
رام شرن شرما
رام شرن شرما: هندستان جي هن ناليواري مؤرخ، آثار قديمہ جي ماهر ۽ محقق جو جنم، 26 نومبر 1919ع تي بھار رياست جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ بارونيءَ ۾ بيگوسرائي جي برهمڻ گهراڻي ۾ ٿيو. گهرو معاشي پريشانين جي ڪري سندس پيءُ ڪافي مشڪلاتن کانپوءِ کيس ڏهين درجي تائين تعليم ڏياري. تعليم سان گهري دلچسپي هئڻ ڪري هن پنھنجي سر مختلف سرڪاري وظيفن ۽ ٻارن کي پڙهائڻ ذريعي پنهنجو تعليمي سفر جاري رکيو. نوجوانيءَ ۾ هندستان جي مشھور اڳواڻن ۽ عالمن جي صحبت ۾ رهيو. 1937ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد پٽنا ڪاليج مان پوسٽ گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪيائين، جڏهن تہ ڊاڪٽريءَ جي سند لنڊن يونيورسٽيءَ جي اداري اسڪول آف اورينٽل ائنڊ افريڪن اسٽڊيز مان، پروفيسر ارٿر ليويلن بشام (Arthur Llewellyn Basham) جي سرپرستيءَ ۾ حاصل ڪيائين. عملي زندگيءَ جو باقاعدي آغاز 1943ع ڌاري آرا ڪاليج ۾ پڙهائڻ سان ڪيائين. هڪ سال جي مختصر عرصي کانپوءِ جولاءِ 1944ع ۾ ڀاڳپور جي هڪ ڪاليج ۾ استاد مقرر ٿيو. 1958ع کان 1973ع تائين پٽنا يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جي شعبي جو سربراھہ، پروفيسر ۽ 1973ع کان 1978ع تائين دهلي يونيورسٽيءَ ۾ قائم تاريخ جي شعبي جو پروفيسر ۽ سربراھہ رهيو. کيس 1969ع ڌاري جواهر لعل نهرو فيلوشپ سان نوازيو ويو. هن 1972ع ۾ پهريون ڀيرو هندستان ۾ تاريخ جي تحقيقي اداري انڊين ڪائونسل آف هسٽاريڪل ريسرچ (Indian Council of Historical Research) جو بنياد وڌو ۽ 1977ع تائين اداري جي پهرئين سربراھہ جي حيثيت سان پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. هي 65-1951ع تائين يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جو نيشنل فيلو، 1959ع کان 1964ع تائين اسڪول آف اورينٽل اينڊ افريڪن اسٽڊيز جو مهمان ساٿي (فيلو)، 66-1965ع جي وچ واري عرصي ۾ ٽورنٽو يونيورسٽيءَ جو مهمان پروفيسر، 1975ع ۾ انڊين هسٽري ڪانگريس جو صدر ۽ 1973ع کان 1978ع تائين جي وچ واري عرصي ۾ بين ااقوامي اداري يونيسڪو جي گڏيل شراڪت سان هند ۽ سنڌ ۾ اسريل آڳاٽين تهذيبن متعلق تحقيق ۽ کوجنا جي سلسلي ۾ قائم ڪيل ڪميٽيءَ جو نائب سربراھہ پڻ ٿي رهيو. ننڍي کنڊ جي وچ واري ڀاڱي ۽ قديم هندستان تي مجموعي طرح هن تمام گهڻي تحقيق ڪئي آهي. سندس ڪيل تحقيقي ڪم مختلف وقتن تي ڪتابي صورت ۾ ڇپجندو رهيو آهي، جنهن مان 15 کان وڌيڪ ڪتاب هندي ۽ دنيا جي ٻين ٻولين جھڙوڪ: جپاني، روسي، فرينچ، جرمن ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي شايع ٿيا. هن پنھنجي ادبي ۽ تحقيقي لکڻين وسيلي آڳاٽي وقت جي ڏند ڪٿائي ڳالهين کي پرکي، سائنسي بنياد تي ٺوس تحقيقي حقيقتون سامهون آنديون. هن هند ۽ سنڌ ۾ اسريل آريائي تھذيب تي تحقيق ڪندي ٻہ ڪتاب شايع ڪرايا: 1. Looking for the Aryans (1995) 2. Advent of the Aryan in India: 1999 سندس تحقيق موجب آريا، هند ۽ سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو هئا ۽ سنڌو ماٿريءَ جي عظيم تھذيب جا وارث بہ آريا هئا. اهي ٻاهران آيل لوڪ نہ هئا، جيئن عام طور تاريخن ۾ دراوڙن ۽ آرين بابت لکيل آهي. هي 1990ع ڌاري هندستان ۾ انتها پسندن طرفان بابري مسجد ۽ رام مندر واري اٿاريل تنازعي جي حل لاءِ جوڙيل تحقيقاتي ڪميٽيءَ جو ميمبر مقرر ٿيو ۽ بابري مسجد مسمار ڪرڻ واري واقعي خلاف ٻين مؤرخن سان گڏ هندستاني سرڪار ۽ عوام آڏو بابري مسجد جي تاريخي اهميت کي بيان ڪندي هن چيو تہ تاريخي ۽ مذهبي ڪتابن ۾ ڪٿي بہ ان ڳالھہ جو واضح ثبوت نٿو ملي تہ مسجد واري جاءِ تي اڳ ۾ ڪو رام مندر قائم هو. 1574ع ۾ تلسيداس جي لکيل ’رام چرت مانس‘ ۾ بہ رامچندر جي ايوڌيا بابت ڪنهن خاص جڳھہ جو ذڪر نٿو ملي. هن پنھنجي رپورٽ ۾ چيو تہ ”بابري مسجد کي شھيد ڪرڻ محض انتهاپسندن جي سازش آهي.“ هندستان جي هن نامور مؤرخ ۽ قديم آثارن جي ماهر جي وفات 20 آگسٽ 2011ع تي ٿي. سندس ڇپيل ڪجهہ اهم ڪتابن جي فهرست هن ريت آهي: 1. Aspects Of Political Ideas And Institutions In Ancient India (Martial Banarsidars) Fifth Revised Edition, Delhi, 2005. 2. Sudras In Ancient India: A Social History Of The Lower Order Down To Circa Ad 600 (Third Revised Edition, Delhi, 1990, Reprint, Delhi, 2002) 3. India’s Ancient Past (Oxford University Press, 2005) 4. Looking For The Aryans (Orient Longman Publishers, 1995, Delhi) 5. Indian Feudalism (Macmillan Publishers India Ltd. 3rd Revised Edition, Delhi, 2005). 6. Early Medieval Indian Society
1919.11.26 عيسوي
ناليواري مؤرخ، آثار قديمه جي ماهر ۽ محقق رام شرن شرما جو جنم، 26 نومبر 1919ع تي بهار رياست جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ بارونيءَ ۾ بيگوسرائي جي برهمڻ گھراڻي ۾ ٿيو.
2011.08.20 عيسوي
نامور مؤرخ ۽ قديم آثارن جي ماهر رام شرن شرما جي وفات 20 آگسٽ 2011ع تي ٿي.