
درگاهه نبي شاه بخاري
درگاھہ نبي شاه بخاري: سيد نبي شاھہ بخاري، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر جي هڪ مشھور درگاھہ آهي، جيڪا پني عاقل قومي شاهراه جي اتر طرف (حسين ڪلوڙ روڊ سان) ڇھن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ۽ ڪوٽ بلا (لڳ بچاءَ بند نبي شاھہ اسٽاپ) کان اتر- اولھہ ڪنڊ تي ٽن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ۽ ڳوٺ دادلوءِ کان اولھہ طرف چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي بچاءَ بند جي لڳو لڳ، ديھہ ٻڍ، يونين ڪائونسل سڌوجا ۾ واقع آهي. هن درگاھہ جو سنڀاليندڙ سيد مراد شاھہ ولد سيد ارباب شاھہ بخاري آهي. درگاھہ لعلڻ سائين بخاري بن سيد جهنگل شاھہ مست بخاري (ڳوٺ حاجي مولودي، تعلقي ۽ ضلعي گوٽڪي) جي درگاھہ وارا سادات ۽ ٻيرڙي (لڳ مومل جي ماڙي گهوٽڪي) جي بخاري سيدن (جن مان مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر، بيباڪ صحافي ۽ مشھور نعت گو شاعر سيد سردار علي شاھہ ’ذاڪر‘ ٿي گذريو آهي) جو نسب بہ هن بزرگ سان ملي ٿو. سيد نبي شاھہ جي اولاد مان ميان محمد شاھہ پنهنجو ڳوٺ درگاھہ لڳ ٻڌايو هو، جيڪو ميان جي ڳوٺ سان اڄ بہ مشھور آهي، جتي سندن حويليون ۽ جايون هيون، پر اڄ کان اٽڪل 100 سال اڳ سيدن اتان نقل مڪاني ڪئي. اهو ڳوٺ اڄ بہ آباد آهي، جتي سومرا ذات جا ماڻهو رهن ٿا. هن قبرستان جي ايراضي اندازاً 10 ايڪڙ ٿيندي. قبرستان جي زمين جي ڪجهہ حصي تي مقامي ماڻهن طرفان والار بہ ڪئي وئي آهي ۽ ڀرسان ٻڍ مائنر جي کوٽائيءَ ۾ بہ قبرستان جي زمين اچي وئي آهي. هن قبرستان ۾ سيد، ڪلوڙ، ڪورائي، بلا، چاچڙ، ڊهيا، سومرا، زنگيجا، شيخ، دائودپوٽا، دايا ۽ سانگي ذاتين جا ماڻهو مدفون آهن. مشھور نعت خوان ۽ عاشق رسول ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم فقير محمد مراد سانگي بہ هت آرامي آهي. روضي جي احاطي ۾ بزرگ جي خاندان جا ماڻهو، جن ۾ بزرگ جو فرزند سيد حبيب شاھہ، سيد محمد شاھہ، سيد مراد شاھہ، سيد ارباب شاھہ، سيد جئندل شاھہ، سيد عطامحمد شاھہ، سيد والي شاھہ ۽ سيد عظيم شاھہ ابدي ننڊ ۾ ستل آهن. درگاھہ تي هر مهيني چند جي ٻارهين تاريخ ملهائي ويندي آهي، جنهن جو انتظام بادل چنو، بھارو فقير ڪورائي ۽ شبير احمد عرف علڻ فقير ڪورائيءَ جي حوالي هوندو آهي، جنهن ۾ صوفياڻو راڳ ويراڳ ٿيندو آهي ۽ ننگر نياز جو بہ بندوبست هوندو آهي. صوفياڻي راڳ جي محفل ۾ ٻاهرين فنڪارن سان گڏ درگاھہ جا راڳي فقير غلام الرسول عرف سبحان ﷲ فقير ڪورائي ۽ فنڪار محمد امين ڪورائي پنھنجي سُنگ سان چوڪي ڏيندا آهن.