
سجادو
سجادو(Sunhemp) : هي وڻ ڪانگڻيءَ جي وڻ جيڏو ٿيندو آهي، جيڪو فصلن سان گڏ پاڻيءَ تي پيدا ٿيندو آهي. هن جون شاخون ڊگهيون، لڪڻن وانگر ٿيندون آهن، جن مان تندون نڪرنديون آهن. حڪيمن موجب سجادي جون پاڙون گهوٽي پياريڻ سان بواسير جي رت جي گهڻائيءَ کي روڪي سگهبو آهي. ڦڦڙن جي بيماريءَ ۾ بہ فائدو ڪندو آهي. پيشاب جاري ڪري ٿو، مثاني جي پٿري، مثاني جي ڦٽ ۽ جگر جي گرميءَ لاءِ مفيد آهي. هن جي پاڻيءَ جون گرڙيون ڪرائجن تہ ڏندن جي سُور کي لاهي ٿو.