راڄڙ، سرفراز

راڄڙ، سرفراز

راڄڙ سرفراز

راڄڙ، سرفراز: نامياري شاعر، اديب ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ سرفراز راڄڙ، پهرين مارچ 1952ع تي تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ جي مشھور راڄڙ خاندان ۾ حاجي نور محمد راڄڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس واسطو سنڌ جي مشھور ڪلاسيڪي، عوامي ۽ صوفي شاعر منٺار راڄڙ جي خاندان سان آهي. سرفراز راڄڙ ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ کاڻي راڄڙ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول کپري مان پاس ڪيائين، انٽـر ۽ بي. اي ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي، 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. ان بعد خانداني ڪرت زمينداريءَ سان وابستہ ٿي ويو، گڏوگڏ علم و ادب خاص ڪري شاعريءَ سان خاص شغف هئس ۽ سياست ۾ بہ ڀرپور حصو ادا ڪندو رهيو. سرفراز راڄڙ ستر واري ڏهاڪي کان شاعري شروع ڪئي. ابتدا ٻاراڻي ادب کان ڪيائين. سنڌ جي مشھور ادبي رسالي ’سھڻي‘ ۾ سندس تمام گهڻي شاعري ڇپي آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي رسالي ’مهراڻ‘ ۽ ناري پبليڪيشن جي رسالي ۾ سندس شاعري ۽ لکڻيون شايع ٿينديون رهيون آهن. مختلف اخبارن: سنڌ، هلچل، عبرت ۽ عوامي آواز ۾ سندس ڪالم ڇپبا رهيا آهن. سياست سان سرفراز راڄڙ جو خانداني واسطو رهيو آهي. سرفراز راڄڙ 1990ع ۾ P.S 65 کپري جي سيٽ تان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ بيٺو ۽ 1997ع ۾ سانگهڙ جي قومي اسيمبليءَ جي تڪ 180 تان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو اميدوار هو. 2008ع ۾ بہ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تان بيٺو. سندس مقابلي ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوار خلاف ڪيس وڙهي ڪاميابي ماڻڻ وارو ئي هو، پر پيپلز پارٽيءَ جي فنڪشنل ليگ سان سياسي اتحاد هئڻ سبب سياسي مفاهمت ۽ سياسي ماحول جي بهتريءَ واري سوچ هيٺ هن ڪيس تان هٿ کڻي ڇڏيو. پيپلز پارٽيءَ سان پراڻي وابستگي اٿس ۽ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر پڻ آهي. ڪيترن سالن تائين پيپلز پارٽي ضلعي سانگهڙ جو صدر بہ رهيو. سنڌ پيپلز ڪلچرل ونگ جو صوبائي صدر آهي، هي عهدو شھيد بينظير ڀٽو طرفان کيس ڏنو ويو هو، جيڪو پنھنجي قابليت، صلاحيت ۽ عوامي ڪردار سبب مسلسل وٽس رهيو آهي. هر سال شھيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شھيد بينظير ڀٽو جي سالگرهن ۽ شهادت جي موقعن تي ادبي ڪانفرنسن ۽ مشاعرن جو انتظام سندس حوالي هوندو آهي. سرفراز راڄڙ سنڌ ايرڊ زون ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو ميمبر ۽ مارڪيٽنگ ڪميٽي کپري جو چيئرمئن بہ رهي چڪو آهي. هن وقت سنڌ جي وڏي وزير جو صوبائي صلاحڪار، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس توڙي مختلف ڪاميٽين جھڙوڪ: ايگزيڪيوٽوِ ڪميٽي، سليڪشن ڪميٽي ۽ پبليڪيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. سرفراز راڄڙ، منٺار فقير اڪيڊميءَ جو روح روان رهيو آهي، جنهن پاران ڪيتريون ادبي ڪانفرنسون ڪرائي چڪو آهي. سرفراز راڄڙ جي شاعريءَ ۾ غزل پسنديدہ صنف رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’نينھن ساڳيو، نگاهون ساڳيون‘ ڇپيل آهي، جنهن جو ٻيو سڌاريل ڇاپو بہ 2012ع ۾ پڌرو ٿي چڪو آهي. ان کانسواءِ شھيد بينظير ڀٽو جي شهادت جي حوالي سان ڏيهي پرڏيهي ليکڪن ۽ اڳواڻن جي تاثرن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب The Leader of Destiny پڻ ترتيب ڏئي ڇپائي چڪو آهي. سرفراز راڄڙ منٺار فقير اڪيڊميءَ توڙي مخدوم طالب الموليٰ جي ورسي ۽ جنم جي حوالي سان ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن جي انتظامن ۾ پڻ اڳڀرو رهندو آهي. سرفراز راڄڙ يارويس ۽ طبيعت جو سٻاجهو شخص آهي، ان ڪري سياست توڙي ادبي ميدان ۾ سندس وڏي عزت ۽ احترام قائم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.03.01  عيسوي

نامياري شاعر، اديب ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ سرفراز راڄڙ، پهرين مارچ 1952ع تي تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ جي مشهور راڄڙ خاندان ۾ حاجي نور محمد راڄڙ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحئي ڀٽو
پاٽائي حيدر ڪلوچ
حاجي غلام نبي مهيسر
خالد چانڊيو1
سروپچندر شاد
پارس رياض ملاح
حاجي محمد عالم عباسي
آزاد صوفي2
غني ڪانڌڙو
بلند فقير سولنگي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون