
زيتون

زيتون
زيتون (Guava): زيتون کي انگريزيءَ ۾ گئاوا (Guava) ۽ اردوءَ ۾ ’امرود‘ چئبو آهي. زيتون جو سائنسي نالو Psidium Guajava آهي، جيڪو مائريٽيسي ڪٽنگ خاندان (Myrtacae Family) سان تعلق رکي ٿو. زيتون شروعاتي دؤر ۾ ميڪسيڪو، اتر آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا، ڪئليفورنيا ۽ برازيل ۾ ٿيندو هو، جتان پکڙجي دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏ ننڍي کنڊ: هندوستان ۽ سنڌ/پاڪستان ۾ اچي پهتو، جتي زمين ۽ آبهوا جي موافقت مطابق وڌندو رهيو. پاڪستان جي ڪيترن شهرن ۾ هن ميوي جي مختلف جنسن جي پوک ڪاميابيءَ سان ڪئي وڃي ٿي، جن ۾ قلات، بنون، ديرا اسماعيل خان، فيصل آباد ۽ سنڌ جي لاڙڪاڻي، سکر، خيرپور ميرس، نوشهري فيروز، حيدرآباد شهرن ۾ هي ميوو ڪاميابيءَ سان ٿئي ٿو، پاڪستان جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ زمين، موسم ۽ آبهوا جي لحاظ کان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ زيتون وڏي ڪاميابيءَ سان ٿئي ٿو. زيتون مان وٽامن سي، تمام وڏي مقدار ۾ حاصل ٿئي ٿي زيتونن ۾ لوھہ، فاسفورس، ڪئلشيم، پيڪٽن ۽ وٽامن اي (معدنيات) موجود آهن. ناقص غذا ۽ خوراڪي جزن جي کوٽ هئڻ ڪري انساني جسم ۾ ڪيتريون بيماريون لڳن ٿيون. پر زيتون جي استعمال سان انهن بيمارين تي ڪافي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. لاڙڪاڻي ضلعي جي نئون ديرو- ماهوٽا آگاڻي وارن علائقن ۾ زيتون جي سٺي پوک ٿيندي آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جا زيتون سنڌ، پاڪستان توڙي ٻاهر مشھور آهن. لاڙڪاڻي جو زيتون ڪافي لذت دار ٿئي ٿو ۽ ڏسڻ ۾ بہ ڪافي خوبصورت هوندو آهي.
آبهوا (Climate): زيتون جي پوک لاءِ گرمي گهرجي، پر وچولي ۽ گرم قسم جي آبهوا ۾ بہ پوکي سگهجي ٿو.
زمين (Soil): ڪلراٺي، وارياسي ۽ سم واري زمين کانسواءِ ٻيءَ ڪنهن بہ قسم جي زمين ۾ جنهن ۾ سڀڪو ميوو ڪاميابيءَ سان لڳي نٿو سگهي، انهيءَ ۾ زيتون لڳائي سگهجي ٿو، پوءِ ڀلي اها زمين چيڪي هجي، سخت قسم جي هجي يا هلڪي وارياسي هجي، پر عام طور لٽاسي زمين ۾ زيتون جو فصل ڪامياب آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ پيدائش ڏئي ٿو.
زمين جي تياري (Land Preparation): باغ لاءِ رٿيل زمين مان جهنگ وڍي لاھہ ۽ پاڙون ڪڍي صاف ڪجن. انهيءَ کان پوءِ زمين کي چڱيءَ طرح سان (هر، ڪيڻون ڏئي) ڪمائجي. ان لاءِ اڌ جريب 1/4 ايڪڙ جا ٻارا تيار ڪري چؤگرد ڏهن فوٽن جا رستا ڪڍجن. هر هڪ ٻاري کي ڪيڻ لڳائي هموار ڪجي. اهڙيءَ طرح 30x30 فوٽن جي مفاصلي تي چورس (Square Method) يا ڇھہ ڪنڊي طريقي (Hexagonal Method) سان ماپ وٺي، ٽي فوٽ اونها ۽ ٽي فوٽ ويڪرا کڏا کوٽجن، جن ۾ ٻہ حصا لٽياسي مٽي ۽ هڪ حصو ڳريل سڙيل وٿاڻ جي ڀاڻ ۾ چڱيءَ طرح ملائي کڏن کي ڀرجي ۽ هر کڏي ۾ ڪاٺ جو ڪلو يا ڪانو ماپ آهر نشان طور لڳائجي تہ جيئن چڪي لڳائڻ وقت نشان ظاهر ٿئي ۽ قطار سڌي بيهي. هي سمورو ڪم چڪين لڳائڻ کان هڪ مهينو اڳ ڪجي. انهيءَ وچ ۾ کڏن کي پاڻي ڏجي تہ جيئن مٽيءَ ۾ ملايل ڀاڻ گرمي ڇڏي ٿڌو ٿي وڃي ۽ مٽي بہ کڏي ۾ ڄمي وڃي، تنهن کانپوءِ رهيل مٽي ۽ ڀاڻ مليل کڏن ۾ وجهي کڏا لتاڙي ڀري ڇڏجن. زيتون جون مختلف علائقن ۾ مختلف جنسون ڪامياب آهن، جن جا تفصيل هيٺ ڏجن ٿا.
