
رانجهي ۽ هير جي خيالي تصوير

هير رانجھي جو مقبرو

رانجهي ۽ هير جي گڏيل قبر
رانجهو (ڪردار): مشھور لوڪ رومانوي داستان ’هير رانجهي‘ جي مکيہ ڪردار رانجهي جو تعلق پنجاب جي سرگوڌا ضلعي جي ننڍڙي شھر تخت هزاره جي هڪ زميندار گهراڻي سان هو. سندس اصل نالو ديدو ولد موجو هو. سندس والد کي اٺن پُٽن جو اولاد هو. رانجهو ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍو هو. سندس وڏا ڀائر محنتي، جفاڪش ۽ سڄو ڏينهن ٻنين جي ڪم ڪار ۾ مصروف هوندا هئا، پر رانجهي جي ڪم ڪار سان ڪا دلچسپي نہ هوندي هئي. هو وڏا وار ڪلهن تي ڇوڙي بانسري هٿ ۾ کڻي سڄو ڏينهن سيلانين وانگر گهمندو وتندو هو، جيڪا ڳالھہ سندس ٻين ڀائرن کان برداشت نہ ٿيندي هئي ۽ سندس شڪايت پيءُ سان ڪندا هئا تہ رانجهي کي سمجهائي تہ ڪم ڪار ۾ ساڻن هٿ ونڊائي. ڀائرن ۽ والد پاران ڪيترا ڀيرا تنبيھہ ڪرڻ بعد بہ رانجهو نہ مُڙيو. سندس ڀائرن تخت هزاريءَ جي قاضيءَ وٽ زمينن جي ورهاڱي جو ڪيس داخل ڪرائي، ديدوءَ کي پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيو ۽ زمينن جي ورهاست بہ ائين ڪيائون، جو زرخيز ۽ آباد زمينون پاڻ ۾ ورهائي کنيائون ۽ غيرآباد زمين جا ڪجهہ ٽڪرا رانجهي کي ڏنائون. هاڻ هو اڪيلو ۽ لاچار ٿي پيو. مانيءَ جو بہ محتاج، پر سندس ڪا واھہ ڪانہ هئي ۽ مجبور ٿي هن ٻني آباد ڪرڻ شروع ڪئي. ان وچ ۾ سندس پيءُ بہ گذاري ويو. ڀائرن جي ساڻس اڳ ۾ ئي ڪانہ پوندي هئي. بانسريءَ کان سواءِ سندس ڪو دوست ڪو نہ هو. ان ڪري رانجهي هر هلائڻ ڇڏي ڏنو ۽ وري بانسريءَ سان عشق ڪرڻ لڳو. آخرڪار هن لاءِ تخت هزاره جون حالتون ناسازگار ۽ ناقابل برداشت ٿي ويون ۽ هن بانسري ساڻ ڪري پنھنجي ڳوٺ کي الوداع چئي چناب درياھہ جي راھہ اختيار ڪئي. ان وقت چناب جي ڊيگهہ اتر کان ڏکڻ طرف 600 ميلن تي مشتمل هئي، گجرات، جهنگ ۽ ملتان کي اهو ئي درياھہ سيراب ڪندو هو.
روايت آهي تہ ان وقت چناب درياھہ جو علائقو فطري ۽ رومانوي حوالي سان طلسم نگر سڏبو هو. سندس منزل اڻ ڏٺل هئي. سفر ڪندي چناب ڪناري سندس قدم اوچتو هڪڙي هنڌ رڪجي ويا. درياھہ پار سامهون کيس آبادي نظر آئي. اهو سيالن جو شھر هو ۽ رانجهي چناب پار ڪرڻ لاءِ ملاح جو سهارو ورتو ۽ ٻيڙيءَ ۾ ويهندي هن اکيون بند ڪري بانسري وڄائڻ شروع ڪئي. ماڻهن جڏهن بنسريءَ جو آواز ٻُڌو تہ پنڊپهڻ ٿي ٻڌڻ لڳا. ڪناري تي پهچي رانجهو جيئن ٻيڙيءَ مان لٿو تہ سندس نظر ماڻهن جي ميڙ ۾ بيٺل هڪ حسين ڇوڪريءَ تي پئي، جيڪا پڻ سندس بانسريءَ جي سحر ۾ ڇڪجي آئي هئي ۽ ائين سندس محبت جي ابتدا ٿي. اها ڇوڪري ’هير‘ هئي.
رانجهو اتي مستقل رهي پيو، پر کيس گذرسفر جي ذريعي جي تلاش هئي. آخرڪار هير پنھنجي پيءُ ’چوچڪ سيال‘ کي مڃرائڻ ۾ ڪامياب وئي ۽ رانجهي کي نوڪر طور مال چارڻ جو ڪم ملي ويو. ائين ٻنهي ڄڻن جي محبت جي ڪهاڻي پروان چڙهندي رهي. نيٺ هڪ ڏينهن هير جي چاچي ڪيدوءَ ٻنهيءَ کي ملاقات ڪندي ڏسي ورتو ۽ سڄو احوال اچي هير جي پيءُ چوچڪ سيال سان اوريائين.
چوچڪ ٻي ڪا واھہ نہ ڏسي هير جي شادي ضلعي مظفرڳڙھہ جي هڪ ننڍڙي شھر رنگپور ۾ کيڙن جي هڪ زميندار گهراڻي جي نوجوان سيدوءَ سان طئي ڪري ڇڏي ۽ هير جي رخصتي ٿي وئي. رانجهو سڀ ڪجهہ وڃائي، فقيراڻي ويس ۾ تخت هزاره ڏانهن واپس ٿيو، جتي سندس دل اڳ وانگر نہ لڳي ۽ هن وري جھلم جو رخ اختيار ڪيو. اتي ٻالناٿ نالي هڪ مشھور گرو رهندو هو، جنهن جي چيلن جو تعداد تمام گهڻو هو. رانجهو، گرو ٻالناٿ جي چيلن ۾ شامل ٿي ويو، ڇاڪاڻ تہ هو هاڻي دنيا کان بيزار ٿي چڪو هو ۽ ويراڳ اختيار ڪيو هئائين. هن پنهنجا ڪن ٽوپرائي ڇڏيا ۽ گيڙو لباس پائڻ لڳو. گرو سندس حالت سمجهي ويو ۽ کيس دعائون ڏئي رنگپور طرف روانو ڪيائين. رانجهو جوڳيءَ جي روپ ۾ رنگپور شھر ڀرسان هڪ باغ ۾ اچي لٿو. چؤطرف چؤٻول ٿي ويو تہ اهڙو پهتل جوڳي آيو آهي، جنهن جي دعائن ۾ اثر آهي. ماڻهو وٽس ميڙ ڪري اچڻ لڳا ۽ اها خبر هير تائين بہ وڃي پهتي، جيڪا مستقل غم، بيماريءَ ۽ سڪتيءَ ۾ مبتلا هئي. اهڙيءَ طرح ٻيهر رانجهي هير کي ڳولي لڌو ۽ هير پنھنجي نڻان ’سهتيءَ‘ جي مدد سان رانجهي سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
هير جي صلاح سان، هير جي پيءُ کي راضي ڪرڻ لاءِ ٻنهي جهنگ شھر ڏانهن رخ ڪيو. هير پنھنجي پيءُ جي قدمن تي ڪِري پئي ۽ ٻنهي کانئس معافي ورتي. آخرڪار چوچڪ سيال راضي ٿيو، پر هن رانجهي سان هڪ شرط رکيو تہ تخت هزاره جا جٽ ’رانجهي جا مائٽ‘، باقاعدي ڄڃ وٺي اچن ۽ هير کي پرڻائي وڃن. رانجهو اهو شرط مڃي تخت هزاره ڏانهن موٽي ويو، پر پٺيان هير جي چاچي ڪيدوءَ سڀني کي برغلائي، هير کي زهر ڏئي مارائي ڇڏيو. تخت هزاره ۾ رانجهي کي جڏهن اها خبر پئي تہ هو انهيءَ غم ۾ چريو ٿي ويو. ائين هن عظيم رومانوي داستان جي ڪردار رانجهي وفات ڪئي.
پنجاب جي ڪيترن شاعرن هن رومانوي ڪردار کي ڳايو آهي، پر وارث شاھہ هير رانجهي جي رومانوي داستان کي امر بڻائي ڇڏيو آهي. اڄ بہ جهنگ شھر ۾ هير ۽ رانجهي جي گڏ قبر موجود آهي.
سنڌ جي پڻ ڪيترن ئي سگهڙن ۽ شاعرن هن قصي کي ڳايو آهي، جن مان سچل سرمست ۽ حمل فقير اهم آهن.