رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊرئميٽڪ ڪلب حيدرآباد ۽ ڪراچي: 1923ع ۾ هيءَ ناٽڪ منڊلي خانچند درياڻيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ هيرانند آڏواڻي،لعلچند امرڏنيمل، ڄيٺمل پرسرام، ڏيئلمل لعلواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جي سرجوشيءَ سان وجود ۾ آئي، حيدرآباد شاخ جو افتتاح بنگال جي عظيم شاعر رابندرناٿ ٽئگور پاڻ اچي ڪيو. هن منڊليءَ جي حيدرآباد شاخ وارا ڪائونسلر هيرانند ڀوڄراج آڏواڻي، رامچند تخترام، مولچند ليلارام سنگ ۽ وليرام آئل مل هئا، جڏهن تہ ڪراچي شاخ جا ڪائونسلر خانچند درياڻي ۽ ڀڳوان رامچنداڻي هئا ۽ بعد ۾ چانڊومل واڌواڻي ۽ پهلاج سنگ آڏواڻي ٿيا. ڪلب جو مکيہ ليکڪ خانچند درياڻي هو، جنهن کي انهيءَ دؤر جو حقيقت نگاري واري ناٽڪ جو پايو وجهندڙ ڪوٺيو وڃي ٿو.
هن منڊليءَ جو پهريون بھترين ناٽڪ ’ملڪ جا مدبر‘، جيڪو مشھور ناٽڪ ’پلرس آف سوسائٽيءَ‘ تان وٺي خانچند درياڻيءَ سنڌي مسلم زندگيءَ تي بيهاريو هو. هي ناٽڪ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون ئي راتيون ڪاميابيءَ سان ڏيکاريو ويو. هن ڪلب خانچند درياڻيءَ جي اصلوڪن ناٽڪن: ’رتنا‘، ’ٻليدان‘، ’زماني جي لھر‘، ’مايا جو انڌ‘ ۽ ’امانت ۾ خيانت‘ بہ پيش ڪيا. هن ڪلب جو ٻيو ناٽڪ نويس منگهارام ملڪاڻي هو، جنهن جا رچيل بھترين ناٽڪ ڏاڍا مشھور هئا، جن ۾ قسمت، ايڪتا جو آلاپ، کن جي خطا ۽ انارڪلي شامل آهن. ان کانسواءِ ساڳئي ليکڪ جا ٻہ ننڍا ناٽڪ اولاد ۽ ليڊيز ڪلب بہ هن منڊليءَ پيش ڪيا هئا. هن منڊليءَ لاءِ لعلچند امر ڏنيمل ’عمر مارئي‘ ناٽڪ لکيو، جيڪو 1925ع ۾ ڏھہ ٻارهن راتيون ڏيکاريو ويو. ساڳيو ناٽڪ وري 1929ع ۾ آل انڊيا خواتين ڪانفرنس جي موقعي تي ٿياسافيڪل هال ڪراچيءَ ۾ پيش ٿيو، جنهن ۾ موسيقيءَ جو هدايتڪار، سنگيت جو برک ماهر احمد غلام علي چاڳلا هو. ساڳيءَ ريت لعلچند امرڏنيمل جون ٻہ ٻيون قلمي ڪاوشون سسئي پنھون ۽ سھڻي ميهار ناٽڪ بہ هن ڪلب پيش ڪيا هئا. ان کانسواءِ هن ڪلب لاءِ احمد غلام علي چاڳلا ’خوني‘ ۽ آغا غلام نبيءَ ’هيءَ دنيا دورنگي‘ ناٽڪ لکيا هئا. هن ڊرئمٽڪ ڪلب جا مشھور هدايتڪار ڏيئل مل لعلواڻي وڪيل، هيرانند ڀوڄراج آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻي، اسٽيج جو ماهر خانچند درياڻي، سنگيتڪار وليرام آئل مل وڪيل، ڀڳوان رامچنداڻي، چنديرام جيرامداس ۽ احمد غلام علي چاڳلا هئا.
هيءَ پهرين ڊراما ڪلب هئي، جنهن ۾ سنڌي ڇوڪريون بہ ناٽڪن ۾ ڪردار ادا ڪنديون هيون، جن ۾: ڪماري نين ميرچنداڻي، ڪماري پـدمـي اچـلسنگهہ، ومــلا واســواڻي، تيــرٿ، هـري ۽ گـوپـي سپاهيملاڻي، مينا رامچند، موهني گل، ليلان گنگارام، وديا مکي ۽ پديم مکي قابلِ ذڪر آهن، جڏهن تہ ڪلب جي مکيہ اداڪارن ۾ منگهارام ملڪاڻي، ڏيئل مل لعلواڻي وڪيل، ڪشو ڀاوناڻي، همايون بيگ (مرزا قليچ بيگ جو فرزند)، وليرام آئل مل وڪيل، ڀڳوان رامچنداڻي، چندن ميرچنداڻي، سهجو واڌواڻي، وغيرہ شامل هئا.