ذلفي منهنجو دوست

ذلفي منهنجو دوست

ذلفي منهنجو دوست

ذلفي منهنجو دوست (ڪتاب): هي ڪتاب ذوالفقار علي ڀُٽي جي دوست پيلو موديءَ جي ڪتاب Zulfi My Friend جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو حُسين بادشاھہ ڪيو آهي. پيلو مودي هن ڪتاب ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي سان گڏ گذاريل ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين جي لمحن کي بيان ڪيو آهي. ليکڪ هڪ جاءِ تي لکيو آهي تہ: ”ذلفيءَ کي سدائين مارڪسوادي ڪشش ۽ ماڻهن جي دل توڙي دماغ کي جڪڙيندڙ لفظ پسند آهن. ذلفي انهيءَ ڳالھہ لاءِ تيار ٿي چڪو هو تہ اهڙو انقلاب آندو وڃي، جيڪو ماضيءَ جا بنياد اکيڙي ڇڏي“. پيلو موديءَ، ڀُٽي صاحب جي نياڻي محترمہ بينظير ڀٽو جو ذڪر ڪندي لکيو آهي تہ: ”مون کي ان ڳالھہ ۾ ذرو بہ شڪ نہ آهي تہ بينظير جو مستقبل شاندار آهي. مون کي پوري اميد آهي ۽ منهنجي دعا آهي تہ هوءَ پنھنجي پيءُ جي خواهشن کي پورو ڪرڻ ۾ سوڀاري ٿيندي. مون کي ان وقت جو اوسيئڙو آهي، جڏهن آءٌ ذُلفيءَ جي ٻين ٻارن سان ملندس، خاص طور هن جي وڏي پٽ سان، جنهن جو فوٽو ڏسڻ مان لڳي ٿو تہ هو بھادر آهي.“ پڪي جلد ۾ ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري، سال 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، هي ڪتاب 160 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي قيمت 120 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو