دليپ ڪمار ڪوهستاني

دليپ ڪمار ڪوهستاني

دليپ ڪمار ڪوهستاني

دليپ ڪمار ڪوهستاني: نامور اداڪار دليپ ڪمار ڪوهستاني 8 فيبروري 1985ع تي ٿاڻي بولا خان جي منگلاڻي خاندان ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ٿاڻي بولا خان مان، مئٽرڪ اڏيرو لال هاءِ اسڪول مان ۽ بي.اي مٽياري ڪاليج مان پاس ڪيائين. دليپ ڪمار کي ننڍي هوندي کان ئي اداڪاريءَ جو شوق هو، جڏهن سنڌي چينل سنڌ ٽي.وي شروع ٿيو، تڏهن کيس مزاحيہ ڊرامي ’هر فن مولا‘ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن جو ڊائريڪٽر عبدالله ملاح هو. ان کانپوءِ مختلف ڊرامن ۾ ننڍا ننڍا ڪردار ڪندو رهيو. 2008ع ۾ سنڌ ٽي.وي سيريل ’وڪاڻل جذبا‘ ۾ سائيڊ هيرو جو ڪردار ڪيائين، جنهن جو ڊائريڪٽر، عقيل قريشي هو. 2008ع ۾ سنڌ ٽي.وي تي کيس ڊائريڪشن جو موقعو مليو، جنهن بعد هن معشوق کوکر جي ڪلام تي ماڊلنگ ۽ ڊائريڪشن ڪئي، جنهن ۾ کيس ڀرپور موٽ ملي. ان بعد 2008ع ۾ عابد نويد 14 آگسٽ جي لانگ پلي ۾ کيس کنيو، هن ان ڊرامي تي ڌيان ڏيندي وڏي محنت ڪئي ۽ پنهنجون ڀرپور صلاحيتون ڪتب آندائين. ان بعد ’هٽ پري‘ ڊرامي ۾ پڻ اداڪاري ڪيائين، جنهن جو ڊائريڪٽر منظور دانش هو. 2009ع-2010ع ۾ ذاتي مصروفيتن سبب ميڊياکي الوداع چيائين، پر وري 2011ع ۾ سينئر اداڪار رفيق عيساڻي ڌرتي ٽي.وي تي هلندڙ سيريل ’مافيا‘ ۾ کيس ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو، مهراڻ ٽي.وي جي سونگ ڊائريڪٽر مرتضى مجبور بہ پنھنجي ڊائريڪشن ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو. ان بعد مهراڻ ٽي.وي جي ڊائريڪٽر سلطان ساند پنھنجي فلم ’رت جا رشتا‘ ۾ مين هيرو جو ڪردار ڏنو، جنهن کيس شھرت ڏياري. ان بعد هن ادل گبول جي ڊرامن، ’ويساھہ‘، ’36 ڪلاڪ‘ ۽ امر جليل جي لکيل ڊرامي ’معاوضو‘ ۽ حيات علي شاھہ بخاريءَ جي لکيل سولو پلي ’سوري سڏ ٿيو‘ ۽ ادل گبول جي ’فائيو ڊيز‘ ۾ بہ ڪم ڪري مڃتا ماڻي آهي. دليپ ڪوهستاني هن وقت مهراڻ ٽي.وي تي هلندڙ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ سان گڏ ڊائريڪشن بہ ڪري رهيو آهي. کيس بھترين اداڪار طور مشتاق چنگيزي اوارڊ بہ ملي چڪو آهي، جيڪو بيسٽ سانگ، ماڊلنگ ۽ ڊائريڪشن تي ڏنو ويو هو، جنهن جو فنڪار شمن علي ميرالي ۽ ڪلام جا ٻول ’ڏکن جا پهاڙ‘ هئا.


لفظ دليپ ڪمار ڪوهستانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1985.02.08  عيسوي

نامور اداڪار دليپ ڪمار ڪوهستاني 8 فيبروري 1985ع تي ٿاڻي بولا خان جي منگلاڻي خاندان ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊيو نور احمد
خلجي رڪن الدين ابراهيم قدر خان
جوش مليح آبادي
توخته بيگ
رونجهو اميربخش
سنگهار علي گڻسار
شھاب الدين خواجہ
آنند
مريم مختيار شيخ
سوڀو گيانچنداڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون