ذوالفقار راشدي

ذوالفقار راشدي

ذوالفقار راشدي

ذوالفقار راشدي: سنڌ جي نامياري شاعر، اديب ۽صحافي ذوالفقار راشديءَ جو پورو نالو سيد ذوالفقار علي ولد سيد محمد امام شاھہ راشدي هو. سندس جنم 10 مارچ 1938ع تي پير جي ڳوٺ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. ذوالفقار راشديءَ بنيادي طور تي علمي ۽ ادبي ماحول ۾ پرورش حاصل ڪئي، ان ڪري علم ۽ ادب کيس ورثي ۾ مليو. پاڻ هڪ زميندار بہ هو. هن شاعريءَ جو آغاز 1949ع کان ڪيو. سندس پهريون غزل ’اسان جي منزل‘ جي عنوان سان 1952ع ۾ ڇپيو. ذوالفقار راشدي جديد شاعرن ۾ صف اول جو شاعر ٿي گذريوآهي. هن سنڌيءَ ۾ افسانا ۽ مضمون بہ لکيا. سندس دلچسپي صحافت سان پڻ رهي. 1953ع ڌاري لاڙڪاڻي مان جاري ٿيندڙ هفتيوار اخبار ’هاري‘ جو ايڊيٽر بہ رهيو، جنهن کانپوءِ 1960ع ڌاري لاڙڪاڻي مان ئي هفتيوار رسالو ’مذهب- انسانيت‘ بہ جاري ڪيائين. ان سان گڏوگڏ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس لکڻيون شايع ٿينديون رهيون. ذوالفقار راشديءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب ’سوچ کي لوچ‘ (1980ع) ۽ ’ڪسوٽي‘ (1982ع) شايع ٿي چڪا آهن. ذوالفقار راشديءَ جي شاعريءَ ۾ لفظن جي چونڊ منفرد ۽ جداگانه هوندي هئي. هن جون سوچون ۽ خيال جديد ۽ ترقي پسند هئا. هن غزل جي شاعريءَ ۾ پنهنجن همعصرن کان مختلف هو ۽ ڪنهن جو مقلد نہ هو. هن جي ٻولي سادي، ترڪيبون ۽ تشبيهون نج ۽ نيون هونديون هيون. سندس شمار غزل جي اهم شاعرن ۾ ٿئي ٿو.
ذوالفقار راشديءَ، 26 آگسٽ 1986ع تي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.


لفظ ذوالفقار راشديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.03.10  عيسوي

سنڌ جي نامياري شاعر، اديب ۽صحافي ذوالفقار راشديءَ جو پورو نالو سيد ذوالفقار علي ولد سيد محمد امام شاهه راشدي هو. سندس جنم 10 مارچ 1938ع تي پير جي ڳوٺ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.


1986.08.26  عيسوي

ذوالفقار راشديءَ، 26 آگسٽ 1986ع تي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيلي
ڄام مراد علي جوکيو
آريجو غلام عمر غلام
حافظ محمد هارون دلگير ٽکڙائي
اسرار احمد علوي پروفيسر
احمد خان گلزار
خانصاحب غلام علي جعفري
سجاد ميراڻي
حافظ حامد ٽکڙائي
پير ناصر خسرو قبادياني لعل بدخشان
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون