روضي ڌڻي چيئر

روضي ڌڻي چيئر: پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي شخصيت ۽ فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور، 2005ع ۾ روضي ڌڻي چيئر، سچل چيئر جي بلڊنگ ۾ هڪ ڪمري ۾ کولي هئي، جتي مشتاق احمد نظاماڻيءَ کي ريسرچ آفيسر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ 27 جنوري 2010ع ۾ بلڊنگ تيار ڪري ريسرچ آفيسر مشتاق احمد نظاماڻيءَ کي اتي منتقل ڪيو.
چيئر جو صلاحڪاري بورڊ هيٺين ميمبرن تي مشتمل آهي:
• وائيس چانسلر چيئرمئن
• پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله ڦلپوٽو (پرو وائيس چانسلر) ميمبر
• پروفيسر قلندر شاھہ لڪياري ميمبر
خان محمد هنڱورجو ميمبر
رسول بخش سميجو ميمبر
• مفتي محمد رحيم سڪندري ميمبر
• مفتي عبدالرحيم سڪندري ميمبر
• جان محمد منڱريو ميمبر
استاد نظاماڻي ميمبر
• مشتاق احمد نظاماڻي ميمبر/ سيڪريٽري
روضي ڌڻي چيئر جي لائبرريءَ ۾ خريد ۽ گڏ ڪيل ڪتابن جو تعداد هزارن ۾ آهي. آڊيو وڊيو رڪارڊنگ ۾ پير سيد علي گوهر شاھہ اصغر سائينءَ جا ڪلام مختلف فنڪارن جي آواز ۾ موجود آهن. مختلف موقعن تي ڪرايل سيمينار جون وڊيو ڪئسٽون ۽ 8 وڊيو سيڊيون، جن ۾ 14000 صفحن تي مشتمل تاريخي دستاويز، 150 فائيلن جي صورت ۾ موجود آهن، جيڪي فائل حر تحريڪ متعلق آهن ۽ برٽس لائبرري، لنڊن مان آندا ويا آهن.
روضي ڌڻي چيئر ۾ ڪيترو قلمي مواد پڻ موجود آهي، جھڙوڪ: پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي رح جو 1199 هجريءَ ۾ لکيل خط، ڪتاب ’گنج گران مايہ‘ (4 حصا) قلمي صورت ۾، جنهن ۾ 2500 کان مٿي مختلف شاعرن جون ڪافيون، ڪلام ۽ مولود موجود آهن، جن ۾: ’خليفي نبي بخش لغاريءَ جو ڪلام‘ قلمي صورت ۾، جيڪو اصل ۾ انڊيا جي لائبرري جهوناڳڙھہ ۾ موجود هو، ان جي فوٽو ڪاپي؛ ’خليفي غلام نبي لغاريءَ جو ڪلام‘ قلمي صورت ۾، جيڪو اصل جهوناڳڙھہ انڊيا جي لائبرريءَ ۾ مـوجود هـو، ان جـي فـوٽـو ڪاپي؛ ’مڪتوبات پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي رح‘ (قلمي صورت ۾)؛ ’ڪتاب هدايت المريدين‘ (قلمي صورت ۾)؛ ’لوڙهن ۾ قيد حرن جي لسٽ‘ 1944ع تائين (انگريزن جي رجسٽرڊ ٿيل فوٽو ڪاپي)؛ ’ڪتاب مسلم اِن انـڊيا‘ (1983ع)؛ سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ٿيل حر ائڪٽ جون فوٽو ڪاپيون؛ حرن خلاف ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ٿرپارڪر جي رپورٽ (1808ع جي فوٽو ڪاپي)؛ سِٽي مئجسٽريٽ روهڙيءَ جو 1930ع ۾ ڏنل فيصلو سورهيه بادشاھہ جي خلاف (فوٽو ڪاپي)؛ حرن خلاف ميجر وصال محمد خان جي رپورٽ (فوٽو ڪاپي)؛ حرن خلاف انگريزن طرفان سالياني رپورٽ (1937ع کان 1942ع تائين)؛ ملفوظات پير سيد علي گوهر شاھہ رح 1؛ ملفوظات پير سيد شاھہ مردارن شاھہ رح 1؛ ڪتاب هدايت المريدين (پير سيد شاھہ مردان شاھہ رح 1)؛ مختلف گادي نشينن جا لکيل خط؛ ملفوظات پير محمد راشد رح (خليفي محمد نظاماڻيءَ جي لکيل)؛ پير سائين روضي ڌڻي رح جي ملفوظات سنڌ ٽن حصن ۾؛ پاڳارو ۽ حر تحريڪ ڪيس فائل 12000 صفحن تي مشتمل (فوٽو ڪاپي) شامل آهن.
روضي ڌڻي چيئر مختلف موقعن تي ڪيترا سيمينار ۽ ليڪچر پروگرام ڪرايا آهن، جھڙوڪ:
پير سيد محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي 188 ورسي (26.8.2006)،
• روضي ڌڻيءَ بابت سيمينار (سانگهڙ: 22.2.2007)،
• روضي ڌڻيءَ بابت سيمينار (سانگهڙ: 21.2.2009)،
• سورهيه بادشاھہ بابت سيمينار (خيرپور: 24.3.2010)،
روضي ڌڻي چيئر، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پاران پير سيد صبغت شاھہ شھيد سورهيه بادشاھہ جي 68هين يوم شهادت تي 31 مارچ 2011ع تي علامہ آءِ. آءِ. قاضي هال ۾ سورهيه بادشاھہ سيمينار؛ 21 جنوري 2011ع تي پير سيد شاھہ مردان شاھہ ثانيءَ جي وفات تي تعزيتي پروگرام؛ پير سيد صبغت شاھہ ثاني شھيد سورهيه بادشاھہ جي 69هين يومِ شهادت، يونيورسٽيءَ جي علامہ آءِ. آءِ. قاضي هال ۾ 22 مارچ 2012ع تي ’سورهيه بادشاھہ سيمينار‘ ۽ ٻين ڪيترن موضوعن ۽ شخصيتن تي سيمينار ۽ ليڪچر پروگرام منعقد ڪرايا ويا آهن.
