ڀورڙو2

ڀورڙو2: هي هڪ قسم جو واڄو يا چڙيءَ جو قسم آهي. جنھن کي مالوند ماڻهو پنھنجي شوق ۽ سھنج خاطر گهڻو ڪري ٻڪرين جي ڳچيءَ ۾ ٻڌندا آهن. ڀورڙو لوهه جي سنھي پٽ جو ٺھيل، اندران پورو ۽ هيٺان کليل هوندو آهي. ڊيگهه ۾ قطر کان ٿورو وڌيڪ هوندو آهي، قطر ۾ عام طور هڪ کان ڏيڍ انچ جو ٿيندو آهي. ڀورڙي کي اندران مٿئين پاسي هڪ ڪُنڊي ريھيل هوندي آهي، جنھن ۾ ٻه لارون، هڪ ننڍي ۽ ٻي وڏي جا اٽڪل ٻن کان اڍائي انچن جيتري ٿئي. جيڪي گهڻو ڪري لوهه جي تار يا ٽُڪر، ڪنڊيءَ جي وڻ جي پاڙ يا ورلي هڏي مان ٺھيل هونديون آهن. اُهي لارون آزاد لڙڪنديون رهنديون آهن، جيڪي پھروءَ جي هلڻ وقت ڀورڙي جي پاسن سان لڳي، ’ٽن ٽن‘ جھڙو آواز ڪنديون آهن. ڀورڙي جي ٻاهران چوٽيءَ تي هڪ ڪنڊي ريھيل هوندي آهي، جنھن جي سوراخ مان ڳاني يا مينڌ (ماهينڊ) گذاري پھروءَ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌو ويندو آهي. هي هڪ سينگار ۽ ٻيو چتاءُ جو ڪم ڏئي ٿو، جنھن سان ڌنار کي سندس ڌڻ جي موجودگي ۽ فاصلي بابت ڄاڻ پوي ٿي. هن قسم جي ننڍن وڏن وناڻن ٺاهڻ جو ڪم گهڻو ڪري سنڌ ۾ لوهار ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو