جميل احمد ميمڻ

جميل احمد ميمڻ

جميل احمد ميمڻ

جميل احمد ميمڻ: مشھور صحافي ۽ ڪالم نگار جميل احمد ولد عبدالله ميمڻ، 18 جولاءِ 1968ع تي بلڙي شاھہ ڪريم ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم بلڙي شاھہ ڪريم مان، مئٽرڪ، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺٽي مان، بي.اي ۽ ايم.اي 1989ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان حاصل ڪيائين. ان دوران مهراڻ يونيورسٽيءَ مان ڪمپيوٽر جو ڪورس پڻ ڪيائين. جميل احمد کي علمي ادبي ماحول سندس والد کان مليو. هي 1990ع ۾ عوامي آواز اخبار ۾ پنھنجي علائقي جو رپورٽر مقرر ٿيو. ان دوران سچ لکڻ سبب ڪيتريون عقوبتون پڻ سٺائين. تر جي وڏيرن پاران ڪيترائي ڀيرا مٿس ڪوڙا ڪيس ٿيا ۽ جيل ويو. سنڌ جي تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر سيد غلام مصطفى شاھہ کيس ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي آف پاڪستان جو نگران مقرر ڪيو. جميل احمد ڪيترو وقت جاڳو اخبار ۾ صحافت پڻ ڪئي ۽ فقير محمد لاشاريءَ جي اسرار تي ڪيترائي ڪالم پڻ لکيائين. هي هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جو بنيادي ميمبر پڻ رهيو آهي. ان دوران هن ڪيترن ئي نامور شخصيتن جسٽس دراب پٽيل، شڪيل پٺاڻ، عاصمه جھانگير سان گڏ انساني حقن لاءِ جاکوڙيو. هيءُ هن وقت روزاني عبرت اخبار سان واڳيل آهي ۽ ٺٽي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.07.18  عيسوي

مشهور صحافي ۽ ڪالم نگار جميل احمد ولد عبدالله ميمڻ، 18 جولاءِ 1968ع تي بلڙي شاهه ڪريم ۾ پيدا ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اشرف جروار
طارق عزيز شيخ
ڪريم بخش خالد
غلام حسين منگي
غلام حسين لغاري
اسلم خواجا
فقير محمد لاشاري
آصف جيلاني
جاويد ڀٽي
الياس شاڪر
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون