
دم/ اُڀ ساهي- ساهه جي بيماري
دم/ اُڀ ساهي- ساھہ جي بيماري (Asthma): انگريزي اکر Asthma يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي. ساھہ کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ (Hard Breathing) يا سهڪڻ (Panting). جڏهن مريض تي هن بيماريءَ جو حملو ٿيندو (دورو پوندو) آهي تہ ڦڦڙن ڏي هوا کڻي ويندڙ ۽ ڦڦڙن مان ٻاهر واپس ڪڍندڙ ڦڦڙن جون ننڍڙيون ساھہ نليون (Bronchies) بند ٿي وينديون آهن جنهن جي ڪري ساھہ کڻڻ ۽ ساھہ ڇڏڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي. ٿيندو ڇا آهي تہ ڪيترن سببن جي ڪري ڦڦڙن جون رت ناڙيون (Blood Vessels) سُڄي پونديون آهن جن مان رت ۽ سَتُ سيمو ڪري ڦڦڙن جي اوڄن (Tissues) ۾ ڀرجي ويندو آهي، جنهنڪري ساھہ (هوا) نليون (Bronchis) سُڄي پونديون آهن. ساھہ نلين جي سڄڻ ڪري ڦڦڙن جون ننڍڙيون ساھہ نليون سوڙهيون ٿي وينديون آهن، جن مان اڳتي هلي چنبڙندڙ گهاٽو ڳاڙو ڳڙي ويتر ساھہ نلين کي سوڙهو ڪري ڇڏيندو آهي. انهيءَ دوران ساھہ نلين جي مشڪن جي ڪوئجڻ واري عمل جي ڪري گهڻي ڀاڱي ننڍڙيون ساھہ نليون بند ٿي وينديون آهن. هوا جي (ساھہ جي) نلين ۾ ڳاڙي، گند ۽ سَتُ ڀرجي وڃڻ ڪري نہ رڳو ساھہ نليون سوڙهيون ٿي وينديون آهن پر سُڄي بہ پونديون آهن. انهيءَ سڄي عمل سبب مريض کي ساھہ کڻڻ ۽ ڇڏڻ ۾ تمام گهڻي ڏکيائي ۽ ساھہ ۾ تنگي ٿي پوندي آهي. ان ڪري هڪ تہ مريض کي کنگهہ ٿيندي آهي، ڇو تہ چنبڙندڙ گهاٽو ڳاڙو وڌيڪ گهاٽو ٿي ساھہ جي نلين ۾ بلغم ٺھي بيهندو آهي، جنهن کي ڪڍڻ لاءِ قدرتي طرح کنگهہ ٿيندي آهي. ٻيو تہ بلغم ۽ گهاٽي سَت، گند ۽ ڳاڙي جي ڪري ساھہ نليون بند ٿي وينديون آهن، جنهنڪري ساھہ ۾ تنگي ۽ اُڀ ساهي ٿيندي آهي. مريض جو هانبارو پيو لڳندو آهي، جنهن کي اسين دم (Asthma) چوندا آهيون. دم عمر جي ڪنهن بہ حصي ۾ ٿي سگهي ٿو، پر ڏٺو ويو آهي تہ گهڻائيءَ ۾ دم ٻاروتڻي ۾ ٿيندو آهي يا وري اڌ وهيءَ ۾ ٿيندو آهي. جوانيءَ وارو دم پيريءَ ۾ سلھہ (ڦڦڙن جي سلھہ) ٽي. بي ۾ بدلجي ويندو آهي. ٻاروتڻي ۾ ڇوڪرين جي مقابلي ۾ ڇوڪرن کي دم وڌيڪ ٿئي ٿو، جڏهن تہ اڌ وهيءَ ۾ ڇوڪرن جي مقابلي ۾ ڇوڪرين کي وڌيڪ ٿئي ٿو. اسي سيڪڙو ٻارن ۾ دم جي بيماريءَ جي اوسر سندن عمر جي 5 سالن کان ئي شروع ٿئي ٿي. ويھہ سيڪڙو ٻارن ۾ دم جي اوسر عمر جي ڪنهن بہ حصي ۾ ٿي سگهي ٿي. هيٺ ڪجهہ اهڙين تڪليفن کي وائکو ڪجي ٿو، جيڪي تڪليفون ٻار ۾ جيڪڏهن ساندھہ رهن، خاص ڪري ٻاروتڻي ۾ عمر جي 5 سالن کان اهي عام ٿيڻ لڳن تہ مائٽن کي پنھنجي ٻار جي صحت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇو تہ اهڙيون علامتون اهي ٻار کي تڪڙو تڪڙو دم جي بيماريءَ ڏانهن وٺي وينديون آهن:
(1) ٻار جي کيڏڻ جي دل نہ چوي.
(2) ٻار ٿوري کيڏڻ تي ٿڪجي پوي.
(3) ٻارُ ٿوري کيڏڻ تي سهڪي پوي، کيس اُڀ ساهي ٿئي، هانبارو لڳي، جنهن ۾ تڪڙا تڪڙا پر ننڍا ننڍا ساھہ کڻي.
(4) ٻار ٿوري کيڏڻ تي ڇاتيءَ ۾ سوڙھہ (گهُٽ) محسوس ڪري.
(5) ٻار کي ٿوري بہ کيڏڻ تي کنگهہ ٿئي، ڇاتيءَ ۾ کڙڪو ٿئي (کرڙاٽ ٿين) يا ڇاتيءَ مان سُوسٽن يا وري هلڪي سيٽيءَ جو آواز اچي.
(6) ٻار کنگهہ ۽ سَهڪ جي خوف کان کيڏڻ اڌ ۾ ڇڏي ڏئي.
(7) عام حالتن ۾به کيڏڻ يا جسماني ڪم ڪرڻ کانسواءِ بہ ٻار جي ڇاتيءَ مان ساھہ کڻڻ تي سوسٽن، سيٽيءَ يا کرڙاٽن جو آواز نڪري.
(8) ٻار کي سدائين کنگهہ هجي، جنهن ۾ واڌارو گهم، ٿڌ، يا آڌي رات جو ٿئي. يا هميشہ رات جو کنگهہ ٿئي.
(9) ٻار تي هميشہ ٿڌ حملو ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ ٻار کي سدائين زڪام کنگهہ ۽ سھڪ رهي. ٻارُ ٿڌ سھي نہ سگهي.
(10) ٻار کي عام دونهي، سگريٽ جي دونهي، دز، مٽيءَ، ڪپھہ جي ذرن ۽ خوشبو جي ڪري الرجي ٿئي. جنهن سان ٻار کي ڇڪون اچن، زڪام ٿئي، اکيون ڳاڙهيون ٿين، اکين ۾ خارش ٿئي، کنگهہ ۽ سھڪ ٿئي.
(الف) دم جا قسم (Types of Asthma):
(1) ساھہ جي نلين وارو (عارضي) دم Bronchial Asthma
(2) دائمي دم Chronic Asthma
(3) دل جي تڪليف سبب ٿيندڙ دم Cardiac Asthma
(4) اعصابي دم Nervous Asthma
(5) خشڪ دم Hay Asthma
(6) تر دم Humid Asthma
(7) ڪرت وارو دم Occupational Asthma
مٿين قسمن جي دم مان ساھہ جي نلين وارو دم Bronchial Asthma ۽ دائمي Chronic Asthma رڳو دل جي مريض يا دل جي مرض ۾ ٿيندو آهي. ائين ڪرت وارو Occupational Asthma گيس ڪمپنين، ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ، آڏاڻن، اَٽي جي چڪين، سيمنٽ جي ڪارخانن، سِرن جي بٺن ۽ پٿر ڪٽڻ وارن مزدورن ۾ عام ٿيندو آهي.
هيٺ عام ٿيندڙ دم ساھہ جي نلين واري دم (Bronchial Asthma) ۽ دائمي دم (Chronic Asthma) تي مختصر روشني وجهجي ٿي.
(1) ساھہ جي نلين وارو (عارضي) دم (Bronchial Asthma): هن قسم جو دم عارضي هوندو آهي. جنهن جو زوردار حملو مريضن ۾ چند ڪلاڪن کان وٺي ٻن ٽن ڏينهن تائين تيستائين رهندو آهي، جيستائين ساھہ وارين نلين مان بلغم نڪري وڃي ۽ بلغم نڪري وڃڻ کانپوءِ ساھہ وارين نلين مان سور ۽ سوڄ (Inflammation) ختم ٿي وڃي. ڏٺو ويو آهي تہ هن قسم جي دم ٿيڻ جو باقي سبب مريض کي ڪنهن نہ ڪنهن شيءِ کان الرجي هوندو آهي.
(2) بيماري (دم) ٿيڻ جا سبب Astrology: عام طرح ميڊيڪل سائس جي ڪجهہ ڄاڻن جو خيال آهي تہ دم Asthma ٿيڻ جو بنيادي سبب الرجي آهي. ڪجهہ ڄاڻن جو وري اهو خيال آهي تہ الرجي دم ٿيڻ جي ڪيترن سببن مان هڪ سبب آهي. دم ٿيڻ جي ٻين ڪارڻن تي روشني وجهڻ سان گڏ اهو ضروري سمجهجي ٿو تہ الرجيءَ جي باري ۾ بنيادي ڄاڻ حاصل ڪجي.
الرجي (Allergy): انساني جسم ۾ ڪو بہ اهڙو ابتو اثر جنهن جي ڪري انسان جي بچاءَ واري جوڙ جڪ (Body’s Defence Machanism) کي نقصان پهچي، ان کي ’الرجي‘ چئجي ٿو، يا کڻي ائين چئجي تہ ڪو بہ اهڙو سبب جنهن جي رد عمل جي نتيجي ۾ انسان جي بچاءَ واري نظام تي ابتو اثر پوي، ان کي الرجي چئجي ٿو. الرجيءَ جي ڪري انساني جسم تي بيماريءَ جون کوڙ علامتون ظاهر ٿين ٿيون، جيئن نڇون اچڻ، اکيون ڳاڙهيون ٿيڻ، اکيون سُڄي پوڻ، اکين مان پاڻي وهڻ، منهن تي آموس ٿي پوڻ، وات، زبان ۽ ڪاڪڙو سُڄي پوڻ ۽ انهن ۾ سور، ڪن حالتن ۾ جسم سُڄي پوڻ ۽ انهن ۾ سور ٿي پوڻ، مٿي ۾ سور ٿيڻ، چمڙيءَ تي ڳاڙها نشان (دٻڪ) ٿيڻ وغيرہ. تنهن کان سواءِ ڪنهن بہ سبب ڪري انسان جي بچاءَ واري نظام تي ڪو بہ مهلڪ اثر ٿئي تہ ان جي رد عمل جي نتيجي ۾ ٻيون بہ بيماريون (تڪليفون) ظاهر ٿينديون آهن، جيئن زڪام، ساھہ ۾ تنگي، سيني ۾ سور، اُڀ ساهي، دم ۽ کنگهہ جهڙيون تڪليفون اچي وڃن ٿيون. انهن سڀني تڪليفن جو نالو الرجي آهي. الرجيءَ جي ڪري ڪڏهن عام ۽ معمولي تڪليفون ٿينديون آهن تہ ڪڏهن وري مهلڪ تڪليفون ٿي پونديون آهن، تنهن کان سواءِ اهو لازمي ناهي تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ (مريض) ۾ مٿيون وڏيون يا عام تڪليفون هڪ ئي وقت ظاهر ٿين، پر انهن مان ڪا بہ هڪ يا ڪڏهن هڪ کان وڌيڪ تڪليفون گڏجي ظاهر ٿينديون آهن.
هيٺ الرجيءَ جي سببن سميت ٻيا بہ سبب ڄاڻائجن ٿا، جيڪي دم جا ڪارڻ بڻجن ٿا. اهو ضروري ناهي تہ هڪ ئي وقت اهي سڀئي سبب گڏجن تڏهن ماڻهو کي دم ٿئي، پر انهن سڀني سببن مان ڪو بہ هڪ سبب دم لاءِ ڪافي هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ ماڻهوءَ کي جنهن بہ سبب کان حساس پڻو هوندو آهي اهو ئي ماڻهوءَ کي دم ڪري وجهندو آهي.
(I) هوا ۾ اڏامندڙ شيون:
(1) وڻن، گلن ۽ گاھہ جو ٻج، وڻن جو ٻُور، وڻن جي پنن ۽ گاھہ جو سڪل چُورو. هن قسم جي الرجي، اسلام آباد جهڙي وڻڪار واري علائقي ۾ عام آهي. ان کي پولن الرجي بہ چون ٿا.
(2) هر ڪنهن قسم جي مال جو ڀاڻ.
(3) جانورن جي پشم، جانورن جا وار، گگ ۽ پيشاب (خاص ڪري ٻلي، ڪتي ۽ گهوڙن جي گگ ۽ پيشاب).
(4) ڪُئا ۽ ڪُئن جون ڦولڙيون ۽ وار. ڪاڪروچ، ڪاڪروچن جو گند ۽ پَرَ.
(5) ڪڪڙن ۽ ٻين پکين جون سُڪَل وٺيون، وٺين ۾ موجود جيوڙا ۽ پکين جا کنڀ.
(6) چاڪ ۽ ڪاٺ جو ٻُورو.
(7) ڌوڙ، دز، مٽي، ڀتين جو ڄارو ۽ ڪوريئڙي جو ڄارو.
(8) ڪنهن بہ قسم جو تازو يا پراڻو رنگ.
(II)عام گهريلو واهپي واريون شيون:
(1) ڪڻڪ، ڪڻڪ جو اٽو، ميدو ۽ ميدي مان ٺهندڙ بسڪوٽ، دٻل روٽي، سوجي، چانور ۽ چانورن جو اٽو.
(2) چانھہ، ڪافي، خشڪ (سڪو دٻي وارو) کير.
(3) ڳئون جو کير، ڳئون جو کير هر حال ۾ دم پيدا ڪندڙ بہ آهي، دم کي وڌائيندڙ بہ آهي ۽ دم جي مريض کي نقصان بہ ڏيندڙ آهي.
(4) خشڪ ۽ سڪل ميوو خاص ڪري بوهي مڱ (مڱيرا- مڱ ڦري) پستا، بادامي، اکروٽ ۽ نيزا.
(5) دٻي ۾ بند ٿيل کاڌا ۽ ڪولڊ ڊرنڪ خاص ڪري اهي جن ۾ سٽريٽ ۽ ڪاربان گيس هجي.
(III) هنڌ ۽ وهاڻا:
(1) ڪپھہ جو رُون ڪپھہ مان ٺهيل وهاڻو ۽ سَوَڙِ.
(2) اَڪ جي انبڙين جي ڪپھہ مان ٺهيل وهاڻو (ياد رهي تہ اڪ جي انبڙين جي ڪپھہ کي ريشمي ڪپھہ چيو ويندو آهي.) تنهن کان سواءِ فوم مان ٺهيل وهاڻو.
(3) ريشمي سوڙيون ۽ انهن جو انگ
(4) ڪمبل ۽ ڪمبل مان نڪرندڙ بُجَ ۽ رون
(IV) پائڻ وارو ڪپڙو:
(1) نائلون، ٽيٽرون ۽ لينولين ۽ انهن مان ٺهندڙ ڪپڙو
(2) ريشمي ڪپڙو ۽ ان جو رنگ
(V) دونهون:
(1) سگريٽ، ڪاٺين، ڪوئلي ۽ گند ڪچري جو دونهون، ڪيميڪل جا دونها جھڙوڪ: سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ، ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ ۽ خاص ڪري نائٽروجن آڪسائيڊ، ڪارخانن جي چمنين مان نڪرندڙ دونهون، خاص ڪري سيمينٽ جي ڪارخاني مان نڪرندڙ دونهون، جنهن ۾ ڌوڙ ۽ دز بہ گڏ هوندي آهي. کنڊ جي ڪارخانن مان نڪرندڙ دونهون، چوڙين جي ڪارخانن ۽ گلاس جي ڪارخانن مان نڪرندڙ دونهون وغيرہ.
(2) چمڙي جي بوءِ ۽ چمڙي صاف ڪرڻ کان پوءِ ان مان نڪرندڙ پاڻيءَ ۽ ڪيميڪل جي بوءِ وغيرہ.
(3) سامونڊي سڪل مڇيءَ جي بوءِ
(4) کاڌي جي بوءِ، خاص ڪري اهڙو کاڌو، جيڪو دم جي مريض يا عام ماڻهون کي نہ وڻندو هجي، اهو گهر ۾ رڌ جي تہ ان جي بوءِ کان الرجي ٿي پوندي آهي، ان جو اثر ٻارَ يا وڏي ماڻهوءَ تي ڀرپور ٿئي تہ ان ڪري بہ دم ٿي پوندو آهي.
(5) رُوم اسپري (ڦوهارو)، مکين ۽ مڇرن مارڻ واري دوا جو ڦوهارو، جن دوائن ۾ ميلاٿن دوا گهڻو اثر ڪندي آهي، ان سان الرجي جلد ٿي پوندي آهي ۽ ان سان اهڙن ٻارن کي جلد دم ٿي پوندو آهي، جن جا ڦڦڙ ڪمزور هوندا آهن. يا جن ٻارن کي دائمي زڪام ۽ کنگهہ رهندا هجن. ان کان سواءِ مڇرن مارڻ وارين ٽڪين، جليبين ۽ ڪوائل مان نڪرندڙ دونهون وغيرہ بہ الرجي ۽ دم جو ڪارڻ بڻبو آهي.
(6) پيٽرول، گاسليٽ ۽ ڊيزل جي بوءِ ۽ انهن مان نڪرندڙ دونهون. ان دونهي ۾ گهڻائي ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ ۽ نائيٽروجن آڪسائيڊ جي هوندي آهي. گاڏين مان جيڪو دونهون نڪرندو آهي انهيءَ ۾ بہ گهڻائي انهن ٻنهي زهريلين گيسن جي هوندي آهي، جن جي اثر ڪري نہ رڳو دم ٿيندو آهي، پر ڪيترن ڪمزور ڦڦڙن وارن ماڻهن جو ساھہ بہ گهٽبو آهي.
(VI) خوشبو ۽ هار سينگار (ميڪ اپ) جو سامان:
(1) عطر، صابڻ، ٽالڪم پائوڊر ۽ گلن جي خوشبو کان ڪيترن ماڻهن کي الرجي ٿئي ٿي جيڪا دم ٿيڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي.
(2) ميٿائل الڪوهل جيڪو الڪو هل پرفيوم ۽ باڊي اسپري ۽ يو ڊي ٽوائليٽ جي ٺاهڻ ۾ 60 سيڪڙو کان 90 سيڪڙي تائين ڪتب اچي ٿو. اهو بہ الرجي ڪري ٿئي ٿو، جنهنڪري دم ٿئي ٿو.
(3) اسٽرائيل الڪوهل، جيڪو ڪريم، ويزلين ۽ هار سينگار جي ڪريمن ۽ ميڪ اپ جي سامان، ماسڪ ۽ فيشيل جي بنيادي ڪيميائي مادن جي ٺاهڻ ۾ ڪتب اچي ٿو. ان جي اثر ڪري بہ الرجي ٿئي ٿي، جيڪا دم ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿي.
(4) گهرن جي ڀتين جي رنگ (آئل پينٽ) جي خوشبوءِ جي ڪري بہ الرجي ٿئي ٿي، جيڪا الرجي دم جو سبب بڻجي ٿي.
(VII) ڪاسميٽڪ جو سامان: ڪاسميٽڪ جو اهڙو سامان، جنهن جي ٺاهڻ ۾ سٽرونيلا جو تيل (Citronella Oil) ڪتب اچي، جنهن ۾ تمام گهڻي تيز کٽي خوشبو ٿئي ٿي، ان جي ڪري ڪيترن ٻارن (۽ وڏن ماڻهن) جو ساھہ گهٽبو آهي ۽ الرجي ٿيندي آهي، جيڪي دم جا ڪارڻ بڻبا آهن.
ڪيترن يورپي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جديد تحقيق ڪري هن تيل مان جان ڇڏائڻ لاءِ ان جي جاءِ تي پنھنجي ڪاسميٽڪ جي سامان ۾ ايلويرا (ڪنوار ٻوٽي/ ايريال جي رس/ست) ڪتب آڻڻ شروع ڪئي آهي.
(VIII) ڪرت ۽ ڌنڌو:
(1) ڪپڙي ۽ ٽوال ٺاهڻ جي ڪارخانن، آڏاڻن ۽ قالين جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ ٻارن کي ڪپھہ، ڪپڙي ۽ قالين جا بُجَ ۽ رون ساھہ جي تڪليف ۽ دم ڪري وجهن ٿا.
(2) ڪپھہ ٽاڻڻ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ٻارن ۽ وڏن کي ڪپھہ جي رون، ڌوڙ ۽ دز سان دم ٿي پوندو آهي.
(3) اٽي جي چڪين ۽ ملن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي ڦڦڙن ۾ اٽو گڏ ٿي وڃڻ ڪري، کنگهہ، ساھہ جي تڪليف ۽ دم ٿي پوندو آهي.
(4) ڪڻڪ ۽ سارين جي ڇڙهائيءَ وارين کرين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن (جن ۾ گهٽائي ٻارن ۽ عورتن جي هوندي آهي.) کي دم ٿيندو آهي.
(5) سرن جي بٺن ۾ ڪم ڪندڙن کي دز، مٽيءَ ۽ بٺي جي چمنين مان نڪرندڙ زهريلي دونهي جي ڪري دم ٿئي ٿو.
(6) پٿر ڪٽڻ وارن مزدورن، پٿر ۽ روڙي پيهندڙ مشينن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي پٿرن جي سنهي دز ڦڦرن ۾ وڃي سھڪ ۽ دم ڪري وجهندي آهي.
(7) سيمنٽ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي سيمنٽ جي دز، چوني ۽ دونهين جي ڪري دم ٿئي ٿو.
(8) ڪيميڪل ٺاهڻ وارن ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي دم ٿئي ٿو، جن ڪيميڪلس ۾ نائيٽرڪ ايسڊ، ايسيٽڪ ايسڊ، اسائيڪل الڪوهل ايٿائيل الڪوهل، اسٽرائيل الڪوهل، سيٽوس الڪوهل ۽ مختلف ٽيچر ۽ اسپرٽ وغيرہ اچي وڃن ٿا.
(9) گيس فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙن کي فيڪٽرين جي چمنين مان نڪرندڙ ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ ۽ خاص ڪري نائيٽروجن آڪسائيڊ دم ڪري وجهندي آهي.
(10) ڪچي ڪپڙي ۽ قالينن کي رنگڻ وارن رنگن ۾ موجود ڪيميڪل پڻ دم جو ڪارڻ بڻجن ٿا.
(11) چوڙين ۽ گلاس جي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي شيشي جي چوري دز سيني ۽ ڦڦڙن ۾ وڃڻ سبب اُڀ ساهي، دم ۽ سلھہ ٿي پوندي آهي.
(12) اهڙا ڪارخانا جن ۾ مزدورن جو سنئون سڌو ڪم باھہ جي بٺيءَ سان هجي تہ اهڙن مزدورن کي ٿيندڙ دم کي سُڪو دم چيو ويندو آهي.
پاڪستان ۾ غربت جي ڪري ننڍن توڙي وڏن ڪارخانن ۾ ننڍا ٻار وڏن ماڻهن وانگي مزدوري ڪن ٿا. نتيجي طور ٻارن جي گهڻائي سيني جي بيمارين ۾ وٺجي ويندي آهي.
(IX) رهڻي ڪهڻي:
(1) غربت ۽ تنگدستيءَ ۾ ورتل مائٽن جا ٻار، جن جي انگ تي پورو ڪپڙو بہ نہ هوندو آهي. سرديءَ جي موسم ۾ ڇاتي نہ ڍڪڻ ڪري سيني جي بيمارين ۾ وٺجي ويندا آهن، جن ۾ کنگهہ، سهڪ، اُڀ ساهي، دم ۽ نمونيا اچي وڃن ٿا.
(2) سوڙهن، گندگيءَ وارن علائقن ۽ بند ڪمرن ۾ رهڻ وارن ماڻهن جي ٻارن کي ساھہ جون بيماريون ٿينديون آهن، جن ۾ دم بيماري اهم آهي.
(3) گهر جي قالينن جي رنگ، مٽي، دز ۽ ننڍڙا جيوڙا ٻار جي ساھہ جي ناليءَ ۾ وڃي الرجي ڪري وجهندا آهن، نتيجي طور کين دم ٿيندو آهي.
(X) موسم:
(1) خشڪ سرد موسم، گهميل موسم ۽ اُتر جي هوا جي ڪري ساھہ جون ناليون خشڪ ٿي وڃن ٿيون ۽ انهن ۾ سُتُ ڀرجي ويندو آهي، جيڪو دم جو سبب بڻبو آهي.
(2) وڏن ٻارن کي سرد هوا ۾ ڪثرت ڪرڻ، يا راند کيڏڻ ڪري دم ٿي پوندو آهي.
(3) ٿڌي موسم ۾ ڇاتيءَ کي گرم ڪپڙو نہ اوڍڻ ڪري دم ٿي پوندو آهي.
(XI) بيماريون:
(1) هميشہ دائمي زڪام ۽ کنگهہ ۾ وڪوڙيل ٻار.
(2) جن ماڻهن جي نڪ جي هڏي وڌيل، يا ٽيڏي هجي يا وري نڪ تي سوڙھہ/ ٻوسٽ جي بيماري ۽ نڪ جي نالين جي سوڄ جي بيماري هجي، اهي سڀئي نڪ جون بيماريون دم ٿيڻ جا بنيادي سبب آهن.
(3) رت جي گهٽتائي (Anaemia)،
(4) ڪنگيءَ جي بيماري (Marasmus) ورتل ٻار،
(5) نمونيا کانپوءِ ڪيترن ٻارن کي يا تہ دم ٿيندو آهي يا وري وڏي کنگهہ/ کرٽيو (Whooping Cough) ٿيندو آهي.
(6) چمڙي جي ڪيترين بيمارين (خاص ڪري چمڙيءَ جي داڻن (Eruption) جي دٻجي وڃڻ ڪري بہ دم ٿي پوندو آهي. جيڪڏهن دم جو علاج ڪبو آهي تہ دم تہ ڇڏي ويندو آهي پر ڏڍ ظاهر ٿي پوندي آهي ائين جيڪڏهن ڏڍ جو علاج ڪبو آهي تہ دم ظاهر ٿي پوندو آهي.
(7) چمڙيءَ جي بيماري/ سورياسز (Psoriasis) جي ڪري بہ گهڻن ماڻهن کي دم ٿيندو آهي.
(8) چيڙاڪ ۽ ڳالھہ ڳالھہ تي ڪاوڙجندڙ ماڻهن کي دم بہ ٿيندو آهي.
(XII) موروثي سبب: دم جي بيماري ۾ اهڙا ماڻهو وٺجي ويندا آهن، جن جي خاندان ۾ اڳئي دم آهي يا سلھہ جي بيماري موجود آهي.
(ٻ) بيماريءَ جون علامتون (Clinical Symptoms): دم ٿيڻ جون هيٺيون علامتون، خاص ڪري ڇاتيءَ جي تڪليف واريون علامتون گهڻي ڀاڱي هر مريض ۾ ملنديون آهن، باقي ٻيون علامتون گڏ وچڙ دم جي مريضن ۾ ملنديون آهن، انهي لاءِ لازمي آهي تہ سڀ کان پهريائين ڇاتيءَ جي تڪليفن وارين علامتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. جملي علامتن جي زور ائتي نموني ظاهر ٿيڻ جو دارومدار بيماريءَ سان مهاڏو اٽڪائڻ واري قدرتي سگهہ ۽ جسم جي بچاءَ واري جوڙ جڪ (Body Defence Machanism) جي مضبوطيءَ تي هوندو آهي.
ڇاتيءَ جي تڪليفن جون علامتون:
(1) دم ٿيڻ کان اڳ ۾ مريضن کي ڇاتيءَ ۾ سوڙھہ (گهٽ) ٿيندي آهي ڪيترن مريضن کي سيني تي وزن ۽ دٻاءُ پوندو آهي.
(2) ڇاتيءَ ۾ سوڙھہ (گُهٽَ) ٿيڻ کان ڪجهہ دير پوءِ مريض کي ساھہ ۾ تنگي (Dyspnoea) ٿيندي آهي.
(3) جڏهن مريض کي ساھہ ۾ تنگي يا ساھہ کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي تہ انهن کي ساھہ ڇڏڻ ۾ بہ ڏکيائي ٿيندي آهي. کين اڪثر ساھہ کڻڻ جي ڀيٽ ۾ ساھہ ڇڏڻ ۾ وڌيڪ ڏکيائي ٿيندي آهي. ڪيترن مريضن کي ساھہ کڻڻ ۽ ڇڏڻ ۾ هڪ جيتري ڏکيائي ٿيندي آهي.
(4) مريض کي جڏهن ساھہ ۾ تنگي وڌي ويندي آهي تہ مريض تڪڙا تڪڙا ساھہ کڻندو آهي ۽ کيس اُڀَ ساهي ٿي پوندي آهي.
(5) مريض کي سهڪو (Wheezing) تمام گهڻو هوندو آهي، جنهن سان گڏ ڇاتيءَ ۾ کرڙاٽ ۽ ڇاتيءَ مان ننڍڙا آواز ايندا آهن، جيڪي ساھہ جي نلين ۾ ڦاٿل بلغم جا هوندا آهن.
(6) شروع ۾ تہ مريض کي خشڪ کنگهہ ٿيندي آهي، جيڪا هر هر ٿيندي آهي، جنهنڪري مريض کي ساھہ ۾ تنگي وڌي ويندي آهي. ڪيترا مريض کنگهڻ وقت نڙيءَ ۾ هٿ وجهي کنگهندا آهن. جنهن جو مطلب ساھہ واري وڏي نالي (Trachea) تي بيماريءَ جو زور هوندو آهي، جنهن ساھہ واري ناليءَ ۾ سوڄ بہ هوندي آهي ان ۾ بلغم ڦاٿل هوندو آهي. ڪيترا مريض وري ڇاتيءَ تي هٿ رکي کنگهندا آهن جنهن جو مطلب اهو آهي تہ بيماريءَ جو زور ڇاتيءَ ۽ ڦڦڙن ۽ ساھہ وارين نالين (Bronchies) تي آهي، جن ۾ سوڄ ۽ بلغم ڦاٿل آهي.
عارضي دم ۾ (ساھہ جي نلين واري عارضي دم ۾) مريض کي دم تيستائين جاري هوندو آهي، جيستائين مريض جي سيني، ڦڦڙن ۽ ساھہ جي نالين (Bronchies) ۾ بلغم هوندو آهي. بلغم نڪري وڃڻ کان پوءِ دم ڇڏي ويندو آهي. هن قسم جي دم ۾ بلغم نڪرڻ ۾ ٽن چئن ڪلاڪن کان وٺي چار پنج ڏينهن لڳي ويندا آهن پر دائمي دم جي بيماريءَ ۾ بلغم نڪرڻ کان پوءِ بہ دم جي بيماري (تڪليف) وقتي طور ماٺي ٿيندي آهي، ڇو تہ دائمي دم ۾ مريض جي ڇاتي سدائين بلغم سان ڀريل هوندي آهي.
(II) نڪ جي تڪليفن جون علامتون:
(1) نڪ مان (سادو يا خارش ڪندڙ) پاڻي وهندو آهي.
(2) نڪ تي ٻوسٽ هوندو آهي، يا نڪ جون ناسون بند (Snuffles) ٿي وينديون آهن.
(3) نڪ جي کانچن (کڏن/سوراخن) ۾ سُور ۽ سوڄ (Sinusitis) ٿي پوندي آهي.) خاص ڪري دائمي دم ۾ اهڙيون علامتون اڀرنديون آهن، جنهن ۾ نڪ تي ٻوسٽ، نڪ جون ناسون بند ٿيڻ ۽ نڪ جي کانچن ۾ سوڄ ۽ سور ٿيندو آهي، جنهنڪري نڙيءَ تي دائمي طرح ڳاڙو ڪرندو رهندو آهي. PND (Post Nasal Drips) نڙيءَ جي ڳاڙي ڪري دم جي تڪليف وڌي ويندي آهي.
(III) چهرو:
(1) چهري ۾ خاص ڪري منهن جي هڏن ۽ ڳلن (Cheeks) جي هڏن ۾ سور ٿيندو آهي.
(2) دم جي ڀرپور حملي ۽ مهلڪ حالت ۾ ڪيترن مريضن جي چپن جي چوڌاري نيرا نشان پئجي ويندا آهن.
(IV) اکيون:
(1) اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن. جن مان سادا يا خارش ڪندڙ ڳوڙها وهندا آهن.
(2) ڪيترن کي اکين ۾ خارش ٿيندي آهي.
(3) پريشانيءَ ۽ مهلڪ حالت ۾ دم جي دوري (حملي) دوران اکيون سُسُي ڏرا ڏئي وينديون آهن ۽ انهن جي چوڌاري ڪارا يا نيرا نشان پئجي ويندا آهن
(V) نبض:
(1) دم دوران نبض جي رفتار وڌي ويندي آهي، جيڪا منٽ ۾ 120 ڌڪ هڻندي آهي، عام حالت 5 کان 15 سالن جي ٻار جي نبض 70 کان 110 ڌڪ في منٽ ۾ هڻندي آهي.
(2) بيماريءَ جي مهلڪ ۽ تشويش واري حالت ۾ وڏي مريض جي نبض 130 ۽ 140 جي وچ م ڌڪ هڻندي آهي. (ٻيو اندازو 5 کان 15 سالن جي ٻار جي نبض جي ڌڪ هڻڻ لاءِ آهي.)
(VI) دم جي تڪليف جو وڌي وڃڻ: رات جي وڳڙي ۾ دم جـي تـڪـليـف ۾ واڌارو ٿيندو آهي جنهن جـو سـبـب رات جـي مـهـل ايـڊريـنـليـن هـارمــون (Adrenaline Harrnone) گهـٽجـي ويندا آهن، جنهنڪري ايڊرينلين غدود (Adrenaline Gland) رات جو هن قسم جا هارمون گهٽ خارج ڪندا آهن. ايـڊريـنلـيـن هـارمـون گهٽ خـارج ٿـيـڻ ڪـري ڦـڦـڙن جـي سـاھہ واريـن نلين (Bronchies) جون مشڪون ڍريون ٿي وينديون آهن. تنهنڪري پنهنجو ڪم درست نہ ڪري سگهنديون آهن ۽ دم جي تڪليف وڌي ويندي آهي.
تنهن کانسواءِ ايڊرينلين غدود (Adrenaline Glomd) مان هڪ ٻيو ڪيميائي مادو ڪارٽيڪو سٽرائيڊ (Coticosteroids) نڪرڻ گهٽ ٿي ويندو آهي. جنهن جي ڪري ساھہ وارين نلين ۾ سور ۽ سوڄ (Inflamation) وارو عمل وڌي ويندو آهي. جنهن جي نتيجي پڻ دم جي تڪليف ۾ واڌارو ٿيندو آهي.
(VII) ايوسينوفل (EOSINOPHIL): دم جي دوري دوران رت جي اڇن جزن (WBC) ۾ ايوسينو فل ليڪوسائيٽس (Eosinophil Leucocytes)وڌي ويندا آهن جيڪي رت جي اڇن جزن ۾ في ڪيوبڪ ملي ميٽر ايم. ايم، سي. يو 500 کان 1500 تائين وڌي ويندا آهن.
(ڀ) ڳڻتيءَ واريون علامتون (MISERABLE SYMPTOMS):
(1) دم جي دوري (حملي) دوران سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي واري علامت اها آهي تہ مريض جو منهن نيرو ٿي ويندو آهي، خاص ڪري وات جي چوڌاري وارو حصو، چَپَ ۽ ڄڀَ نيرا ٿي ويندا آهن. جنهن جو مطلب اهو آهي تہ مريض جي رت کي (ڦڦڙن جي شريان ۽ ننڍين ساھہ وارين نالين ۾ بلغم ڀرجي وڃڻ ڪري آڪسيجن نٿي ملي. ان ڪري اهي سڀئي نيرا ٿي ويندا آهن. اها حالت لاڳيتي رهي تہ مريض نازڪ ۽ مهلڪ حالت ۾ داخل ٿيندو آهي ان حالت کي خاموش ڇاتي واري حالت (Silent Chest) چئبو آهي. ان صورت ۾ ڇاتيءَ مان هر ڪنهن قسم جو آواز نڪرڻ بند ٿي ويندو آهي. دم جي دوري دوران عام حالت ۾ ڇاتيءَ مان سھڪ (Wheezing) سميت هر ڪنهن قسم جو آواز (بلغم جي هجڻ جو بہ) آسانيءَ سان پري کان ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. خاموش ڇاتيءَ واريءَ حالت ۾ اسٽيٿو اسڪوپ (Stethoscopes) رکي مريض جي چڪاس ڪبي تہ سھڪ سميت ڪو بہ آواز ٻڌڻ ۾ نہ ايندو آهي. ان جو مطلب تہ ساھہ جون نليون بند هونديون آهن، ان ڪري نہ ساھہ اندر ڦڦڙن ۾ ويندو آهي نہ وري ٻاهر نڪرندو آهي. ان کان سواءِ ڦڦڙن تائين ٻاهرين هوا نہ پهچڻ ڪري رت کي آڪسيجن نہ ملندي آهي، نتيجي طور مريض جو منهن نيرو ٿي ويندو آهي. هيءَ حالت ڳڻتيءَ جوڳي هوندي آهي، ان حالت ۾ مريض کي هر حالت ۾ اسپتال پهچائجي جيئن کيس هٿرادو آڪسيجن (Oxygen) ڏني وڃي ۽ سندس ساھہ وارين نلين مان بلغم ڪڍيو وڃي.
(2) ساھہ ۾ تنگي ۽ اُڀ ساهي اهڙي ٿيندي آهي جو مريض جو ساھہ پيو نڪرندو آهي. وڏا (مريض) گهڻي ڀاڱي هٿ ڇاتيءَ تي رکي ساھہ زور زور سان کڻندا آهن، ڪي اڳتي جهڪي پوءِ ساھہ کڻندا آهن. عام پوڙها کٽ يا هنڌ تي ٻئي ٺونٺيون وهاڻي تي رکي اڳتي جهڪي وڏي وات ڦاڙي ساھہ کڻندا ۽ ڇڏيندا آهن.
(3) مريض کي ڳالهائڻ ۾ تمام گهڻي ڏکيائي ٿيندي آهي.
(4) ڳڻتيءَ واريءَ حالت ۾ مريض جون ناسون (وڃڻي وانگي) جهلنديون آهن ۽ پاسراٽين جي وچ ۾ کڏ پئجي ويندي آهي.
(5) دم جي حملي دوران مريض جي نبض (Pluse)جي رفتار تيز ٿي ويندي آهي ۽ منٽ ۾ 130 ۽ 140 جي وچ ۾ ڌڪ هڻندي آهي.
(6) وڏو ٻارُهنڌ يا ڪرسيءَ تان اُٿي نہ سگهندو آهي.
(7) ساھہ جي تنگيءَ ڪري ٻارُ هر هر پنھنجي نڙيءَ يا ڇاتيءَ کي جهلي ساھہ کڻندو آهي.
(8) ٿڃ پياڪ ٻارُ، يا معصوم ٻار ساھہ جي تنگيءَ جي ڪري سيٽجي شيخ ٿي ويندو آهي.
(9) ڪيترن ٻارن جو ساھہ جي تڪليف جي ڪري پيشاب وهي ويندو آهي.
(10) ٻارُ دم جي حملي (دوري) کان ڊڄي موڳو ٿي ويندو آهي.
(ب)دم دوران احتياطي اُپاءَ (PREVENTIVE MEASURES DURING ATTACK):
(1) دم جي حملي (دوري) دوران مريض جي بدن جا سڀ ڪپڙا ڍرا ڪري ڇڏجن.
(2) جيڪڏهن مريض کي وڻي تہ کيس وهاڻي جي ٽيڪ ڏئي اُٿاري ويهارجي، معصوم ٻار کي هنج ۾ اُڀو ڪري ويهارجي.
(3) دم جي تڪليف (حملي/دوري) دوران مريض جي مٿان خاموش رهجي ۽ زباني طرح تسلي ڏيندو رهجي.
(4) دم جي دوري دوران مريض جي ڇاتيءَ تي يا ڪلهن تي هٿ نہ رکجي متان کيس ساھہ کڻڻ يا ڇڏڻ ۾ ڏکيائي ٿئي.
(5) دم جي دوري دوران مريض پسند ڪري تہ تازي هوا لاءِ گهر جون دريون کولي ڇڏجن.
(6) دم جي دوري دوران ٻارَ کي وڌ ۾ وڌ مٽيءَ ۽ دز کان بچائجي
(7) دم جي دوري دوران مريض کي تيز خوشبو سنگهائڻ، لڳائڻ کان پاسو ڪرائجي.
(8) دم جي دوري دوران مريض جي مٿان يا مريض جي ڪمري ۾ ڪنهن بہ حالت ۾ سگريٽ نہ پيئجي.
(9) دم جي دوري دوران مريض جي ڪمري ۾ ڪنهن صورت ۾ روم اسپري نہ ڪجي، مڇرن مارڻ لاءِ اسپري ڪجي، يا ڪوائل ٻار جي.
(10) دم جي دوري دوران مريض کي ڪنهن بہ صورت ۾ چڙ يا ڪاوڙ نہ ڏيارجي.
(ٿ) دم ٿيڻ کان اڳواٽ احتياطي اُپاءَ (PREVENTIVE MEASURES):
(1) ماءُ پيءُ تي اهو فرض ٿو ٿئي تہ انهن سببن کان باخبر رهن، جيڪي ٻار جي دم ٿيڻ جا سبب بڻجن ٿا، ٻارُ سمجهدار هجي تہ ٻار کي بہ اهڙن سببن کان باخبر رکن جيڪي ٻارَ جي دم ٿيڻ جا ڪارڻ بڻجن ٿا. جيڪڏهن ٻارُ پاڻ اڻ ڄاڻائي ۾ انهن سببن کان پاسو نہ ڪري تہ مائٽ ٻار کي انهن سببن کان پاسو ڪرائن.
(2) جيڪي ٻار دائمي دم جي ور چڙهيل هجن ۽ اسڪول ويندڙ هجن تہ اهڙن ٻارن جي مائٽن کي کپي تہ ڪلاس ٽيچر کي ٻار جي دم جي تڪليف کان واقف ڪن، جيئن ٻار کي اسڪول ۾ ڊرل (PT) ۽ ڪثرت يا راند نہ ڪرائي وڃي.
(3) ٻار جي سائنس واري استاد کي بہ آگاھہ ڪجي تہ ٻار دم جو مريض آهي کيس گيسن جي تجربي خاص ڪري سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ تيزابن جي بوءِ کان پري رکجي.
(4) دم جي مريض (خاص ڪري دائمي دم جي مريض) ۽ ٻارن کي ڳُتيل روڊن تي وڃڻ کان پاسو ڪرائجي جتي گاڏين، بسن ۽ موٽرن جي پيھہ هجي، انهن مان نڪرندڙ دونهين ۾ ڪاربان ۽ نائيٽروجن گيسون ٻئي دم جي مريض لاءِ هر حال ۾ نقصانڪار آهن.
(5) عارضي توڙي دائمي دم جي مريض ٻارن کي جيڪڏهن ڪن ڪپڙن پائڻ، ڪپڙي جي رنگ، گهر ۾ وڇايل قالين يا ڪمبل اوڍڻ الرجي ٿئي ۽ دم ٿيڻ جو سبب بڻجي تہ ٻار کي اهڙا ڪپڙا پائڻ نہ ڏجن، نہ وري ڪمبل مٿان اوڍرائجي ۽ گهر مان قالين ڪڍي ڇڏجي ۽ روز پوچو لڳرائجي.
(6) ٻار کي هر انهيءَ سبب، خاص ڪري ڪرت وارن سببن کان پاسو ڪرائجي جيڪي هر حال ۾ دم ٿيڻ جا ڪارڻ بڻجن ٿا.
(7) دائمي دم جي مريض ٻار کي سائيڪل هلائڻ نہ ڏجي، جيڪا ڦڦڙن لاءِ هاڃو رسائيندڙ آهي.
(8) دائمي دم جي مريض ٻارَ کي موسم جي حساب سان تن تي ڪپڙو اوڍرائجي
(9) جيڪڏهن گهر ۾ ڪو بہ اهڙو ٻارُ آهي جنهن کي دم آهي تہ ان جي ڪمري ۾ روم اسپري، مڇر مار اسپري نہ هڻجي نہ وري ڪوائل ٻارجي. مڇر گهڻا هجن تہ مڇر داني ڪتب آڻجي.
(10) دم جو مريض ٻارُ جيڪڏهن سمجهدار هجي تہ ان کي سمجهائجي تہ ڪوشش ڪري نڪ مان ساھہ کڻي.
(ٽ) رک/ڪِري ((PREVENTIVE DIET:
(1) دم جي مريض (ٻارَ) کي ديڳ جو ڀت، چانور، وڏو گوشت، سڻڀ، تريل شيون ڌؤنرو، کٽاڻ ۽ کٽيون شيون نہ کارائجن، ڏڌ نہ پيارجي.
(2) ڳائو کير دم جي مريض کي دم دوران يا عام ڏينهن ۾ بہ نہ پيارجي ڳائو کير دم ڪندو بہ آهي ۽ دم جي بيماريءَ کي وڌائيندو بہ آهي.
(3) ٿڃ پياڪ ٻارَ کي ٿڃ ڏيڻ گهرجي، انهيءَ ۾ ڪو بہ نقصان ڪونهي.
(4) خشڪ سُڪل ميوو، خاص ڪري مڱيرا (بوهي مڱ) نيزا، کاڄا، اکروٽ ۽ بادام نہ کارائجن.
(5) ڪولڊ ڊرنڪ، جنهن ۾ سٽريٽ ۽ ڪاربان گئس هجي ۽ برف جو ٿڌو پاڻي نہ پيارجي.