جسٽس ديدار حسين شاهه

جسٽس ديدار حسين شاهه

ديدار حسين شاھہ جسٽس

ديدار حسين شاھہ، جسٽس: اڳوڻو چيف جسٽس ۽ نيب چيئرمئن سيد ديدار حسين ولد سيد محبوب علي شاھہ، 11 ڊسمبر 1939ع تي ڳوٺ ڳڙهي غلام حيدر قادري، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم رتيديري جي پرائمري اسڪول مان ورتائين. مئٽرڪ 1957ع ۾ هاءِ اسڪول رتيديري مان پاس ڪرڻ بعد سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين، جتان 1962ع ۾ بي اي پاس ڪيائين. بعد ۾ 1964ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد استاد مقرر ٿيو. 1960ع کان 1965ع تائين گورنمنٽ هاءِ اسڪلول نئين ديري ۽ گورنمنٽ هاءِ اسڪول رتيديري ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. 1957ع کان 1960ع تائين رتيديري ميونسپالٽيءَ ۾ آڪٽرا انسپيڪٽر ٿي رهيو. 1965ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ کي خيرآباد چئي، نامور قانوندان عبدالرزاق سومري جي رهبريءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين، ڇھن مهينن پنھنجي منهن ڪيس کڻڻ جو آغاز ڪيائين. 1973ع ۾ کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انرولمينٽ ملي ۽ ڊسمبر 1973ع کان هاءِ ڪورٽ جا ڪيس کنيائين. ڪجهہ عرصي بعد سندس نالو سنڌ جي ناميارن قانوندانن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. 1970ع ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ 1970ع واري اليڪشن ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جو پولنگ ايجنٽ رهيو. 1979ع ڌاري بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتائين. تعلقي ۾ وڏي مخالفت باوجود ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. بعد ۾ کيس بنا مقابلي تعلقي ڪائونسل رتيديري جو چيئرمئن چونڊيو ويو. ايم. آر. ڊي تحريڪ جي حمايت ۾ احتجاجاً پنھنجي عهدي تان استعيفا ڏنائين، ٻيهر 1987ع ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر چونڊيو ويو. نومبر 1988ع وارين صوبائي چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي ممتاز ڀٽي کي شڪست ڏنائين. 1990ع ۾ بہ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1993ع وارين چونڊن ۾ ممتاز علي ڀٽي کان اليڪشن هارايائين. سندن پ پ سان شروع کان وٺي گهرو لاڳاپو رهيو آهي. 1983ع کان تعلقي رتيديري جو صدر ۽ 1980ع کان 1993ع تائين بينظير ڀٽو طرفان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو مزار ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. مارشل لا دوران 1979ع ۾ ٽن مهينن تائين سکر سينٽرل جيل ۾ نظربند رهيو ۽ ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران پڻ ايم. پي. او تحت هڪ مهيني لاءِ سکر سنيٽرل جيل ۾ قيد رهيو. هن سرڪاري وفدن ۾ ميمبر جي حيثيت ۾ ڪوريا ۽ چين جا دورا ڪيا آهن. ان کان سواءِ هن نجي حيثيت ۾ فرانس، شام، سعودي وغيرہ جا دورا بہ ڪيا آهن. قانون جي شعبي ۾ تجربي سبب کيس 1994ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد پهرين فيبروري 2000ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ٿيو. 28 اپريل 2000ع تي چئن سالن لاءِ 10 ڊسمبر 2004ع تائين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج مقرر ٿيو. 2011ع ۾ ڪجهہ وقت لاءِ نيب جو چيئرمئن پڻ رهيو آهي. سيد ديدار حسين شاھہ 30 جنوري 2019ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.12.11  عيسوي

اڳوڻو چيف جسٽس ۽ نيب چيئرمئن سيد ديدار حسين ولد سيد محبوب علي شاهه، 11 ڊسمبر 1939ع تي ڳوٺ ڳڙهي غلام حيدر قادري، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.


2000.02.01  عيسوي

جسٽس ديدار حسين شاهه پهرين فيبروري 2000ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ٿيو.


2000.04.28  عيسوي

28 اپريل 2000ع تي چئن سالن لاءِ 10 ڊسمبر 2004ع تائين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج مقرر ٿيو. 2011ع ۾ ڪجهه وقت لاءِ نيب جو چيئرمئن پڻ رهيو آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابن مسڪويه
خواجہ ناظم الدين
زرغونه
احمد شيخ
آچار ڪاڪو
شيام جئسنگهاڻي
عبدالله سومرو
عثمان علي جي عيساڻي ڊاڪٽر
اسدالله ڀٽو پروفيسر
تاجل بيوس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون