حڪايات خلفاءِ راشدين

حڪايات خلفاءِ راشدين (ڪتاب): چئن خليفن سڳورن بابت حڪايتن تي ٻَڌل هن ڪتاب جو ليکڪ عبدالرحمٰن جتوئي آهي. هي ڪتاب 1998ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽي، شڪارپور پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڪتاب جو مقدمو مشھور عالم ۽ اديب محمد ادريس سومري سنڌيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي چئن يارن ۽ صحابين سڳورن جي باري ۾ قيمتي معلومات ڏني وئي آهي. غلام مصطفيٰ مشتاق بہ ڪتاب تي راءِ جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪتاب جو پيش لفظ عبدالجبار ’عبد‘ جو لکيل آهي. ڪتاب کي چئن بابن: (1) ’حڪاياتِ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه، (2) ’حڪايات حضرت عمر فاروق رضي الله عنه‘، (3) ’حڪاياتِ حضرت عثمان غني رضي الله عنه‘ ۽ (4) ’حڪايات حضرت علي رضي الله عنه‘ ۾ ورهايو ويو آهي. ٽن رنگن جي ٽائٽل ۽ پڪي جلد جي 230 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 60 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو