جتوئي مسرور احمد خان

جتوئي مسرور احمد خان

جتوئي مسرور احمد خان

جتوئي، مسرور احمد خان: مسرور احمد خان جتوئي، رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جو ٻيو نمبر فرزند آهي. هو 7 سيپٽمبر 1961ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو. ابتدائي ۽ سيڪنڊري تعليم حبيب پبلڪ اسڪول ڪراچيءَ مان ڪيائين ۽ انٽرميڊئيٽ سينٽ پيٽرڪس ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ آمريڪا ويو، جتان گريجوئيشن ڪري، بعد ۾ وري سنڌ يونيورسٽيءَ مان پڻ گريجوئيشن ڪيائين. 1987ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر ٿيو، 1990ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو، ساڳئي وقت ايريگيشن اينڊ پاور جو وزير مقرر ڪيو ويو. 1997ع کان 1999ع تائين سنڌ اسيمبلي جو ٻيهر ميمبر چونڊيو ويو. ان عرصي دوران هو سنڌ ڪابينا جو ميمبر رهيو. ضلعي حڪومتن جي قيام کان پوءِ پاڻ ضلعي نوشهروفيروز جو 2001ع کان 2005ع تائين ضلعي ناظم بہ رهيو ۽ ضلعي اندر تعليم، صحت، ڪميونيڪيشن ۽ ٻين سماجي ڪمن ۾ وڏي دلچسپي ورتائين.
مسرور احمد خان جتوئي پي. ايس 23 نوشهروفيروز جي موري شھر واري تڪ تان نيشنل پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان 2008ع ۾ چونڊ کٽي آيو. هن وقت سنڌ اسيمبلي جي فنانس ۽ نوجوانن جي معاملن ۽ راندين وارين اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي. سياست کانسواءِ کيس زراعت سان خاص دلچسپي آهي، هو دنيا جا ڪيترائي ملڪ پڻ گهمي چڪو آهي، هن وقت هو اباڻي ڳوٺ نوان جتوئي ۽ ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.09.07  عيسوي

مسرور احمد خان جتوئي 7 سيپٽمبر 1961ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

برهان فقير
پير احسان ﷲ شاھہ راشدي
بالميڪي/والميڪي
زورآور سنگهہ
شامي سيد احمد خالد
حسن مشتاق انڍڙ
سلطان محمود بيگڙو
شفيق احمد مهيسر ميان
نوشاد احمد شيخ ڊاڪٽر
فاضل بيگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون