جلترنگ

جلترنگ (ساز ):22 چينيءَ جا پيالا، جيڪي ترتيبوار ننڍا وڏا ٿين ٿا،تن کي ضرورت آهر پاڻيءَ سان ڀري وڄائبو آهي. چينيءَ جي پيالن کان اڳ ۾ ڪنجهي، ٽامي يا پتل جا پيالا ڪم آڻبا هئا، هڪڙا مندر استان وارا پيالا (جيڪي هيٺيان سُر ڏين) ڪجهہ وڏا ٿيندا آهن ۽ ٻيا تال استان وارا (پيالا جيڪي مٿيان سر ڏين) ترتيب سان پيالا ننڍا ٿين ٿا. پيالن کي گول دائري ۾ ڪي قدر ساڄي کان ننڍا کاٻي وڏا رکبا آهن. پيالن ۾ پاڻي وجهي، اڍائي سبتڪن جا سر وٺبا آهن. (12+ 12+ 4) يعني سا- سا- ري- ري- گا- گا- ما- ما- پا- ڌا – ڌا – ني- ني – الخ ٻيو سبتڪ. ان بعد ٻہ ڏونڪا کڻي پيالن جي ڪنارن تي ضرب هڻي گهربل سر وٺبو ۽ مسلسل ٻنهي هٿن سان وڄائڻ ڪري هڪ آوازي صورت ٺهندي. هن ۾جلترنگ جي وڄت لاءِ 16 پيالن ۾ پاڻي وجهبو آهي. ڇھن پيالن کي يا تہ خالي ڇڏبو يا انهن ۾ ڪجهہ ڳريون هلڪيون شيون مثلاً پارو شربت وغيرہ وجهبو آهي.


هنن پيالن جا سر وٺڻ تمام ڏکيو عمل آهي. هاڻي تہ ننڍڙيون پياليون ٽامي، پتل جون نڪري پيون آهن، جيڪي ازخود ڪنهن نہ ڪنهن سر تي ٻڌل آهن ۽ وڄائڻ ۾ سوليون آهن، نہ تہ جلترنگ وڄائڻ محنت ۽ قابليت وارو ڪم هو. هندستان ۾ هن جي وڄائڻ جي ماهر خاتون ڊاڪٽر تري ديوي مسرا مشھور آهي. هي ساز سترهين صديءَ ۾ بال پنڊت، سنگيت پاريجات ۾ متعارف ڪرايو هو.





لفظ جلترنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1600.00.00  عيسوي

جلترنگ، هي ساز سترهين صديءَ ۾ بال پنڊت ، سنگيت پاريجات ۾ متعارف ڪرايو هو .



ساز - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تانپورو ڪلاسيڪي ساز
ڪڙا
ڀورڙو2
دلربا طائوس
بانسري/ بانسلي/ بئنسري
الغوزو
سرود
دنبورو
چَڙو
اسراج
ساز ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون