
حسين بخش سخيراڻي
حسين بخش سخيراڻي: حسين بخش ولد ڪانڊيرو خان منصور سخيراڻي 25 اپريل 1963ع تي محلي شاھہ آباد ڇاڻي دادوءَ ۾ ڄائو. پنجون درجو پرائمري اسڪول شاھہ آباد ڇاڻي مان پاس ڪري پائلٽ هاءِ اسڪول دادو ۾ داخل ٿيو. مئٽرڪ پاس ڪري سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين. اتان بي.ڪام پاس ڪري پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. حسين بخش سخيراڻي راڳ جي سکيا پنھنجي والد ڪانڊيري خان کان حاصل ڪئي، جيڪو راڳ جو ماهر آهي. هن سنڌ جي مشھور شاعرن شيخ اياز، عبدالغفار تبسم، علي گل سانگي، انور قنبراڻي، درد سولنگي، ڊاڪٽر رخسانه پريت چنڙ جا گيت ڳايا آهن. ان کان علاوہ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ بيدل سميت ٻين شاعرن جا ڪلام پڻ ڳايا آهن. هن گيت ۽ غزل کان علاوہ نيم ڪلاسيڪي موسيقي ۾ بہ ڳايو آهي. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان بہ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. سنڌي ادبي سنگت دادوءَ جو ميمبر بہ آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي پروگرامن ۾ حصو وٺندو اچي ٿو.
1963.04.25 عيسوي
حسين بخش ولد ڪانڊيرو خان منصور سخيراڻي 25 اپريل 1963ع تي محلي شاهه آباد ڇاڻي دادوءَ ۾ ڄائو.