دريانو مل

دريانو مل

دريانو مل

دريانو مل: مشھور سماج سڌارڪ شخص دريانومل مل ماتلي، ضلعي بدين جو رهاڪو هو. سندس وڏا ٿاڻي بولا خان جا رهاڪو هئا، جتان لڏي ٽنڊي غلام حيدر ۽ پوءِ ماتليءَ ۾ اچي آباد ٿيا. ڪاڪو دريانو مل هڪ صوفي ۽ فقير منش هو. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪڙيي گهنور کان ڪئي، جتي هو اُن وقت آيو، جڏهن کيس اڃا مڇن جي ساوڪ هئي. هو ڪڙيي گنهور ۾ ٻن ڪپڙن ۾ آيو ۽ هن پنھنجي ڪاروبار جي شروعات هڪ ننڍي مزدور جي حيثيت ۾ ڪئي، مزدوريءَ مان پئسا گڏ ڪري ڪڙيي گنهور ۾ ذاتي ننڍي ڪاروبار جي شروعات ڪيائين. ان زماني ۾ ٽنڊي غلام حيدر ۽ تلهار جي وچ واري علائقي متاري بس اسٽاپ جي مين روڊ کان ڪڙيي گنهور تائين ڪچو رستو هو، جتان رڳو بيل گاڏيون هلي سگهنديون هيون. دريانو مل ڦوھہ جوانيءَ ۾ پنھنجي ننڍڙي دڪان جي مال جي خريداريءَ لاءِ ڪڙئي گنهور کان متاري بس اسٽاپ تان پيدل نڪرندو هو. ڪڙيي گنهور ۾ ڪاروباري ترقيءَ کان پوءِ درياني مل ماتليءَ ۾ ٽنڊي غلام علي روڊ تي ’آزاد رائيس مل‘ نالي ننڍڙو ڪارخانو قائم ڪري، ايمانداريءَ ۽ محنت سان هلايو، جنهن کان پوءِ هو ’سيٺ دريانو مل‘ سڏجڻ لڳو. سندس ڪاوبار کي اڃا جوڀن مس حاصل ٿيو تہ ذوالفقار علي ڀُٽي طرفان ملڪ جي سمورن ڪارخانن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ واري عمل هيٺ سيٺ درياني مل جو ڪارخانو بہ قومي تحويل ۾ ورتو ويو. سندس بئنڪ اڪائونٽ منجمند (seize) ڪيا ويا. نتيجي طور سيٺ درياني مل جو ڪاروبار ڌڪجي ويو ۽ کيس ٻيهر محنت ڪرڻي پئي ۽ ٿوري عرصي اندر پنھنجي ايمانداريءَ ۽ سچن دوستن جي حلقي جي مدد سان ٻيهر پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سيٺ درياني مل ڪاروباري دنيا ۾ هميشہ سياست کان پاسيرو رهيو. هو ڪاروبار ۾ ناجائز نفعي کي پسند نہ ڪندو هو. هن ڪاروباري دنيا ۾ ايمانداريءَ سان هڪ مثال قائم ڪري ورتو. هو ننڍڙي واپاريءَ سان اڳتي هلي سٺو زميندار، پيٽرول پمپن ۽ سي. اين. جي اسٽيشنن جو مالڪ بڻيو.
ڪڙيي گنهور ۾ رهائش دوران درياني مل جي شھيد فاضل راهوءَ سميت ڪيترن ئي اهلِ علم ماڻهن سان دوستي ٿي. ڪاڪو دريانو مل خود ٿورو پڙهيل هو، پر وڏي ڄاڻ رکندو هو. سٺن ماڻهن جي ڪچهرين ۾ ويهي انگريزي بہ سکي ورتائين ۽ ڪچهرين ۾ ضرورت مطابق قرآن پاڪ جا بہ حوالا ڏيندو هو. ڪاڪي درياني مل جو ظاهري واسطو هندو مذهب سان هو، پر هن ڪيترا مسلمان حج تي روانا ڪيا ۽ سندن خرچ پکو پاڻ ڀريو.
ڪاڪو دريانو مل انتهائي سخي ۽ هٿ جو کليل هو. پنھنجي خرچ تي ڪيترين غريب نياڻين جون شاديون ۽ ڪيترن ئي بيمارن جو علاج ڪرايائين، ڪيترين بيواهن جي گهرن جي چلھہ بہ ڪاڪي جي ڪري ئي ٻرندي هئي. ڪاڪي درياني مل ڪيترن مندرن ۽ مسجدن لاءِ چندا ڏنا ۽ انهن جون مرمتون ڪرايون. دوستيءَ ۾ نهايت مخلص هو. سندس هڪ دوست، ٽنڊي محمد خان جي رهواسي، عبدالعزيز خواجہ کيس پنهنجو تازو ڄاول پٽ گود ڏنو، جنهن سان سيٺ درياني مل کي پٽ جي اولاد نہ هئڻ جي ڪميءَ وارو احساس پورو ٿيو. ان ننڍڙي ٻار کي گهر ۾ رهائي پڙهايو، جيڪو اڳتي هلي سنڌ جو نامور فرض شناس پوليس آفيسر اي. ڊي خواجہ بڻيو. اها ڪاڪي جي پالنا ئي هئي، جيڪا هن ايماندار پوليس آفيسر ۾ اڄ بہ نظر اچي ٿي.
ڪاڪي درياني مل پنھنجي ملڪيت جو هڪ حصو پنھنجي زندگيءَ ۾ اي. ڊي. خواجہ جي نالي ڪيو ۽ ٻيو حصو پنهنجن حقيقي وارثن ڀائرن ۽ ڀائٽين کي ڪيترا سال اڳ ئي ڏئي ڇڏيو. آزاد ڪشمير ۾ زلزلو هجي يا سنڌ ۾ ٻوڏ، سيٺ درياني مل متاثرن جي دل کولي مدد ڪئي.
ڪاڪي درياني مل 2011ع جي سنڌ جي مھا برسات جي متاثرن جي تمام گهڻي مدد ڪئي، جن ماڻهن جا گهر لڙهي ويا هئا، تن جي وڏي مالي مدد ڪيائين.
هن ڪوهستان ڄائي ۽ فقير صفت انسان، ڪاڪي درياني مل، 9 ڊسمبر 2011ع تي لاڏاڻو ڪيو.


لفظ دريانو ملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2011.12.09  عيسوي

هن ڪوهستان ڄائي ۽ فقير صفت انسان، ڪاڪي درياني مل، 9 ڊسمبر 2011ع تي لاڏاڻو ڪيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صوفي ساجد سرشاري
ٽھل ايسرداس ڪيسواڻي
جلال فقير ٽالپر
جمالي حاجي محمد بخش
اختر جهوناڳڙهي
جوکيو محمد الياس
دلشاد مرزا
ڄيٺاسنگهہ
پير پٺو
ٿامس ايڊيسن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون