جتوئي علي بخش ڊاڪٽر

جتوئي، علي بخش، ڊاڪٽر: ناليوارو سرجن علي بخش ولد نبي بخش جتوئي 10 فيبروري 1934ع تي ڳوٺ ٻيٽي جتوئي، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ سال 1954ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيائين. انٽر سال 1955ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي، حيدرآباد مان ۽ ايم. بي. بي. ايس 63-1962ع ۾ ايل. ايم. سي ڄامشوري مان ڪيائين. بعد ۾ ايل. ايم. سي اسپتال ۾ هائوس جاب ڪري 1964ع ۾ ايف آر. سي. ايس ڪرڻ لاءِ انگلنڊ ويو، جتي هن ‘ايڊن برو‘ جي مشھور ڊاڪٽرن سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ مختلف تجربا ڪيا. ان دوران هن يورالاجيءَ جي شعبي ۾ مهارت حاصل ڪري ورتي، خاص طور تي پراسسٽيٽ ۾ ڪامياب آپريشن ڪرڻ ۾ پاڻ مڃايائين. اهڙيءَ طرح هن سنڌ ۾ پهريون ڀيرو پراسسٽيٽ جا ڪامياب آپريشن ڪيا. پڙهائيءَ دوران غير نصابي سرگرمين ۾ بہ خوب حصو ورتائين ۽ راندين جھڙوڪ: هيمر ٿرو، ترڻ جي مقابلن وغيرہ ۾ انعام بہ حاصل ڪندو رهيو. جڏهن لياقت ميڊيڪل ڪاليج اسپتال حيدرآباد ۾ ’يورالاجيءَ‘ جو شعبو کليو تہ کيس ان جو انچارج مقرر ڪيو ويو. سندس لکيل ڪتابن ۾ ’ڪلينڪل ميٿڊ ان سرجري‘، ’گائيڊٽو ڪينسر پيشنٽس‘ ۽ ’ڪلينيڪل بڪ ان يورولاجي‘ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.02.10  عيسوي

علي بخش جتوئي 10 فيبروري 1934ع تي ڳوٺ ٻيٽي جتوئي ، تعلقي ميهڙ ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جميل اختر
ٽڪا خان
ايم بي انصاري
خضر حيات خان سردار
پئٿاگورس
شاھہ محمد شاھہ1
ثابت بن قيس
ڄام جمالي
امام بخش گهرياڻي
علي نواز علوي مير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون