جتوئي مولوي نذير حسين جلالي

جتوئي، مولوي نذير حسين ’جلالي ‘:سندس پورو نالو نذير حسين جتوئي ولد مولوي خادم حسين جتوئي ۽ تخلص ’جلالي‘ هو. هن جولاءِ 1903ع ۾ شاهپور ۾ جنم ورتو. شروع ۾ ديني تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين. والد جي وفات کان پوءِ گهوٽڪي جي مولانا اميد علي ۽ وڏا وڳڻ لاڙڪاڻي جي مولوي محمد عظيم کان تعليم حاصل ڪري رتيديري ۾ دستار ٻڌائين. 1919ع ۾ جــڏهـن پيـر تـراب علـي راشــدي ۽ بئريسٽر جان محمد جوڻيجي جي ڪوشش سان لاڙڪاڻي ۾ ٽن ڏينهن واري خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي ته 16 سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد سان گڏجي هن تحريڪ ۾ حصو وٺي عملي سياست ۾ قدم رکيائين. ان وچ ۾ رتيديري ميونسپالٽي جي اليڪشن ۾ ڪائونسلر به چونڊيو. پهرين سياسي پارٽيانڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس‘ ۾ باقاعدگي سان شامل ٿيو. پنهنجي عملي سرگرمين سان ٿورن ئي ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ڪانگريس جي اهم اڳواڻن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. 1938ع ۾ جڏهن انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جو صدر سڀاش چندر بوس لاڙڪاڻي جي دوري تي آيو ته هن مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي قيادت ۾ وفد وٺي ساڻس ڏيڍ ڪلاڪ تائين ڪانگريس جي پاليسي ۽ پروگرام بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
مولانا صاحب هاري ڪاميٽي سنڌ جي بنيادي اڳواڻن مان هڪ ۽ ڪامريڊ عبدالقادر، ميوي خان کوکر جي تمام ويجهن ساٿين مان هو. 1930ع ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي پاران هارين جي حقن لاءِ جدوجهد شروع ٿي ته ان وقت مولوي صاحب لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ جي محاذ تان پارٽي ۽ تحريڪ جي سرواڻي ڪئي.
هاري پارٽيءَ پاران 5 جنوري 1948ع تي هلايل اڌو اڌ بٽئي تحريڪ ۾ به مولوي صاحب يادگار ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو، نتيجي ۾ کيس جيل به موڪليو ويو. قيد ۾ پاڻ ’جلالي‘ تخلص سان انقلابي شاعريءَ جو آغاز ڪيائين. سندس شاعريءَ ۾ باغياڻو خيال ۽ انداز موجود آهي. هن ڳاڙهي جهنڊي ۽ سرخ انقلاب جو پيغام ڏنو آهي، گهڻو ڪري سندس شاعري هارين جي حقن لاءِ، ويڪو سياسي وڏيرن، راشي ڪامورن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن تي تلوار جهڙي تيز تنقيد سان ڀرپور آهي.
مولوي نذير عالم، فاضل هوندي به سڄي عمر ترقي پسند، سوشلسٽ تنظيمن ۽ تحريڪن سان لاڳاپيل رهيو. هيءُ پڪو ڪميونسٽ هو، 71 سال جي ڄمار ۾ 23 مئي 1974ع تي وفات ڪري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1903.07.00  عيسوي

مولوي نذير حسين جولاءِ 1903ع ۾ شاهپور ۾ جنم ورتو .


1974.05.23  عيسوي

مولوي نذير 71 سال جي ڄمار ۾ 23 مئي 1974ع تي وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رفيق سومرو
قيصر خان چانڊيو
پرمل ديوي ۽ سوريه ديوي
بيبي رابعه بصري
ڄام گل محمد خان سهتو
ديندار خان بخاري
قربان جيلاني
اَمانت گل
شاهه پور اعظم
عبدالرحيم مگسي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون