جمشيد نسروانجي ميـهتا

جمشيد نسروانجي ميـهتا

جمشيد نسروانجي ميهتا

جمشيد نسروانجي ميـهتا: ناليوارو سياستدان، سماجي خدمتگار، جمشيد نسروانجي ميهتا، 7 جنوري 1886ع تي پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو خانبهادر نسروانجي ميهتا هو، جنهن پنھنجي محنت، محبت، ڪفايت شعاري ۽ ڪاروباري لياقتن سان وڏي ملڪيت جمع ڪئي. جمشيد نسروانجيءَ جي والدہ جو نالو گل ٻائي هو، جيڪا پڻ خدا ترس عورت هئي. جمشيد نسروانجي شاهوڪار هجڻ باوجود سادي حياتي گذاري. سڄي زندگي شادي نہ ڪيائين. ٻيڙي، شراب، گوشت، مڇي وغيرہ کان پري رهيو. ڀاڄين، دالين، ميوي ۽ کير تي گذر ڪندو هو. سڄي زندگي ڪاٺ جي صندل تي چادر وڇائي ستو. هيءُ اعليٰ درجي جو ڪم يوگي هو. هر روز صبح جو چئين وڳي اٿي غسل ڪري عبادت بعد ڪتاب پڙهندو هو. ان کان پوءِ فجر مھل ٻاهر جي ڪاروبار لاءِ تيار ٿي ويندو هو. چانھہ پيئڻ تائين ڪيترائي ماڻهو وٽس ملاقات لاءِ ايندا هئا، جن ۾ ڪي بيواھہ عورتون، ڪي مسڪين، ڪي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل ماڻهو هوندا هئا. اٺين وڳي ڌاري ڪمن ڪارين سان نڪري ويندو هو. گهٽ ۾ گهٽ ٽيهن کان پنجاھہ تائين مختلف ادارن ۽ مختلف ڪمن ۾ روزانو حصو وٺندو هو، جن جو شمار ڪرڻ مشڪل هو، پر هر ڪم ۾ وقت جي پابندي سان شريڪ ٿيندو هو. سندس مکيہ مشغلا پنج هوندا هئا. (1) ڪتابن جو مطالعو ۽ غور فڪر، (2) شخصي ڪاروبار ۽ ڪارخانن جي سنڀال، (3) ڪراچي ميونسپالٽي، بئنڪن ۽ ٻين اڪيچار ادارن جي مشغولي، (4) ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ حلقي ۽ ٻين دوستن سان ملاقاتون، (5) خدمت خلق. ڪراچيءَ جو ڪو بہ ادارو، جاءِ، شخص، پاڙو سندس لطف جي نظر کان محروم نہ هوندو هو. ڪٿي باھہ لڳي، ڪو حادثو ٿيو، ڪنهن دوست يا غريب جي بيماري ڏک ۽ تڪليف جو احوال ٻڌائين تہ جمشيد هڪدم اتي پهچي ويندو هو. هي هڪ بلند اخلاق، سادي مزاج وارو، صبر جو ڀنڊار، مذهب ۽ قوم جو فرق رکڻ سواءِ انسان ذات جي ڀلائي چاهيندڙ هو. هو سچو سياستدان، ماليات جو ماهر، سماجي ڪارڪن، مدبر ۽ ڪرم يوگي هجڻ جي باوجود تارڪ دنيا ساڌو هو.
جمشيد نسروانجي ميهتا سياست جي شروعات 1913ع ۾ ڪئي. جڏهن ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو اٺاويهون اجلاس ڪٺو ٿيو هو. 1919ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر ايني بيسنت ’هوم رول ليگ‘ ٺاهي، تڏهن هي ان ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ ڪراچي شھر جو صدر بہ چونڊيو ويو. 1915ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ٿيو. غلام علي چاڳلا جي صدارت تان استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ هيءُ صدر چونڊجي ويو ۽ 1933ع تائين ان عهدي تي رهيو. هن ڪراچي شھر جي سڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ وسان نہ گهٽايو. 1933ع ۾ ڪراچي ميونسپل ائڪٽ جي درستيءَ لاءِ هن کي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي نامزد ڪيو ويو، جنهن مطابق ڪراچي ڪارپوريشن قائم ٿي، کيس ان جو پهريون ميئر چونڊيو ويو. 1933ع ۾ ميونسپالٽيءَ کان رٽائر ڪيائين. سنڌ جي ممبئيءَ کان آزاديءَ واري تحريڪ ۾ هن هر طرح جي ڪوشش ورتي. سنڌ جي ممبئيءَ کان جدا ٿيڻ بعد 1937ع ۾ دادو ضلعي مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ آزاد ميمبر ٿي رهيو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ پيرسنيءَ ۾ بہ هر سماجي ڀلائيءَ جي ڪم لاءِ حڪومت سان تعاون ڪندو هو ۽ حڪومت بہ سندس ڪمن ۽ خدمتن مان فائدو حاصل ڪندي هئي. هيءُ پهرين آگسٽ 1952ع تي وفات ڪري ويو .


لفظ جمشيد نسروانجي ميهتاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1886.01.07  عيسوي

، جمشيد نسروانجي ميهتا ، 7 جنوري 1886ع تي پيدا ٿيو .


1952.08.01  عيسوي

جمشيد نسروانجي پهرين آگسٽ 1952ع تي وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسد ڪورائي
مائي ڀاڳي
بھاءُ الدين بھائي
خانبهادر خير محمد چانڊيو
بصرالدين سيوهاڻي حڪيم
دهلوي شاھہ غلام محمد
جتوئي وحيد
دادا ڀائي ڦالڪي
غلام حيدر صديقي
صورت سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون