
ديبل
ديبل: ديبل، اسلامي دور کان اڳ راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ حڪومتي دور ۾ سنڌ جو قديم مشھور واپاري بندرگاھہ هو. ديبل کي چؤگرد قلعو هو. فتحنامي مان هن شھر جي قدامت جو ڪافي احوال ملي ٿو. ڇهين صدي عيسوي کان وٺي تقريباً تيرهين عيسوي صديءَ جي اڌ تائين ديبل بندر بهتر يا زبون حالت ۾ سنڌ جي نقشي تي قائم هو. ڏهين صدي ۾ جڏهن سنڌ تي عربن جو قبضو ٿيو تہ ان وقت بندر اوج تي هو. عربن جي دؤر ۾ هن جو اوج برقرار رهيو، پر جيئن جيئن عربن جي اقتدار جو سج لهندو ويو، تيئن سندن طاقت ۽ واپار جي مرڪز ديبل جي اهميت پڻ گهٽجي وئي. سنڌو درياھہ جي موج ۽ مستين ڪري هڪ ٻئي نئين بندرگاھہ جنم ورتو، جيڪو لوهاراني/لاهري/لاهوري جي نالي سان مشھور ٿيو. هن نئين بندرگاھہ جي اسرڻ ڪري پڻ قديم بندر ديبل جو اوج گهٽ ٿي ويو. 1334ع ۾ جڏهن ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو تہ هن ’لاهري‘ بندر کي وڏي اوج تي ڏٺو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو تہ ديبل بندر اٽڪل ڇھہ سو ورهيہ سنڌ جو مکيہ بندر ٿي رهيو، جنهن سان سنڌ جي سياسي ۽ اقتصادي تاريخ جو لاڳاپو هو. جيتوڻيڪ ديبل تباھہ ۽ برباد ٿي ويو. مگر سنڌ وارن نئين بندرگاھہ کي بہ ديبل ئي سڏيو، ڇاڪاڻ تہ گذريل ڇھہ سؤ ورهين جي عرصي ۾ ’بندر‘ ۽ ’ديبل‘ جا لفظ لازم ۽ ملزوم بنجي ويا هئا. پوئين زماني جي تاريخ هن عام رواج جي تصديق ڪري ٿي تہ سورهين صدي عيسويءَ ۾ پورچوگيزن هن ساڳئي لاهوري بندر کي ’لاهري بندر‘، ’دربل‘، ’ديوئل‘ ۽ ’ديوئلسز‘ ڪري لکيو آهي. ابوالفضل ’آئين اڪبريءَ‘ ۾ ٺٽي کي ديبل سڏيو آهي. مير معصوم، لاهري بندر توڙي ٺٽي کي ’ديبل بندر‘ ڪري لکيو آهي. انهن حوالن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اصل ۾ ديبل، جنهن تي محمد بن قاسم قبضو ڪيو هو، اهو زماني جي انقلابن سبب تباھہ و برباد ٿي ويو. تڏهن بہ ان جو اهو نالو هلندو رهيو ۽ بعد ۾ لوهاراڻي يا لاهري بندر خواھہ ٺٽي کي ديبل بندر سڏڻ لڳا.
سنڌ جي مشھور تذڪره نگار مير علي شير قانع پنھنجي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ ۾ لاهري بندر کي پراڻو ديبل سڏيو آهي. ساڳيءَ طرح بگهاڙ شاخ تي هڪ بندر گاھہ کي بہ ديبل ڪري سڏيو ويو آهي. اتي دفن ٿيل شيخ حسين عرف پير پٺي کي ’ديبلي‘ ڪري سڏيو آهي. ناليواري سياح البيرونيءَ جو چوڻ آهي تہ ديبل هڪ ساحلي بندر هو ۽ لوهاراڻي کان اڀرندي ڏانهن سنڌو ندي جي شاخ تي اڏيل هو. ان ڪري پاٽنجر ۽ ڪننگهام ’لاهري بندر‘ کي اصلي ديبل سمجهن ٿا. رچرڊ برٽن، ڪئپٽن مئڪ مرڊو، ڊيلهوسٽ، هئملٽن ۽ هينري ڪزنس وري ٺٽي کي قديم ’ديبل‘ ڪري لکن ٿا. ايليٽ صاحب ڪراچيءَ کي ’ديبل‘ ڪوٺيو آهي، حالانڪہ ڪراچي جو ان وقت اڃا وجود ئي ڪونه هو. ڪراچي، بندر طور 1729ع ڌاري استعمال ٿيڻ ۾ آيو. موجودہ ڌاٻيجي اسٽيشن کان اٽڪل 5 ميلن جي مفاصلي تي، ڏکڻ اوڀر طرف ٺٽي کان ڪراچي ويندڙ رستي کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي ’گهارو‘ نالي هڪ سامونڊي کاري جي ڪپ تي قديم شھر ڀنڀور جي کوٽائي مان قديم آثار وارن کي ڪي شيون ۽ نشانيون لڌيون، جن جي بنياد تي هن شھر کي سنڌ جو قديم ’ديبل بندر‘ سڏيو ويو.
سنڌ جي هن قديم بستي متعلق مؤرخن ۾ ڪافي اختلاف آهن ۽ مختلف دورن ۾ هن بستيءَ کي جدا جدا هنڌن تي ڄاڻايو ويو آهي. ڊاڪٽر بلوچ، ڀنڀور کي ديبل سڏيو آهي. ان جي برعڪس پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ ۽ ايم. ايڇ. پنهور هن ڳالھہ کي نہ ٿا مڃين. پير حسام الدين راشدي ’مڪلي نامھ‘ جي حاشين ۾ ٺٽي شھر جي قدامت تي بحث ڪندي، ديبل جي ماڳ ۽ زوال تي پڻ ڳچ قديم ڪتابن جي مدد سان روشني وڌي آهي. پير صاحب جي راءِ آهي تہ ديبل بندر 658ھہ/ 1272ع کان پوءِ زوال پذير ٿيو. اهو ئي دور آهي جڏهن ٺٽي ننگر جي اوسر شروع ٿي. مڪلي ٽڪر جي بلڪل ڏاکڻين ڪنڊ تي پير پٺي جي مزار آهي. ڪتابن ۾ هن بزرگ کي ديبلي سڏيو ويو آهي. ڏکڻ ۾ جتي مڪلي ٽڪر ختم ٿئي ٿو، ان جي ڀر پاسي ۾ ميداني علائقي ۾ قديم ديبل بندر جي هجڻ جون شاهديون موجود آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ عرب تاريخ نويسن جي احوال جي آڌار تي لکي ٿو تہ سن 637ع- 636ع ۾ حضرت عمر رضہ جي خلافت جي زماني (5 ھہ) ۾ عمان جي گورنر عثمان بن ابي العاص الثقفي، مغيره ۽ حڪم جي هٿ هيٺ سمنڊ ذريعي هڪ مھم موڪلي هئي، جنهن هندستان جي ٽن بندرگاهن ديبل، ڀڙوچ ۽ ٿاڻه تي حملا ڪيا هئا. ان کانپوءِ عبيدالله بن نبهان ۽ بديل بن طهفة الجبلي 711ھہ ۾ ديبل تي حملو ڪيو. بعد ۾ محمد بن قاسم 713ع ۾ ديبل تي ڪاھہ ڪئي. فتح ڪيو. ان دور ۾ سنڌ ۾ ديبل وڏو بندر ۽ وڏو شھر هو، جيڪو عربن جي اچڻ کانپوءِ علمي شھر بڻجي ويو. هن شھر ۾ پهريون ڀيرو اسلامي مدرسن جو بنياد پيو. عراق ۽ عرب کان ڪيئي عالم هن شھر ۾ اچڻ لڳا ۽ خود هن شھر ۾ وڏا جيد عالم، محدث، مفسر ۽ فقيھ پيدا ٿيا. عرب تاريخ نويسن ڪيترن اهڙن عالمن کي ان شھر جي نسبت سان ’ديبلي‘ ڪري لکيو آهي. علامہ سمعاني پنھنجي ڪتاب ’ڪتاب الانساب‘ ۾ اهڙن ڪيترن ئي عالمن جو ذڪر ڪيو آهي.