لاڙڪاڻي ضلعي جون مشهورن جنسون: ريالي (Riali): هن جنس جو وڻ وچولي قد جو ٿيندو آهي، ان جا پن ننڍا سوڙها، وچولو ڇٽو هڻندڙ، ميوو گهگهي نموني، کل نرم لسي، رنگ هلڪو پيلو، وزن 50 کان 150 گرام، مندائتو فصل وڌيڪ ڏيندو آهي. پيدائش 5 کان 7 مڻ في وڻ اٿس، هن جنس جو مارڪيٽ ۾ ملھہ سٺو آهي.
مقامي سنڌي (Local Sindhi Larkana): هن جنس جو وڻ ريالي ۽ ٿڌا راميءَ کان قد ۾ ڊگهو ٿئي ٿو ۽ اُن جو ڦهلاءُ ۽ ڇٽو (Spreading) بہ وڌيڪ آهي. هن زيتون جو پن ننڍو ۽ سنهو وچ تي ويڪرو ٿئي ٿو ۽ آخر ۾ سوڙهو هوندو آهي. وڻ ۾ ٽارين جو تعداد گهٽ هوندو آهي. ٿڙ جي موڪر وچولي هوندي آهي. شاخن ۾ ميوو جدا جدا جهليندو آهي. زيتون شڪل ۾ دلي يا گهگهيءَ نموني يعني هيٺان ٿولھہ ۾ ويڪرو ۽ مٿي ڳچيءَ يا بونڊ ۾ سوڙهو هوندو آهي. ميوي جو وزن 50 کان 100 گرام ٿئي ۽ کائڻ ۾ مٺو ۽ ذائقيدار هوندو آهي، ڳر ۾ ٻج گهڻو هوندو اٿس. کل جو رنگ سائي کان پيلو، مٿاڇرو لسو هوندو اٿس. پيدائش 4 کان 5 مڻ في وڻ لهندو آهي. هن زيتون جو مارڪيٽ ۾ مُلھہ تمام سٺو ملندو آهي. هيءَ لاڙڪاڻي جي تمام ڪامياب جنس آهي.
ٿڌا رامي (Thada Rami): هن جنس جو وڻ ٻين سڀني کان وڌيڪ گهاٽو ڇٽو هڻندو آهي. پن ڊگها ۽ ويڪرا چوٽيءَ ۾ سوڙها ٿين ٿا. ميوو جهڳٽن ۽ ٽارين ۾ ٻہ ٻہ ٽي ٽي ميوا جهليندو آهي. هن جو ميوو اٽڪل 400 گرام تائين وزني ٿيندو آهي. شڪل ۾ سخت، رنگ گهرو سائو ۽ ذائقي ۾ کٽو ٿيندو آهي. حفاظت ڪرڻ جي خاصيت اٿس. ٻنهي مندن اونهاري ۽ سياري ۾ فصل هڪ جهڙو کڻندو آهي. ميوي کي گهڻي سرديءَ ۾ ڪوڙھہ جو مرض لڳندو آهي، تنهنڪري خاصيت خراب ٿي پوندي اٿس ۽ مارڪيٽ ۾ ملھہ گهٽ ملندو آهي. پيدائش 3 کان 5 مڻ في وڻ ڏيندو آهي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ خيرپور ڊويزنن ۾ ٻيون جنسيون جھڙوڪ: مالٽو، گولو، شملو کانسواءِ ننڍي پيماني تي ميهو، ڪريلو، ونگو، سرخو گول، سفيدو، چتريدار، رمضاني، الھہ آبادي، فيصل آبادي ۽ بنا ٻج واريون جنسون پوکيون وڃن ٿيون.
چڪين لڳائڻ جي مند (Season of Transplanting): چڪين لڳائڻ لاءِ بھار جي موسم يعني آخر فيبروريءَ کان مارچ ۽ سرءُ ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر وارا مهينا موزون آهن. چڪيون کڏن ۾ لڳل ڪاٺ جي جاءِ تي مٽي کوٽي سندن اصل مٽيءَ جي ڳوڙهي جي نشان تائين سڌيون وهارجن ۽ سندن چوڌاري دڪيون ٺاهجن تہ جيئن پاڻي سڌيءَ طرح چڪيءَ کي نہ لڳي. (چڪيءَ جو رخ هوا کي سامهون نہ هئڻ گهرجي). ٻج ذريعي (By Seed): جڏهن زيتون جو ميوو پچي تيار ٿئي ۽ پَٽَ شروع ٿئي تہ ان وقت سٺا صاف ۽ پڪل داڻا، جن جي جسامت بہ صحيح هجي گڏ ڪرڻ گهرجن ۽ رکي ڇڏجن. ڪجهہ ڏينهن ۾ اهي نرم ٿي ويندا، پوءِ ان ميوي کي چاقوءَ سان ٻج جي مٿان آيل تھہ کي لاهبو تہ اندران گول شڪل ۾ ٻج جو ننڍو گولو نڪرندو، پوءِ ان ٻج کي دٻي ۾ وجهي، ان کي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏجي. هڪ ٻن ڏينهن تائين اهو ٻج پاڻيءَ ۾ پيو هجي تہ جيئن ٻج کي چنبڙيل ڳر ٻج کي ڇڏي ڏئي، پوءِ ٻج کي ڇاڻيءَ ۾ ڇاڻي صاف ڪجي. اهو ٻج پندرهن ڏينهن تائين پاڻيءَ ۾ پسائي رکجي تہ جيئن نرم ٿئي، پوءِ 4x8 فوٽ جون ويڪريون ٻاريون ٺاهي گڏ ڪري چئن کان پنجن انچن جي مفاصلي تي هڪ انچ اونهو ٻج پوکي مٿان گند گاھہ ڏئي پاڻي ڏجي تہ جيئن ٻاريون سڪي نہ وڃن. ڇو تہ زيتون جو ٻج سخت ٿيندو آهي ۽ هن کي وڌيڪ پاڻيءَ جي ضرورت پوندي آهي، ان ڪري گندگاھہ وجهي پاڻي ڏيڻ سان زمين گهڻو وقت آلي رهندي آهي ۽ ٻج جو ڦوٽهڙو سٺو ٿيندو آهي. اونهاري ۾ پاڻي پنجين ڏينهن ۽ سياري ۾ ستين ڏينهن ڏيڻ گهرجي.
ٻج، ٻارين ۾ ڇٽ ڪري ۽ هٿ سان ملائي سگهجي ٿو، پر ان مٿان گندگاھہ وجهڻ تمام ضروري آهي. اهي ٻوٽا وڌي جڏهن ٻن فوٽن يا هڪ سال جا ٿين تہ پوءِ انهن ٻوٽن کي چڪين جي صورت ۾ ڪڍي باغ لاءِ تيار ڪيل زمين ۾ لڳائجي. ٻج گهربل جنسن جو حاصل ڪجي. مثلاً لوڪل سنڌي يا ٻي ڪا جنس حاصل ڪرڻ لاءِ هر هڪ جنس لاءِ جدا جدا ٻاريون ٺاهجن ۽ ان ۾ نقشي موجب ٻج پوکجي. سڄي باغ مان هٿ ڪيل ٻج پوکڻ سان اصل جنس حاصل نٿي ٿي سگهي، ڇو تہ باغ ۾ ٻيون بہ ڪيتريون ئي جنسون هونديون آهن.ٻج ذريعي تيار ڪيل چڪين ۾ اصلي خاصيت واري جنس نٿي ملي. انهيءَ ڪري اوڌ ذريعي چڪيون وڌائڻ ئي مناسب طريقو سمجهيو وڃي ٿو.
جيڪڏهن ٻج ٻہ هفتا پاڻيءَ ۾ پسائي رکبو يا پنج منٽ گرم پاڻيءَ ۾ پسائي پوکبو تہ ٻج جلدي ڦٽندو. سياري جي فصل مان ورتل ٻج فيبروري، مارچ ۽ اونهاري جي فصل مان ورتل ٻج آگسٽ ۾ پوکڻ گهرجي. ميوو جهلڻ (Fruiting): زيتون جا وڻ ٽن سالن کانپوءِ ميوو جهلڻ شروع ڪن ٿا ۽ ٽيهن کان چاليهن سالن تائين ميوو ڏيندا رهن ٿا، جنهن کانپوءِ سندن عمر ختم ٿي ويندي آهي. هي سال ۾ ٻہ مکيہ فصل ڏين ٿا. هڪ فصل سياري جي شروعات يعني نومبر مهيني کان ٺھڻ شروع ٿئي ٿو جيڪو بھار جي پوري موسم هلي ٿو. جنهن وقت وڻ وري گل جهلن ٿا. ٻيو فصل اونهاري جي موسم ۾ برسات جي وقت ملي ٿو.