر، چٽپٽي ۽ مزاحيہ آهي. هو ڪهڙي بہ کڻي ڳنڀير مضمون تي لکندو هو، اُن مان بہ سندس خوش مزاجي پيئي بکندي هئي. سندس ننڍن ننڍن جملن واري لکڻيءَ جو نوع اهڙو هوندو هو، ڄڻ ڪي ڳوٺاڻا دوبدو پاڻ ۾ ويهي رهاڻيون پيا ڪن. سندس ان قسم جي مضمونن جا ٻہ مجموعا ‘ڳوٺاڻي چھر’ ۽ ‘اناردانه’ خاص مشھور آهن. 1920ع ۾ سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي ‘اخبار تعليم’ جاري ڪئي، جيڪا ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جي پرنسپال جي نگرانيءَ ۾ شايع ٿيندي رهي، ان وقت ڪاليج جو پرنسپال ساڌو هيرانند جو وڏو ڀاءُ ديوان تاراچند شوقيرام هو. هن مخزن ۾ اُن زماني جي برک ليکڪن ۽ عالمن جا تعليمي ۽ ادبي مضمون ڇپبا هئا، انهن ۾ ديوان بولچند ڏيارام جا مضمون ‘قارون بادشاھہ جي ڳالھہ’، ‘تاج محل’ ۽ ‘ميرن جي درٻار’ بھترين مضمون هئا. ‘اخبار تعليم’ ۾ 1925ع ۾ لوڪو مل جو بھترين تحقيقي مضمون ‘سنڌ جو اڳوڻو اؤج’ ڇپيو. 1885ع ۾ خانبهادر حسن علي آفنديءَ ‘سنڌ محمدن ايسوسيئيشن’ طرفان ڪراچيءَ ۾ ‘سنڌ مدرسة الاسلام’ جو قيام عمل ۾ آندو. سنڌ مدرسي پاران 1904ع ۾ هڪڙي تعليمي ۽ ادبي مخزن ‘مدرسہ’ جاري ٿي، جيڪا ڪافي وقت تائين ادب جي خدمت ڪندي رهي. هن مخزن جا قابل ايڊيٽر مولوي ﷲ بخش اٻوجهو، مولوي عبدالرحيم فقير ۽ شمس الدين ‘بلبل’ رهيا. هن مخزن ۾ پڻ سٺا ادبي، تعليمي، سماجي ۽ تحقيقي مضمون شايع ٿيا. ويهين صديءَ جي پهرين ڏهاڪي ۾ محمد هاشم ‘مخلص’ رسالا ۽ اخبارون ڪڍيون، جن ۾ ‘اخلاق’ ۽ ‘مسلمان’ قابل ذڪر آهن، جن ۾ پڻ سنڌي ادب جي سٺن مضمونن ۽ مقالن کي جاءِ ڏني وئي. 1916ع ۾ حيدرآباد مان آنريبل غلام محمد ڀرڳڙيءَ، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ايڊيٽريءَ هيٺ ‘الامين’ اخبار جاري ڪئي، جنهن ۾ پڻ سٺا مضمون ڇپجندا رهيا. سرنديءَ وارن مسلمانن ڪراچيءَ مان 1920ع ۾ روزاني اخبار ‘الوحيد’ ۽ 1923ع ۾ ‘توحيد’ جاري ڪئي، پير علي محمد شاھہ راشديءَ سکر مان ٽه روزہ اخبار ‘ستارہ سنڌ ’ جاري ڪئي، 1925ع ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ رسالو ‘الجامع’ جاري ڪيو، جن ۾ بہ سٺا مضمون شايع ٿيا. ‘الوحيد’ ۽ ‘توحيد’ اخبار ۾ دين محمد وفائيءَ جو مضمون ‘لطف اللطيف’، اخبار ‘ستارہ سنڌ ’ ۾ پير علي محمد راشديءَ جو ‘سيد معصوم شاھہ بکري’ سٺا مضمون هئا. ان کان سواءِ ان وقت جون ڇپجندڙ اخبارون ‘ادبي نمبر’ ڇاپينديون هيون، جن ۾ پڻ سٺو نثر/ مضمون ڇپجندا هئا. 1905ع ۾ لارڊ ڪرزن واري بنگال جي ورهاڱي، سموري ملڪ ۾ انگريز حڪومت خلاف سخت تاءُ پيدا ڪيو، جنهن کانپوءِ ويهين صديءَ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جي شروعات ٿي. ان وقت سياسي جاڳرتا سان گڏ ‘ٿياسافي پنٿ’ جو پرچار بہ سنڌ ۾ جاري ٿيو، انهن ٻنهي هلچلن جو بانيڪار ڄيٺمل پرسرام هو. انهيءَ سياسي سجاڳيءَ 1916ع ۾ ‘سوراج’ يا ‘هوم رول تحريڪ’ جو روپ ورتـو ۽ ڄيٺمل پرسرام پڻ انهيءَ تحريڪ ۾ حصو ورتو. هن 1916ع ڌاري روزاني اخبار ‘هند واسي’ حيدرآباد، سنڌ مان شروع ڪئي، جنهن ۾ جوشيلي قلم ذريعي سنڌي عوام ۾ ملڪي مسئلن جو علم ڦهلايائين. 1919ع ۾ رولٽ ايڪٽ تان دهليءَ ۾ فسادن ۽ پوليس جي فائرنگ خلاف اخبار ۾ هڪ سخت قسم جو ليک لکيائين، جنهن جو عنوان هو ‘ڪلاڙڪي هٽ، ڪُسڻ جو ڪوپ وهي’، جنهن تان کيس جيل اماڻيو ويو ۽ جيل دوران هن جيل ڊائري ‘ترنگ جو تيرٿ’ لکي، جيڪا سنڌي ادب جي پهرين جيل ڊائري آهي. 21- 1920ع ۾ مهاتما گانڌيءَ جي قطع تعلقات هلچل شروع ٿي. ‘هند واسي’ اخبار ضبط ٿيڻ جو خطرو هو، ان ڪري ‘هند واسي’ اخبار جو نالو ڦيرائي ’ڀارت واسي‘ رکيو ويو. ڄيٺمل پرسرام جڏهن جيل کان واپس آيو تہ هن اخبار کي وڌيڪ زور شور وٺرايو. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ’چمڙا پوش جون آکاڻيون‘ آهي، جنهن جون ڪهاڻيون ’ڀارت واسي‘ اخبار ۾ قسطوار ڇپجنديون رهيون. ڄيٺمل پرسرام جيئن تہ شاھہ لطيف جو وڏو شيدائي هو، ان ڪري شاھہ لطيف جي ڪلام تي اونهي اڀياس وارا ڪتاب: (1) ’شاھہ سائينءَ جون آکاڻيون‘ ۽ (2)’آکاڻين جون سمجهاڻيون‘ بہ ڀارت واسي اخبار ۾ قسطوار ڇپايائين. ڀارت واسيءَ ۾ ڪيترا عمدا ۽ معياري ادبي مضمون ڇپجندا رهيا، جن مان بھترين مضمون ڄيٺيمل پرسرام جو ’سنڌي ٻوليءَ تي مارو‘، لعلچند امر ڏنيمل جو ’سنڌي ٻوليءَ سان انڌير‘ هو. هي مضمون ٻن حصن ۾ ’مسلمانن جا انڌير‘ ۽ ’هندن جا انڌير‘ عنوانن سان ڇپيو. انهن ٻنهي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڏکين عربي، فارسي ۽ سنسڪرت لفظن جي ڀرمار کان بچائڻ ۽ ٺيٺ سنڌي لکڻ لاءِ للڪار ڪيل هئي. ان کان سواءِ دوارڪا پرشاد شرما جو مضمون ’سنڌي ساهت جو واڌارو‘، پروفيسر گهنشام شوداساڻيءَ جو ’سنڌي ٻوليءَ جا شبد‘، سنتداس منگهارام جو ’اتحاد‘، جئرامداس دولترام جو ‘سؤراج’، ‘امرڪوٽ ۽ اڪبر بادشاھہ’، پروفيسر شيوارام ڦيرواڻيءَ جو ‘سنڌ جي پنگتي حالت’، محمد صديق ميمڻ جو ‘ڪامل رهنما ’ ۽ ‘حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جن جا لڇڻ’، پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جا ‘گرنار’ ۽ ‘جهوناڳڙھہ’، منوهر داس ڪوڙيمل جا ‘سنڌي ڪڙم جي حالت’ ۽ ‘هندستان ۾ طب علم’، تيرٿ وسنت جا ‘اوندھہ ۽ سوجهرو’ ۽ ‘رت بسنت سان رهاڻ’ شايع ٿيا. 1926ع کان ‘ڀارت واسي’ اخبار جي اشاعت جو سلسلو بند ٿي ويو. 1920ع ڌاري ڄيٺمل پرسرام ’روح رهاڻ‘ جي نالي سان هڪڙو ماهوار رسالو ڪراچيءَ مان جاري ڪيو هو، جنهن ۾ سمورن مذهبن ۽ ڌرمن جي مول متن ۾ يڪسانيت تي زور ڏنو ويندو هو. هي رسالو چار سال کن جاري رهيو ۽ پوءِ ڀارت واسيءَ ۾ ضم ٿي ويو. ’روح رهاڻ‘ ۾ جيتوڻيڪ گهڻا ڌرمي ۽ سماجي مضمون خود ڄيٺيمل جا ڇپجندا هئا، باوجود ان جي هن مخزن ۾ نادر بيگ مرزا تمام آزاد خياليءَ سان لکندو هو، ڇاڪاڻ تہ هو هن مخزن جو نائب ايڊيٽر هو. سندس ترجمو ڪيل مضمونن سان گڏ سندس طبعزاد مضمون بہ ڇپجندا هئا، جن ۾ ’مسلمان ڀائپي‘، ’اهڙا ٻيا بہ گهڻا‘، ’اسين ۽ ٻيا‘، ’ٻار جي ترقي‘ ۽ ’موت بعد دوزخ آهي‘ ڇپيا. نادر بيگ مرزا جي لکڻين/ مضمونن جو اهو ڪمال هوندو هو، جو اهي سولي سنڌيءَ ۾ لکيل هوندا هئا، جن ۾ هڪ بہ ڏکيو اکر نہ ملندو هو. ان حوالي سان نادر بيگ مرزا ڄڻ تہ مرزا قليچ بيگ کان بہ گوءِ کڻي ويو هو. ان کان سواءِ ماستر عبدالله محمد قاسم جو مضمون ’انسان يا منک‘، آسانند مامتورا جو ’حياتيءَ جي هستيءَ ۾ هيڪڙائيءَ جو راز‘ ڇپيو. ’روح رهاڻ‘ 1947ع ۾ وري شروع ٿيو، جنهن ۾ لعلچند امرڏنو مل، ڄيٺمل جو ساٿي ٿيو. هن پرچي ۾ڄيٺمل پرسرام جو مضمون ’پيارو پيغمبر‘ ڇپيو، جيڪو هن چاليهن سالن جي مطالعي کانپوءِ پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي زندگي ۽ شخصيت جي ثنا ۾ لکيو هو. ساڳئي پرچي ۾ ديوان ليلارام پريمچند جو مضمون ’هنرسازي‘ ڇپيو. 1924ع ۾ حيدرآباد جي ’ڏيارام گدومل ڪاليج‘ طرفان سالياني انگريزي سنڌي مخزن ’ڦليلي‘ جاري ٿي، جنهن ۾ شاگردن سميت سٺن ليکڪن جا مضمون شايع ٿيندا هئا. ڦليليءَ ۾ رام ڪرشن آڏواڻيءَ جو مضمون ’سمراٽ چندرگپت وڪرمادينه‘، ڪرشن ٻاٻاڻيءَ جو ’ڪيٽي مهراڻ‘، ڪملا ڪيسواڻيءَ جو ’ڏوريان ڏوريان مَ لهان‘ ۽ ساوتري ميرچنداڻيءَ جو ’اسان جو اتهاس‘، مخزن جي ايڊيٽر اتم جو ترجمو ڪيل مضمون ’ساهت ڪلا جو سنيهو‘، جيڪو منشي پريمچند جي هڪ مضمون تان ترجمو ڪيو ويو هو، ڇپيا. ان کان سواءِ برک ليکڪن پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جو ’استري ۽ سماج شيوا‘، پروفيسر ڪلياڻ آڏاوڻيءَ جو ’شاھہ جي وطن دوستي ۽ عالم دوستي‘ ۽ ’محبوب گل‘ ڇپيا. 1925ع ۾ کيمچند واسواڻيءَ جي ايڊيٽريءَ هيٺ هفتيوار اخبار ’ديش متر‘ شروع ٿي، هن اخبار ۾ سماج جي خامين کي ختم ڪرڻ بابت مضمون ڇپجندا هئا. هن اخبار جو اهم مضمون نگار ديوان واڌومل گنگارام هو. سندس مضمونن ۾ ’عامل ۽ ڀائيبند اصل ڀائر‘، ’ڌرم ڪرم‘، ’حيدرآباد واسين جا رسمون رواج‘، ’پئنچ مکي‘ (انهن جو اصل نسل) ۽ ’حيدرآباد جي هاڪاري شھر جي گذريل صديءَ جو حال‘ ڇپيا. هن مخزن ۾ لالسنگهہ اجواڻيءَ جو انگريزيءَ ۾ مضمون پڻ ڇپيو هو. 1932ع ۾ بولچند راڄپال ماهوار مخزن ’سنڌو‘ شڪارپور لڳ ميان جي ڳوٺ مان جاري ڪئي. هي مخزن 15 سالن تائين جاري رهي. ’سنڌو‘ مخزن جو اهم ترين مضمون نگار ڀيرومل مهرچند آڏواڻي هو، جنهن جا سنئين سڌي، نج ۽ پختي سنڌيءَ ۾ هر قسم جا ادبي، لغتي، تعليمي، تاريخي، سماجي مضمون ڇپجندا رهيا. انهن مان ڪي اهم مضمون: ’شاھہ عبداللطيف جو سير‘، ’ٻولي ۽ تھذيب‘، ’تاريخن ۾ غلطيون‘، ’سنسڪرت ۽ ديوناگري بابت ويچار‘، ’لوڪمانيه تلڪ جون ڪيل کوجنائون‘، ’مرزا قليچ بيگ‘، ’ڀائي دلپت راءِ صوفي‘، ’آڳاٽن شاگردن جا اهنج‘، ’ڪبير شاھہ‘، ’ڀائي ڪنور رام جي ڀڳت‘، ’دسهڙو ۽ ڏياري‘، ’حيدرآباد جا هاءِ اسڪول‘، ’سنڌو ۽ مهراڻ‘، ’ڌرمشٽ ماءُ ۽ ڌيءَ جي ڪهاڻي‘ هئا. هن رسالي ۾ بولچند راڄپال پاڻ بہ مضمون لکندو هو. سندس مضمونن ۾ ’درويش بيدل جي سوانح عمري‘، ’روحل فقير ۽ سندس ڪلام‘، ’مراد فقير ۽ سندس ڪلام‘، ’نئين آدرشي دنيا‘، ’هندستان لاءِ مالي سڌاري جي تجويز‘، ’تواريخي يادگارن جو بچاءُ‘ ۽ ’نئين سنڌ‘ وغيرہ شامل هئا. سنڌو مخزن جو ساٿي ايڊيٽر ماڌوداس شوالو مل تاريخي نوعيت جا مضمون لکندو هو، جھڙوڪ: ’مغل شهنشاهيت جا تخت‘ ۽ ’هندستان ۽ انگلنڊ جا تعلقات‘ اهم هئا. سنڌو مخزن ۾ برک اديب ۽ تعليمي ماهر ديوان ڏيارام وسڻمل جا سنڌي ٻوليءَ ۽ تعليم جي مسئلن تي عالماڻا مضمون پڻ ڇپجندا هئا، جن ۾ ’سنڌي ٻولي ۽ ديوناگري لپي‘، ’سنڌي ٻوليءَ جون خصوصيتون‘، ‘قومي ٻولي ۽ ڌرمي تعليم’ اهم هئا. سنڌو مخزن ۾ سوڀراڄ نرملداس جا اصلاحي مضمون ‘ويچار وکر’، ‘جهوڪ شريف’، ‘سرڳواسي ڊاڪٽر هرنامداس’ ڇپيا. لعلچند امرڏنيمل جا ‘حقيقت افساني جي وچتر جن آهن’، ‘سنڌي اخبار نويسيءَ جي تاريخ’ بھترين مضمون هئا. ڄيٺمل ‘شري گوبند سنگهه مهراج’، نانڪرام ڌرمداس جا ‘بادل ڌيري ڌيري جا’، ‘ڪاٺين جي ڀري’، ‘ٻار ۽ وڏو’ مضمون شايع ٿيا. ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻيءَ جو هڪ ئي مضمون ‘مهاتما سان پنھنجي پهرين گڏجاڻي’، پروفيسر لوڪو مل ڪيسواڻيءَ جو ‘خواجہ حافظ’ هڪ معياري ادبي مضمون هو. پروفيسر لعلسنگهه اجواڻي ڪيترائي عقلي، اخلاقي ۽ قومي مضمون ‘سنڌو مخزن’ ۾ لکيا، جن مان اهم ‘ڪال کان ٻلي’، ‘اسان جو ڌنڌو’، ‘قوم ڪيئن چڙهندي’، ‘نفاق جو صوف’، ‘نقلي انقلاب’، ‘مهاتما گانڌي’، ‘هندستان جي ايڪتا’، ‘سنڌ يونيورسٽي بل’، ‘ويهين صديءَ جو ڌرم ۽ هندستان ۾ نئين جاڳرتي’ ۽ ‘سنڌي ٻولي ۽ ساهتي’ شامل هئا. منگهارام ملڪاڻيءَ جا سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ تي ڪيترائي مضمون ڇپيا، جن ۾ ‘سنڌي ٻوليءَ جو واڌارو’، ‘سنڌي ترجمي جا ڪي اصول’، ‘حقيقي ناٽڪ جا مکيہ متا’، ‘اگرا مسئلا ادب ۾ آڻجن’، ‘سنڌي ناٽڪ جي ترقي’، ‘سنڌي مضمون نويسيءَ جي اوسر’، ‘سنڌي تنقيد جي اوسر’ جھڙا ڄاڻ مهيا ڪندڙ مضمون هئا. سنڌو مخزن ۾ نوجوان ليکڪن جا بہ مضمون شايع ڪيا ويندا هئا، جن ۾ ساز علي شيخ جو ‘اسرار خودي’، پروفيسر آتمارام جئنداڻيءَ جو مضمون ‘من وديا’، ‘شاھہ ۽ سندس شعر’، ڄاڃي لعل آهوجا جو ‘ڪاليداس جي رگهوونش ۾ هندو سڀيتا’ ۽ ‘ڪوتا جي جهلڪ’، لڇمڻ شرما جو ’ميگهه دوت’، پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ جو ‘سنڌي ساهتيہ جا ٽيھہ سال’ اهم آهن. ‘سنڌو مخزن’ واحد مخزن هو، جنهن ۾ بزرگن توڙي نوجوانن جا مضمون ڇپيا هئا، جن ۾ هندستان جي تاريخ تي موتيلال بٽاڻيءَ جا، سنڌ جي تاريخ تي چيتن ماڙيوالا جا، سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ تي مولائي شيدائيءَ جا تحقيقي مضمون ڇپيا هئا. آسانند مامتورا ۽ تيرٿ وسنت جا فلسفياڻا ۽ ادبي مضمون، منوهر داس ڪوڙيمل جا مختلف اخلاقي، علمي، تاريخي، صحت ۽ سير سفر جي موضوعن تي مضمون، پروفيسر شيوارام ڦيرواڻيءَ جا صحت، اسڪائوٽنگ ۽ هندو مسلم ايڪتا تي مضمون، روچيرام سڏاڻيءَ جا اخلاقي ۽ تاريخي مضمون شامل هئا. پروفيسر جهامن داس ڀاٽيا ۽ کيئلداس ’فاني‘ پنھنجي تحريرن ۾ شاعراڻا جذبا ۽ رنگين عبارت ڪم آڻيندا هئا. خوشيرام واسواڻي مضمونن ۾ فيلسوفاڻا ويچار ۽ شاعراڻا امنگ ظاهر ڪندا هئا. 1934ع ۾ رابندرناٿ ڊرئمٽڪ ڪلب ڪراچي، انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ سالياني باتصوير مخزن ‘انڊس’ (Indus) جاري ڪئي، جنهن ۾ ڄيٺمل پرسرام جو ‘سنڌ ۽ سنڌي’ مضمون ڇپيو. ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو ‘قديم سنڌين جي لھہ وچڙ’ ۽ آسانند مامتورا جو ‘ٽئگور جو فلسفياڻو مشاهدو’، هيرانند آڏواڻيءَ جو ‘ناٽڪي يادگيريون’، ليکراج عزيز جو عالماڻو مضمون ‘شعر و شاعري’، پرڀداس ڀيرومل جو اخلاقي مضمون ‘مردود’ ۽ پروفيسر ڪرڻ ڪرپلاڻيءَ جو ‘شاھجھان’ سٺا مضمون هئا. 1946ع ۾ سنڌ سرڪار جي جوڙيل ‘سنڌي ساهت لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ’ جي نگرانيءَ ۾ ‘مهراڻ’ رسالو شروع ٿيو، جنهن جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ عثمان علي انصاري، مولوي دين محمد وفائي، پروفيسر هرومل سدارنگاڻي ۽ لعلچند امرڏنو مل شامل هئا. لعلچند رسالي جو مئنيجنگ ايڊيٽر هو. ‘مهراڻ’ جي جنوري 1946ع واري شماري ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو مضمون ‘ادبي سنگت’، آغا تاج محمد جو ‘باهمي اتحاد’ ۽ شيوارام لالا جو ‘روهڙيءَ جو راز’، ‘شھباز بيدل بادشاھہ’ بھترين مضمون هئا. اپريل 1946ع واري شماري ۾ آغا تاج محمد جو مضمون ‘اسانجي سنڌڙي’، عبدالڪريم چشتيءَ جو ‘اتحاد جا طريقا’، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ‘گمنام دهقاني شاعر’ شامل هئا. مئي، جون، جولاءِ 1946ع واري شماري ۾ اداري پاران صوفي قلندر بخش جي سومرن جي تاريخ تان ورتل هڪڙو تحقيقي مضمون ‘سنڌ ۾ هڪ پراڻي تاريخ جا ورق’، ساڳئي شماري ۾ ديوان سوڀراڄ نرملداس جو ‘شاھہ طالب’ ۽ مولوي دين محمد وفائيءَ جو ‘شاھہ: فطرتي شاعر’ عالماڻا مضمون ڇپيا هئا. هن ئي شماري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مضمون ‘بلوچستان جا نظارا’، ‘لسٻيلي جو سفر’ ۽ ڄيٺي خوبچند جڳتياڻيءَ جو آمريڪا ۽ نيويارڪ جي زندگيءَ تي مضمون ‘پٽ جو پيءُ ڏانهن خط’ ڇپيو. مهراڻ جي آگسٽ، سيپٽمبر، آڪٽوبر 1946ع واري شماري ۾ ڀيرومل مهرچند جا ٻہ مضمون: ‘دال مصالحه چٽڻيءَ سان’ ۽ ‘تيراندازيءَ جي تاريخ’، لعلچند امرڏنيمل جو ‘سنڌ جو پهريون خود ساختہ صدر منصف’ آوتراءِ منچديا جي تخلص سان ڇپيو. پروفيسر چيتن ماڙيوالا جو ‘سنڌي ٻوليءَ جي عربي آئيويٽا’ مضمون ڇپيو، جنهن ۾ موجودہ عربي- سنڌي آئيويٽا ٺاهڻ ۾ سر بارٽل فريئر، بي. ايڇ. ايلس ۽ ننديرام ميراڻيءَ جو ڪردار بيان ڪيو ويو. آڪٽوبر- نومبر 1946ع واري پرچي ۾ ڪجهه ورسين جي حوالي سان ڪيل تقريرن کي مضمونن جي صورت ۾ ڇاپيو ويو، جن ۾ ڄيٺمل پرسرام جو ‘شاھہ عبداللطيف: سنڌ جو رهبر’، مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جو ‘شاھہ ڀٽائيءَ جو شاهاڻو ڪلام’، عبدالله چنا جو ‘شاھہ جي رسالي ۾ حقيقت جا راز’، خـوبچـند جـڳتيـاڻـيءَ جو ‘مـرزا قـليـچ بيـگ: سلاست جو سائين’ ۽ محمد يعقوب جو ‘مرزا قليچ بيگ: نثر نويس’ شامل هئا. ڊسمبر 1946ع ۽ جنوري- فبروري 1947ع واري گڏيل شماري ۾ ڀيرومل مهرچند جا ٻہ مضمون: ‘سنڌيءَ جي دکدائپ حالت’ ۽ ‘غلطيون دور ڪريو’ شامل هئا. هن شماري ۾ لعلچند امرڏنيمل جو ‘ساهت ۽ ادب ڇا آهي’، سوڀراڄ نرملداس جو ‘سنڌي سنت سامي’، بيگم عبدالله چنا جو ‘انصاف ۽ احسان’، عطا حسين موسويءَ جو ‘ڪوڙ’ پڻ اخلاقي مضمون هئا. مهراڻ رسالي جي سيپٽمبر 1947ع واري شماري ۾ ڀيرو مل مهرچند جو مضمون ‘حل طلب لاءِ حل’ هڪ تحقيقي ۽ فني مضمون هو. ڊسمبر 1947ع واري شماري ۾ عثمان علي انصاريءَ جو ادبي ۽ تحقيقي مضمون ‘سرڳواسي’، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ڇپايل ‘شاھہ جو رسالو’، روچيرام سڏاڻيءَ جو ‘ساهتيہ جي سونهن’، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا جو ‘شاعر عاجز’، رامنداس لکاڻيءَ جو ‘سنڌ جو گاھہ’، ڪشنچند جيٽليءَ جو تاريخي مضمون ‘پڻي ۽ بلوچستان’ ڇپيا. سستي ساهت مالا جي 42-1941ع وارن شمارن ۾ منوهر داس ڪوڙيمل جا ‘هن سمي جا سوال’ ۽ ‘آزاديءَ جي اوٽ ۾’ مضمون ڇپيا، رتن ساهت مالا 1941ع ۾ لعلسنگهه اجواڻيءَ جو مضمون ‘خاتمو’، هلندڙ سائنسي تھذيب جي ڪلورن بابت هو. سندر ساهتيہ 1942ع ۾ رام پنجواڻيءَ جو ‘جيون ڪهاڻي’، ڀارت جيون ۾ نهچلداس واسواڻيءَ جا ‘وڌوا وواھہ’ ۽ ‘دهليءَ جي عياش ملڪہ’ مضمون ڇپيا. ‘هند واسيءَ’ جي 1943ع ۽ 1945ع وارن شمارن ۾ اي. جي اتم جا مضمون ‘رشيا جي جيلن ۾ قيدين سان ورتاءُ’ ۽ ‘سوويت روس جي مستقبل جا مالڪ’، هندو سنسار جي 1945ع ۽ 1946ع وارن شمارن ۾ سندس ٽي مضمون: ‘هندستان جي وديارٿي تحريڪـن جـو اتـهـاس’، ‘سـنڌ ۾ وديـارٿـي تحـريـڪ جـي شـروعـات’ ۽ ‘وجيه لڪشمي پنڊت’ معياري هئا. قومي ساهت منڊل جي 1944ع ۽ 1945ع وارن شمارن ۾ اتم جو مضمون ‘سرحد جو گانڌي’، نند گدواڻيءَ جو ‘جليانوالا جو ڪوس’ ۽ گوبند مالهيءَ جو ‘غريبي’ معياري مضمون هئا. سنڌ سڀا جي 1946ع واري شماري ۾ هيرانند ڪرمچند جو ‘دير سان شاديءَ جو ڏکيو مسئلو’، ڄيٺمل پرسرام جو ‘ڏکن ڏڌي ديوي’ مضمون ڇپيا. اڪيڊمي سيريز جي 1948ع واري شماري ۾ ڪشنچند بيوس جو ‘ڀاڳيا اسڪيم’ مضمون شايع ٿيو. 1946ع ۾ هيرانند ڪرمچند جي ادارت هيٺ ڪراچيءَ مان اخبار ‘هندستان’ جاري ٿي، ان جي 15 آگسٽ 1947ع واري پرچي ۾ سٺا تاريخي ۽ قومي مضمون ڇپيا، جن ۾ آچاريه جيوترام ڪرپالاڻيءَ جو ‘پرديسي راڄ اڄ ختم ٿيو’، پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻيءَ جو ‘ڪڏهن وري هي ورهايل هندستان هڪ ٿيندو؟’، ڀيرومل مهرچند جو ’جهوني زماني کان سنڌ جا ڀائيبند واپار ۾ اڳرا’، پروفيسر چيتن ماڙيوالا جو ‘سنڌ جي پراچين اتهاس ۽ سڀيتا جي چمڪ’، هيرانند ڪرمچند جو ‘سنڌ ڪيئن انگريزن جي هٿ ۾ آئي’ ۽ ‘انگريز آيا، انگريز ويا’. ان کان سواءِ ‘ستارہ سنڌ ’ ، ‘الوحيد’، ‘اصلاح’، ‘قرباني’، ‘عملي دنيا’، ‘اديب سنڌ’ ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ سٺا مضمون ڇپيا. ويهين صديءَ جو ابتدائي دور عالمي ۽ مقامي سطح تي شعور وارو دور رهيو. برصغير ۾ آيل سياسي ۽ سماجي اٿل پٿل ۽ نئين جاڳرتا آئي، ان جو عڪس سنڌي ادب ۽ سنڌي مضمون تي نمايان نظر اچي ٿو. هن دور جو نمائنده مضمون نويس ‘تيرٿ بسنت’ آهي، جنهن پنھنجي چٽي ۽ سلجهيل سوچ سان سنڌي مضمون کي نئون رخ ڏنو، جيڪو جذباتي نہ پر عقليت پسند ۽ عالمگير هو. لالسنگهہ اجواڻيءَ جي مضمونن بہ هن دور ۾ نقادن جو ڌيان ڇڪايو. سندس وسيع اڀياس ۽ اوچن ويچارن وارا مضمون ورهاڱي کانپوءِ بہ ڇپبا رهيا. ان دور جا گوبند ڀاٽيا، رام پنجواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، چيتن ماڙيوالا، عثمان علي انصاري، هرو مل سدارنگاڻي، هيرانند ڪرمچند، جئرام داس دولترام وغيرہ سٺا مضمون نگار هئا، جن جي مضمونن ۾ ادبي، سماجي، سياسي شعور ملي ٿو. هڪ نئين سماج جي قيام جو تصور اسان کي محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي. جي. اُتم جي مضمونن ۾ هن دور ۾ ملي ٿو. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ مضمون نگاريءَ تي گهٽ ڌيان ڏنو ويو. هن دور جو بلند پايه مضمون نگار عطا حسين شاھہ موسوي هو، جنهن جي مضمونن جو مجموعو ‘ڪچ ڪوڏيون’ جي نالي سان ڇپيو. هن پنھنجي مضمونن ۾ زندگيءَ جون تلخ حقيقتون دلچسپ رنگ سان بيان ڪيون. محمد اسماعيل عرساڻي بہ بنيادي طور تي مضمون نگار هو. سندس مضمونن جا ٽي مجموعا: ‘خيال خاطر’، ‘نقش عمل’ ۽ ‘نياريون وٿون’ شايع ٿيل آهن. ان کان سواءِ سندس ڪيترائي مضمون ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا. عثمان علي انصاري بہ اهم مضمون نگار هو. ٽماهي مهراڻ، نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ سندس شاهڪار مضمون شايع ٿيا. خاص ڪري ٽماهي مهراڻ ۾ سندس ڇپيل مضمون سنڌ جي تھذيب هڪ شاهڪار مضمون آهي. ان کان سواءِ ميران محمد شاھہ بہ سٺا مضمون لکيا، جن ۾ داخلي رنگ سان گڏوگڏ معلومات جو خزانو بہ شامل آهي. سندس مضمونن ۾ ‘دل جي طلب’ ۽ ‘گنجي ٽڪر جو سير’ سٺا مضمون هئا. ڊاڪٽر علي احمد قاضي بہ بنيادي طور تي مضمون نگار هو. سندس مضمون ۾ فلسفياڻه خيال ۽ سائنسي ڳالهيون سولي نموني پيش ڪيل هونديون هيون. سندس مضمونن ۾ ‘عشق ۽ عقل’، ‘سچ ۽ ڪوڙ’ ۽ ‘آسائي ۽ نراسائي’ بھترين مضمون هئا. پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا جي مضمونن ۾ هڪڙو منفرد انداز رهيو هو، داخليت جي بيان ۾ اشاراتي ۽ علامتي اسلوب اختيار ڪيل هوندو هو. ڪريم ڏنو راڄپر پڻ سٺو مضمون نگار هو. سندس مضمونن ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ سان گڏوگڏ زراعت جي معلومات بہ شامل هوندي هئي. سندس مضمونن جو مجموعو ‘ڪک هيٺان لک’ جي نالي سان شايع ٿيو، جنهن ۾ سندس ماهوار ‘نئين کيتيءَ’ ۾ شايع ٿيل مضمون چونڊ ڪيا ويا. محمد بخش مجنون بہ سٺو مضمون نگار هو، هن جو پنهنجو نئون ۽ دلڪش انداز بيان هو. سندس مضمونن ۾ وندر ۽ ورونهن سان گڏوگڏ طنز و مزاح بہ هوندو هو. سندس ڪتاب ‘مسڪين جھان خان کوسو’ مشھور آهي، جنهن جو هر باب الڳ سان هڪڙو سھڻو مضمون آهي. علامہ عمر بن محمد دائودپوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پير حسام الدين شاھہ راشدي، رحيمداد مولائي شيدائي بہ جيتوڻيڪ بنيادي طور تي محقق ۽ مؤرخ هئا، باوجود ان جي هنن مقالن سان گـڏ ڪيترائي مضمون پڻ لکيا. علامہ آءِ. آءِ قاضي جيتوڻيڪ هڪ فلاسافر هو، پر هن پڻ پنھنجي فلسفياڻي خيالن کي سلجهيل انداز ۾ مضمون جي اسلوب ۽ بيان ۾ لکيو. پير علي محمد شاھہ راشدي بہ صحافي هُجڻ سان گڏوگڏ بھترين مضمون نگار هو. سندس ڪتاب ‘اهي ڏينهن اهي شينهن’ سوانحي مضمونن تي مشتمل شايع ٿي چڪو آهي. جي ايم سيد جو ڪتاب ‘جن سين'>جنب گذاريم جن سين’ بہ سوانحي ادب جو اهم ڪتاب آهي. ان کان سواءِ سندس ڪتاب ‘چونڊ ادبي مضمون’، ‘چونڊ سياسي مضمون’، ‘چونڊ سماجي مضمون ’ ۽ ‘پيام عمل’ بہ مضمونن جا اهم ڪتاب آهن. پير حسام الدين راشديءَ جا تحقيقي، ادبي ۽ تاريخي مضمون وڏي اهميت جوڳا آهن. سندس ڪتاب ‘هو ڏوٿي هو ڏينهن’ مضمون نگاريءَ جي ڏس ۾ هڪ شاهڪار ڪتاب آهي. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، تاريخ، تحقيق، لوڪ ادب ۽ لطيفيات جي حوالي سان ڪيترا مضمون لکيا آهن، جيڪي ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهن. اهڙيءَ طرح مخدوم طالب الموليٰ بہ هن دور جو اهم اديب آهي، جنهن جو ‘مضامين طالب الموليٰ’ ڪتاب ڇپيل آهي. اُن کان سواءِ رحيمداد مولائي شيدائي جيتوڻيڪ محقق ۽ مؤرخ آهن، ان هوندي سندس مقالن سان گڏ مضمون بہ ڇپيل آهن. آڳاٽي دور ۾ نثر ۾ لکيل اڪثر صنفن کي مضمون جي صنف ۾ ڳڻيو ويندو هو، جن ۾ تنقيد، تحقيق، ڪالم، سوانحي خاڪا، سفر جو احوال، يادگيريون وغيرہ بہ اچي ٿي ويا، پر پوءِ وقت گذرڻ سان اهي تحريرون واضح نموني ۾ لکجڻ ڪري ڌار صنفن طور ڳڻپ ۾ آيون، جن کي سوانح، سفرناما، يادگيريون عنوان مليا. هن وقت تنقيد ۽ تحقيق سان لاڳاپيل تحريرون ‘مقالن’ جي سري سان ڇپجن ٿيون، جڏهن تہ شخصي تجربن مشاهدن جي روشنيءَ ۾ ڪنهن موضوع تي لکيل نثري تحريرون اڄ بہ مضمون طور سڃاتيون وڃن ٿيون. ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ تيرٿ بسنت، لالسنگهہ اجواڻي، ٻلديو گاجرا، هرو مل سدارنگاڻي، رام پنجواڻي، گنگارام سمراٽ، منو گدواڻي، جوهر بٺيجا، اي. جي. اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ موهن گيهاڻي اهم مضمون نويس رهيا. پوپٽي هيراننداڻي بہ مضمون نويسيءَ ۾ سرگرم رهي، جنهن عورتن جي جاڳرتا، خودداري، ڏيتي ليتي ۽ سماجي براين بابت مقبول مضمون لکيا. موجودہ دور ۾ هند ۾ پرم ابيچنداڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، هيرو ٺڪر، ڊاڪٽر ستيش روهڙا، هيرو شيوڪاڻي، رام امرلال پنجواڻي (سرڳواسي)، هريش واسواڻي (سرڳواسي)، ريٽا شھاڻي (سرڳواسي)، موتي لال جوتواڻي (سرڳواسي)، ليلو رچنداڻي (سرڳواسي)، ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي، هوندراج بلواڻي، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، لکمي کلاڻي، ڊاڪٽر موتي پرڪاش (سرڳواسي)، نند ڇڳاڻي ۽ ٻيا مضمون نويس مختلف قسمن جا مضمون لکي سنڌي مضمون جي آبياري ڪري رهيا آهن. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سيد ميران محمد شاھہ، عبدالله چنا، ﷲ بخش سرشار عقيلي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، تنوير عباسي (مرحوم)، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو (مرحوم)، پروفيسر علي نواز جتوئي (مرحوم)، محرم علي وگهامل (مرحوم)، ذوالفقار راشدي (مرحوم)، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، ڊاڪٽر قاضي خادم، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر هدايت پريم، نواز علي شوق، سراج (مرحوم)، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر (مرحوم)، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، عبدالقادر جوڻيجو، شوڪت حسين شورو، مير محمد پيرزادو، مدد علي سنڌي، تاج جويو، آفتاب ابڙو، پروفيسر سليم ميمڻ، ڊاڪٽر ادل سومرو، جامي چانڊيو، الطاف جوکيو، نصير مرزا، انعام شيخ، آسي زميني، حسين ڪپري، اياز گل، قاضي منظر حيات، علي آڪاش، رکيل مورائي ۽ ٻيا مضمون جي صنف کي اوج وٺائي رهيا آهن. سنڌيءَ ۾ ڇپيل مضمونن جي ڪتابن جي سال وار ترتيب هيٺ ڏجي ٿو: 1. پڪو پھہ (مضمون): ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي: 1862ع 2. مقالات الحڪمت: ترجمو: مرزا قليچ بيگ: 1877ع 3. علامات القرآن: قرآن شريف جو تمثيلون: مرزا قليچ بيگ: 1888ع 4. باغ ۽ باغباني: مرزا قليچ بيگ: 1895ع 5. حشرات الارض: مرزا قليچ بيگ: 1895ع 6. زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر: مرزا قليچ بيگ: 1895ع 7. فرائض انساني: مرزا قليچ بيگ: 1904ع 8. حقائق الارواح: مرزا قليچ بيگ:1905ع 9. آريہ ناري چرتر: بنگالي ڪتاب جي انگريزي ڇاپي جو سنڌي ترجمو: ديوان ڪوڙو مل: 1905ع 10. نوسنيهتا (ڪيشپ چندرسين جي مشھور ڪتاب جو سنڌي ترجمو): ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي: 1905ع 11. زادالاخرت (غزاليءَ تان): مرزا قليچ بيگ: 1906ع 12. حاجتمنديءَ مان طاقت مندي: مرزا قليچ بيگ: 1906ع 13. انجيل (سنڌي ترجمو): مرزا قليچ بيگ: 1907ع 14. مهاتمائن جا درشن: ديوان ڪوڙو مل: 1907ع 15. گلدستو: ديوان ڏيارام وسڻمل ۽ ليلارام پريمچند: 1907ع 16. ڀڳتن جون ساکيون: ديوان ڪوڙو مل: 1908ع 17. آرام مان آرام (James Allen’s ‘From Passion to Peace’): مرزا قليچ بيگ: 1909ع 18. تحفة النسوان: مرزا قليچ بيگ: 1912ع 19. علم تصوف: مرزا قليچ بيگ: 1912ع 20. ٿياسافي: مرزا قليچ بيگ: 1912ع 21. تھذيب الاخلاق: مرزا قليچ بيگ: 1913ع 22. ايمرسن جا عجيب نڪتا: مرزا قليچ بيگ: 1914ع 23. جوانيءَ جو اڪسير: مرزا قليچ بيگ: 1915ع 24. گلزار نثر: ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي: 1919ع 25. قديم سنڌ: مرزا قليچ بيگ: 1921ع 26. تحفة اسماعيليه: مرزا قليچ بيگ: 1922ع 27. استاد جي قدمن وٽ (ڪرشنا مورتي جي ڪتاب All the feet of the Masters تان ورتل: مرزا قليچ بيگ: 1923ع 28. صلح ڪل جو پيغام (بھائي مذهب جي سمجهاڻي ۽ اصول): مرزا قليچ بيگ: 1923ع 29. سنڌ جو سيلاني: ڀيرومل مهرچند:1923ع . وطن دوستي (ٻارن لاءِ وطن دوستيءَ جا مضمون): ويرومل ملاڻي: 1923 31. ناري نروڳ جيون: منوهرداس ڪوڙو مل: 1923ع 32. گهرو رواجي علاج: پهلاج راءِ واسواڻي: 1924ع 33. گل ڦل (ڀاڱو پهريون): پرمانند ميوارام: 1925ع 34. گل ڦل (ڀاڱو ٻيو): پرمانند ميوارام: 1926ع 35. هيري جون ڪڻيون: مرتب: ساڌو هيرانند: 1926ع 36. لطيفي سير: ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي: 1926ع 37. ڦلن مُٺ: لعلچند امرڏنو مل جڳتياڻي: 1927ع 38. ڳوٺاڻي چھر: نارائڻداس ملڪاڻي: 1927ع 39. سنڌ جا هنر: پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻي: 1927ع 40. هندستان جي پئمالي (آزاديءَ جي هلچل بابت مضمون): وشنو شرما: 1927ع 41. گلزار نثر: ڀيرو مل مهرچند: 1929ع 42. روحاني سمجهاڻيون (آتمڪ وياکيان): ديوندرناٿ ٽئگور جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو: ديوان ڪوڙو مل: 1930ع 43. ڳوٺاڻي چھر: نارائڻ داس ملڪاڻي: 1931ع 44. بھارستان: نانڪرام ڌرمداس: 1932ع 45. ڦول ڦليل: نانڪ رام ڌرمداس: 1932ع 46. گلستان: ليکراج عزيز ۽ فتح چند واسواڻي: 1932ع 47. جوهر نثر: فتح چند ۽ ميلارام واسواڻي: 1932ع 48. مقدمو (شاھہ جي رسالي جو مقدمو): ڊاڪٽر ھہ. م گربخشاڻي: 1933 49. سرها گل: ڊاڪٽر عمر دائودپوٽو: 1933ع 50. چونڊ سنڌي نثر (جوت اخبار ۾ ڇپيل مضمون): 1935ع 51. چونڊ سنڌي نثر: ڏيارام وسڻ مل، جمناداس سڌاڻي: 1935ع 52. مهاتما سان ڳالهيون: پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻي: 1935ع 53. مهاتما گانڌي: غلام دستگير مرزا: 1935ع 54. درس عمل: عثمان علي انصاري: 1936 55. هر دوار جو اتهاس: روچيرام ڄيٺڙا: 1938ع 56. هيرانند- سنڌ جي آتما: راج رشي ڏيارام گدو مل (مترجم: مولچند منگهو مل واسواڻي)، 1938ع 57. چونڊ مضمون (شاگردن لاءِ)، اسد بيگ قليچ مرزا ۽ گرمک داس ايس. نگراڻي، 1938ع 58. پنگتي انقلاب: ديوان واڌو مل گنگارام: 1939ع 59. چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم: ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽو: 1940ع 60. چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم (ڀاڱو ٽيون)، ترتيب: ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽو، 1960ع 61. انار دانه (نارائڻداس ملڪاڻي): 1940ع 62. ورق: گوبند ڀاٽيا: 1940ع 63. ناري ڌرم: ڪرشانند: 1940ع 64. چڻنگون: تيرٿ وسنت: 1940ع 65. ادبي آئينو: ليکراج عزيز: 1941ع 66. سنڌ جو سکر سونهارو: پرسرام ويرو مل مسند: 1941ع 67. ٽنڊي آدم جو اتهاس: ارجن سڪايل: 1941ع 68. دور مشرق: تيرٿ سانولاڻي: 1943ع 69. ادبي انتخاب: عثمان علي انصاري: 1944ع 70. چڻنگون (مضمون)، تيرٿ وسنت، 1944ع 71. ادبي غنچو: نارائڻداس ڀنڀاڻي ۽ رام پنجواڻي: 1945ع 72. ويچار (ڊي. جي. سنڌ ڪاليج جي مسلني جا چونڊ مضمون): مرتب: لالسنگهہ اجواڻي: 1945ع 73. ادبي گلشن (ڀاڱو پهريون): مرتب: نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻي: 1945ع 74. ادبي گلشن: ڀاڱو ٻيو: مرتب: نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻي: 1945ع 75. ادبي گلشن: ڀاڱو ٽيون: نهالچند ريواچند چئناڻي ۽ نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻي: 1946ع 76. جوت جو گولڊن جوبلي پرچو: پرمانند ميوارام: 1946ع 77. فرياد سنڌ (سياسي مضمون): پير علي محمد راشدي: 1946ع 78. ڪلاڪار جي دنيا: پروفيسر خوشيرام واسواڻي:1947ع 79. ڀارت جو بلوو (آزاديءَ بابت مضمون): رام ڪرشن آڏواڻي: 1947ع 80. گهرو حڪيم: سيد عمر شاھہ: 1947ع 81. گلدستو: ڏيارام وسڻمل: 1947ع 82. اخلاقي مضمون: آغا تاج محمد: 1947ع 83. صحت سوکڙي: ڊاڪٽر هرنامداس: 1947ع 84. نياريون وٿون: محمد اسماعيل عرساڻي 85. تحفه نثر و نظم: محمد صديق مسافر ۽ غلام محمد شھواڻي: 1948ع 86. نئين زندگي (مختلف ليکڪن جا مضمون): اجمير: 1949ع 87. ڪچ ڪوڏيون: عطا حسين شاھہ موسوي: 1950ع 88. مضمون مالها (شاگردن لاءِ): داس طالب: 1951ع 89. شاھہ: ڪلياڻ آڏواڻي، 1951ع 90. ادبي گل: موتي پرڪاش: 1951ع 91. سامي: ڪلياڻ آڏواڻي، 1953ع 92. سنڌي سٻاجهڙا: محمد اسماعيل عرساڻي: 1953ع 93. سچل: ڪلياڻ آڏواڻي، 1954ع 94. ڪنور، تيرٿ وسنت: 1957ع 95. واندڪائي جي وندر: محمد صالح ڀٽي (نئون ڇاپو: 1958ع) 96. ڪچ ۽ ڪوڏيون: پروفيسر عطا حسين شاھہ موسوي: 1959ع 97. وسنت ورکا (ادبي مضمون): تيرٿ وسنت: 1959ع 98. وسنت ورکا (مضمون)، تيرٿ وسنت، 1959ع 99. ساهتيہ سار (ادبي اڀياس)، تيرٿ وسنت، 1960ع 100. ساهتڪ پشپ (ديوان ڪوڙو مل): مرتب: منوهر داس ڪوڙو مل: 1960ع 101. هڪ پشپ، پندرهن پنکڙيون (عورتن بابت مضمون): پوپٽي هيراننداڻي: 1961ع 102. مان ڇا آهيان؟(ويدانت بابت سمجهاڻي): پوپٽي هيراننداڻي: 1965 103. ماڪ ڀنا رابيل (نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل مضمونن ۽ مقالن جو انتخاب): ترتيب: پير حسام الدين راشدي: 1965ع 104. مهراڻ جون موجون (نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل مضمون): ترتيب: پير حسام الدين راشدي: 1965ع 105. ساهت جو سينگار (مختلف مضمون): منوهر داس ڪوڙو مل: 1965ع 106. ڪک ۽ ڪانا (مضمون): ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي: 1966ع 107. سونهري سخن (ناصحاڻا مضمون، شاگردن لاءِ): ٻوڌراج: 1966ع 108. ڪک هيٺان لک (علمي، ادبي ۽ معلوماتي مضمون) ڪريم ڏنو راڄپر: 1966ع 109. اتهاس درشن (اڀياس)، تيرٿ وسنت، 1967ع 110. پاپ جي مايا (شاگردن لاءِ مضمون): سنتداس جهانگياڻي: 1967ع 111. تقريرون ۽ تحريرون-1 (تقريرون ۽ مضمون): مرزا قليچ بيگ، 1970ع 112. چرن، چڻڪن چت ۾ (مضمون)، پوپٽي هيراننداڻي، 1971ع 113. اڇل (مهاڳ ۽ مضمون): لالسنگهہ اجواڻي: 1972ع 114. چونڊ ادبي مضمون: جي. ايم. سيد، 1974ع 115. چونڊ سياسي مضمون: جي. ايم. سيد، 1975ع 116. زندھہ سا قوم رهندي (سنڌيت جي هلچل بابت مضمون): پوپٽي هيراننداڻي: 1975ع 117. هٻڪار: ڊاڪٽر نواز علي شوق: 1975ع 118. هو ڏوٿي هو ڏينهن: پير حسام الدين راشدي: 1977ع 119. ساهتيہ سرج (ادبي اڀياس)، تيرٿ وسنت، 1978ع 120. خوشبوءِ (مضمونَ): تيرٿ وسنت: 1979ع 121. سارنگ (خاڪا ۽ مضمون): تيرٿ وسنت: 1979ع 122. پشپ مالها (درسي قسم جا مضمون): ميول آهوجا: 1980ع 123. ڦلواڙي (مختلف ليکڪن جا مضمون): اکل ڀارت سنڌي ساهتيہ سڀا پونو: 1980ع 124. گلن مٺ (طبعزاد ۽ ترجمو ٿيل مضمون): مانسنگهہ چوهڙ مل: 1980 125. سچ ڇا آهي (فلسفياڻا مضمون)، تيرٿ وسنت: 1980ع 126. مهاڀارت جو سار (اڀياس)، تيرٿ وسنت، 1980ع 127. اهي ڏينهن اهي شينهن: پير علي محمد راشدي، 1980ع 128. جيڪي ڏٺو مون: گرداس واڌواڻي: 1980ع 129. چونڊ سنڌي مضمون: مرتب: ڪيرت مهرچنداڻي: 1981ع 130. پکڙيل گل (شاگردن لاءِ مضمون): ڪيرت مهرچنداڻي: 1982ع 131. آتم ٻل (مضمون): تيرٿ وسنت: 1982ع 132. جيون جوت (اڀياس)، تيرٿ وسنت، 1982ع 133. جيون رهسيه (اڀياس)، تيرٿ وسنت، 1982ع 134. ادبي سرهاڻ (ادبي مضمون): ڄيٺو لالواڻي، 1982ع 135. گل ڦل (شاگردن لاءِ): ڪيرت مهرچنداڻي: 1983ع 136. مهڪريءَ جا مضمون: ترتيب۽ ترجمو: محمد ابراهيم جويو: 1983ع 137. وکريل موتي (مضمون ۽ مقالا)، پروفيسر عطا محمد حامي، 1983ع 138. ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا (خاڪا ۽ مضمون): علي احمد بروهي: 1984ع 139. آئينو ۽ اولڙو: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: 1984ع 140. نوان چونڊ مضمون: ٻلديو گاجرا: 1984ع 141. گوناگون مضمون: ٻلديو گاجرا: 1984ع 142. ساهت سڳنڌ: ميول آهوجا: 1984ع 143. سجاڳ سنڌ (سنڌ جي قومي هلچل بابت مضمون): اي. جي اتم: 1984ع 144. هنج چڳن موتي (ادبي مضمون): آسانند مامتورا: 1985ع 145. وطن جي صدقي، ڄيٺو لالواڻي: 1985ع 146. شل سڀني کي ڌيئر ڄمن (مضمون): گوبند رامچنداڻي: 1986ع 147. ڏيئا تيل ڦليل جا: علي احمد بروهي: 1986ع 148. ساهت درپن: آشا درگاپوري: 1986ع 149. واٽ ويندي (خاڪا ۽ مضمون) علي احمد بروهي: 1986ع 150. سڏن مٿي سڏڙا (متفرقه مضمون)، علي احمد بروهي: 1996ع 151. امن جي افق ڏانهن (مضمون)، ڪيرت ٻاٻاڻي، 1987ع 152. پيهي منجهہ پاتال (مضمون ۽ مقالا): ڪيرت ٻاٻاڻي، 1987ع 153. ادب ۽ ماحول، در محمد پٺاڻ، 1987ع 154. تازا گل (ڀاونداس تلريجا)، 1988ع 155. رند ۽ پنڌ: سيد حسين شاھہ راشدي، 1988ع 156. وکر سو وهاءِ: غلام حسين رنگريز: 1989ع 157. سنڌي ٻولي: ليلو رُچنداڻي، 1989ع 158. بھترين سنڌي مضمون: مرتب: هيرو ٺڪر: 1990ع 159. ڇوليون (مضمون: شاگردن لاءِ)، ڏيپچند بيلاڻي: 1990ع 160. رنگ برنگي گل (مختلف ليکڪ)، مرتب: پروفيسر رام شرما، 1990ع 161. جيءُ جياريو جن (سوانحي مضمون)، رشيد ڀٽي: 1990ع 162. ڳجهہ ڳجهاندر ڳالهڙيون: علي احمد بروهي: 1990ع 163. منهن تنين مشعل (سوانحي خاڪا ۽ مضمون)، تنوير عباسي: 1990ع 164. پکڙيل گل (مختلف مضمون): منوهر نهالاڻي، 1991ع 165. اسين مسافر پيار جا (مضمون ۽ خاڪا): ڊاڪٽر ادل سومرو، 1991ع 166. ڄيٺمل پرسرام- سندس چونڊ لکڻيون، ترتيب: موتيرام ايس رامواڻي، 1991ع 167. تارا، نکٽ، ڪتيون (ادبي تاريخي مضمون): موتيرام رامواڻي: 1992ع 168. ڪشڪول: عطا حسين شاھہ: 1992ع 169. ادب ۽ روايتون: قاضي خادم: 1992ع 170. ساگر جون سپون (فلسفياڻا مضمون): نامديو لاڊلا: 1992ع 171. مهڪندڙ موتي (مذاقيه موتي)، موتيرام رامچنداڻي: 1992ع 172. مُٺِ مُٺ موتين جي (هفتيوار ’هدايت‘ ۾ ڇپيل مضمونن جي ترتيب): محمد ابراهيم جويو: 1992ع 173. امنگن جا آبشار (سير سفر ۽ سنڌيت هلچل بابت): ايشوري جوتواڻي: 1993ع 174. ڪجهہ فرصت ۾ (شخصي مضمون): نرملا آسناڻي: 1994ع 175. سنڌ ۽ سنڌي: ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي: 1994ع 176. ناريءَ جو سنگهرش: هيملتا بجاج: 1995ع 177. سڳنڌ انجلي (سماجي مضمون): يشوڌرا واڌواڻي: 1995ع 178. هوءَ جا ٽمڪي باهڙي (مضمون ۽ ترجما): محمد ابراهيم جويو: 1995ع 179. ڪک پن: علي احمد بروهي: 1996ع 180. سوچ جو سفر، انعام شيخ، 1996ع 181. چمڪندڙ موتي (بياني): موتيرام رامچنداڻي: 1996ع 182. گل گرنار جا (تحقيقي مضمون)، جينت ريلواڻي: 1996ع 183. ڪوڙ (ڀريل مالها)، جينت ريلواڻي: 1996ع 184. رهبر منهنجي راھہ جا (سوانحي ادبي مضمون): گوبند مالهي: 1996ع 185. آواز (درسي ۽ ناصحانا مضمون)، ديپا ٽيڪواڻي، 1996ع 186. انمول موتي (مذاقي ۽ طنزيہ مضمون)، موتيرام رامچنداڻي: 1996 187. متفرقه مضمون: تيج قابل: 1997ع 188. تخليق (طنزي ۽ مزاحيہ ٻهروپي چهرا): امل آهوجا: 1997ع 189. ٻوٽي ٻوٽي گل ٽڙيا: انيتا ڪيولراماڻي: 1997ع 190. سنڌي ٻولي، ادب ۽ تعليم: محمد ابراهيم جويو: 1998ع 191. ڪنڊن جو مربو (سياسي، ادبي، طنزيہ مضمون): چترو ناگپال، 1998ع 192. ڪرسي (ادب، تعليم، ثقافت ۽ انٿراپالاجيءَ بابت مضمون): عبدالقادر جوڻيجو، 1998ع 193. سونهن، عشق ۽ سنسار: انعام شيخ: 1998ع 194. اڻلڀ موتي (مزاحيہ ۽ طنزي مضمون): موتيرام رامچنداڻي، 1999 195. روح جا ريلا (مضمون ۽ ڪالم)، عبدالواحد آريسر، 1999ع 196. سماج ۽ ادب: انعام شيخ: 1999ع 197. چنتن (نفسياتي ۽ ادبي مضمون)، روپ ڪمار گهايل، 2000ع 198. جا چتايم چت ۾ (ادبي مضمون)، موهن گيهاڻي، 2000ع 199. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد پهريون): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: 2000 200. سنڌي ٻوليءَ جا هزار سال (ترتيب): منوهر مٽلاڻي، 2000ع 201. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ٻيو): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: 2001ع 202. پشپ جا موتي (ناصحانه مضمون) ڀڳوان سي. ٿڌاڻي، 2001ع 203. جيون ۽ ساهت (ادبي مضمون): ريٽا شھاڻي: 2001ع 204. رچنا ياترا (3): لکمي کلاڻي، 2001ع 205. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ٽيون): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: 2002ع 206. ڪٺمال: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: 2002ع 207. مسافر محبتون: نثار کوکر: 2003ع 208. ويچارن جو جهڳٽو (سماجي ۽ ادبي مضمون)، آتمارام گوپالاڻي، 2003 209. سنڌيت وڏي يا ملڪ؟ (ٻولي، ادب ۽ سماج بابت مضمون): ڀڳوان اٽلاڻي، 2004ع 210. سنڌيت جو سڏ: گيان هيمناڻي، 2004ع 211. آڳاٽو ادب: سنڌو جوت، خاص پرچو، مرتب: لڇمڻ ڀاٽيا: 2004ع 212. ڪٺياس ڀنڀور ۾، جينت ريلواڻي، 2004ع 213. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد چوٿون): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: 2003 214. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد پنجون): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: 2003 215. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ڇهون): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: 2005 216. لفظ نہ آهن کيڏوڻا (مضمون، ڪالم ۽ خاڪا)، مشتاق ڀرڳڙي: 2005 217. پائي پٽ ڪڻا (سوانحي ۽ تحقيقي مضمون): نور افروز خواجہ: 2005 218. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ستون): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: 2006ع 219. سنڌ: ماضي، حال ۽ مستقبل: مرتب: ڊاڪٽر فھميدہ حسين: 2006ع 220. سارنگ سار لهيج: وينا شرنگي، 2006ع 221. سچ اَسچ: ڊاڪٽر ستيش روهڙا، 2006ع 222. ڇا لکان (سياسي، سماجي، ادبي مضمون): عبدالقادر جوڻيجو، 2007ع 223. ڪڇان ڪڄاڙو (مقالا)، حيدر علي لغاري، 2007ع 224. ادب، سياست ۽ سنڌي سماج: جامي چانڊيو، 2007ع 225. گل ڦل، پرمانند ميوارام، چونڊ: موتي پرڪاش: 2008ع 226. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد اٺون): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: 2008ع 227. لالچند امرڏنو مل: چونڊ رچنائون، سمپادڪ: مرليڌر جيٽلي، 2008 228. سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال، ترتيب: تاج جويو: 2009ع 229. مُشڪ کٿوري مڻ (سوانحي ۽ تحقيقي مضمون): ڊاڪٽر نور افروز خواجہ: 2010ع 230. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد نائون): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: 2010ع 231. هڪ ليکڪ جو تخليقي سفر- امر جليل [1955ع کان 1974ع]، مرتب: مختيار ملاح، 2010ع 232. ائين ڀلا ڪيئن هوندو (مضمون ۽ ڪالم)، عبدالقادر جوڻيجو 2010ع 233. زنبيل (مضمون ۽ مقالا)، عبدالجبار جوڻيجو، 2010ع 234. ڳڻوانن جون ڳالهيون (مضمون)، قمر شهباز، 2010ع 235. وکريل وٿون (عطا حسين شاھہ موسويءَ جا مضمون)، ترتيب: قريشي حامد علي خانائي، 2011ع 236. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ڏهون): ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: 2011 237. سنڌي ٻولي- مختلف لساني پهلو: ڊاڪٽر فھميدہ حسين: 2011 238. اديون آءٌ اڄاڻ (لطيفيات): ڊاڪٽر فھميدہ حسين: 2011ع 239. خواب نگر (100 ڪالم)، محمود مغل، 2011ع 240. مقالات سرفراز، سرفراز احمد ڀٽي، 2011ع 241. سنڌي صورتخطيءَ بابت مضمون ۽ مقالا، مرتب: مختيار احمد ملاح، 2011ع 242. سنڌي ليکڪائن جي ادب ۾ همعصر موضوع: پروفيسر سنڌيا چندر ڪُندناڻي: 2011ع 243. سڀيتا جا سونهان (ثقافتي ۽ تاريخي مضمون)، محمد حسين ڪاشف، 2012ع 244. هڪ ليکڪ جو تخليقي سفر- امر جليل [1976ع کان 2000ع]، مرتب: مختيار ملاح، 2013ع 245. شاھہ لطيف جا فڪري سرچشما: تاج جويو: 2014ع 246. تيرٿ وسنت جون رچنائون، چونڊ ۽ ترتيب: صاحب بجاڻي، 2014 247. عظيم شاعر: استاد بخاري، هولارام هنس، 2015ع 248. هڪ ليکڪ جو تخليقي سفر- امر جليل [2000ع کان 2010ع]، مرتب: مختيار ملاح، 2015ع 249. سڀيتا جا سونهان (مضمون)، محمد حسين ڪاشف، 2015ع 250. سنڌي صورتخطيءَ بابت مضمون ۽ مقالا،مختيار احمد ملاح،2016ع وڌيڪ ڏسو : سنڌي ادب ۾ سفرنامو