روضي ڌڻي چيئر پاران هن وقت تائين هيٺيان ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن: (1) ’روضي ڌڻيءَ ڏي راھہ‘ (سوال جوابن تي مشتمل) مرتب مشتاق نظاماڻي، (2) فقير عبدالله ڪاتيار جو ڪلام (مرتب: مشتاق نظاماڻي)، (3) راشد رهنما 1 (مرتب: مشتاق نظاماڻي)، (4) راشد رهنما 2 (مرتب: مشتاق نظاماڻي)، (5) آزاديءَ جا اسير (لوڙهن ۾ قيد حرن جي لسٽ: مرتب: مشتاق نظاماڻي)، (6) راشد رهنما 3، (7) سيد ابوبڪر شاھہ لڪياريءَ جو ڪلام‘.
ان کان سواءِ جماعتي راڳ (فقير غلام حيدر غازيءَ جي درگاھہ تي رڪارڊ ٿيل) جي سي. ڊي بہ جاري ڪئي وئي آهي.
روغن: روغن جي معنيٰ سڻڀ يا تيل آهي. هي طبي اصطلاح آهي. تيل اڪثر ٻجن مان حاصل ڪيو ويندو آهي، پر عام ٻوٽن جي پنن، گلن ۽ ڪاٺين مان بہ تيل ڪڍيو ويندو آهي، جنهن کي روغن چوندا آهن. طبيب اُن روغن مان ڪيتريون دوائون ٺاهيندا آهن. روغني تيل ڪڍڻ جا هيٺيان نمونا ۽ طريقا هوندا آهن.
(1) مغزيات جھڙوڪ: بادام، مغز، ڪدو ۽ شيرين وغيرہ جو تيل گهاڻي مان يا مشين ذريعي آسانيءَ سان ڪڍرائي سگهجي ٿو. پراڻا طبيب مغزيات کي ڪٽي پاڻيءَ ۾ ملائي باھہ تي پچائي هيٺ لاهي ٿڌي ٿيڻ تي جيڪو روغن مٿي ترندو هو، احتياط سان جمع ڪندا هئا يا وري مغزيات ۽ مصري ڪٽي ملائي گرم ڪري نپوڙيندا هئا تہ انهن مان تيل نڪري ايندو هو.
(2) مغزيات کان سواءِ اهي دوائون، جن ۾ روغني جزا ٿورا هوندا آهن يا بلڪل نہ هوندا آهن، انهن مان تيل ٻن طريقن سان حاصل ڪيو ويندو هو.
(i) ٿورن روغني جزن وارين دوائن جو تيل، مثلاً: روغن گل ٺاهڻ جي واٽ، ترن جي تيل ۾ 100 گرام گلاب جا تازا گل وجهي اس ۾ رکجن. جڏهن مرجهائجي وڃن تہ ٻيا گل 100 گرام وجهجن. ائين ٽي دفعا ڪجي پوءِ ڇاڻي صاف ڪري استعمال ڪجي.
(ii) دوائون خشڪ هجن تہ پهريائين انهن دوائن کي ڪٽي ڏڏر ڪري مناسب عرق يا پاڻيءَ ۾ ملائي باھہ تي رکي جوش ڏيارجي، جڏهن اڌ پاڻي کپي وڃي تہ ترن جو تيل وجهي ايترو ڪاڙهجي، جيئن پاڻي ختم ٿي وڃي. باقي صرف تيل بچي، تڏهن ٺاري ڇاڻي محفوظ ڪري رکجي. جيڪڏهن تيل ۾ مشڪ، عنبر، زعفران ۽ ڪافور وغيرہ شامل ڪرڻو هجي تہ تيل کي جوش ڏئي جڏهن لاهجي تہ پوءِ اهڙيون دوائون کرل ڪري تيل ۾ شامل ڪجن.
هن قسم جو تيل هميشہ هلڪيءَ باھہ تي تيار ڪبو آهي. تيز باھہ ڏبي تہ جزا سڙي ويندا. جيتري هلڪي باھہ هوندي تيل بہ اوترو سٺو ۽ موثر ٺهندو. روغن جو موجد بقراط آهي، ڪي وري حڪيم فيثا غورث کي روغن جو موجد ڪوٺين ٿا. طبيبن ٻنهي کي موجد ڄاڻايو آهي. تيل ڏهن مهينن کان هڪ سال تائين سٺو اثر ڏيکارين ٿا. سال کان مٿي رکيل تيل جو اثر گهٽ ٿي ويندو آهي. حڪيم جن چند خاص دوائن مان تيل ڪڍندا آهن، تن جا نالا هي آهن: روغن ڀيلاوان، روغن بيڪه مرغ، روغن گندم، روغن محطگي، روغن سانڊو، روغن موم، روغن ٻيرچو ۽ روغن نخود.


لفظ روضي ڌڻي چيئرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو