دل تنهنجي منهنجي هڪ آ

دل تنهنجي منهنجي هڪ آ

دل تنھنجي منهنجي هڪ آ

دل تنھنجي منهنجي هڪ آ (ڪتاب): هن ڪتاب ۾ صوفياڻو ۽ روحاني ڪلام ۽ ڏوهيڙا شامل آهن، جنهن جي چونڊ آنند جي. مولچنداڻي ڪئي آهي. هن چونڊ ڪلام ۾ آئل، احسن، استاد بخاري، تاجل بيوس، بيڪس، پريتم، پهلاج، جيوت سنگهہ، جانڻ، دکايل، رام پنجواڻي، سليمان، سچل سرمست، شاھہ لطيف، نارائڻ شيام، ضيا پرسرام، طالب الموليٰ، عالم خان، ڪوجهي، ڪمل پياسي، لڇمڻ ڪومل، پرڀو وفا، خانڻ ۽ ٻين جا ڪلام ڏنا ويا آهن، جن ۾ خاصو حصو ماسٽر چندر جي ڳايل ڪلامن جو آهي. 100 صفحن جي ڊيمي سائيز جي ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي ۽ هي ڪتاب آنند جي. مولچنداڻيءَ، نئين دهليءَ مان آگسٽ 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو