جتوئي عبدالرحمـٰن

جتوئي عبدالرحمـٰن

جتوئي عبدالرحمٰن

جتوئي، عبدالرحمـٰن: ناميارو ليکڪ ۽ ترجمي نگار عبدالرحمٰن ولد عبدالله جتوئي، 1 نومبر 1946ع تي ڳوٺ شير علي جتوئي، تعلقي خانپور ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم.اي، بي.ايڊ آهي. تعليم کاتي جو رٽائرڊ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. هن تاريخ، سوانح نگاريءَ ۽ ٻاراڻي ادب تي چڱو خاصو ڪم ڪيو آهي. ’عظمت قرآن‘، ’پاڪستان جو ٺهراءُ‘، ’سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ‘، ’فضائل تبليغ‘، ’اخلاقي آکاڻيون‘، ’عقلمند فقير‘ سميت 60 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپيا اٿس.جن مان ڪي سندس طبعزاد ۽ ترجما تہ ڪي ڪتاب ساٿي ليکڪن- ارباب علي ’عادل‘ چوهاڻ، عبدالجبار ’عبد‘، گلزار احمد سومري ۽ ’وفا‘ منظور چوهاڻ سان گڏ ڇپيا اٿس. کيس سنڌي ٻولي اختياريءَ پاران 1992ع ۾ اوارڊ ۽ انعام بہ ڏنو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.11.01  عيسوي

عبدالرحمٰن ولد عبدالله جتوئي ، 1 نومبر 1946ع تي ڳوٺ شير علي جتوئي ، تعلقي خانپور ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد حيدري
شنبو امير
بلاول فقير زرداري
دلشاد بيگم مرزا
محمد عمر مڱريو پروفيسر
قاضي احمدي
شفيع محمد ميان حڪيم
عيسب فقير
سلطان محمد مهردار
ڊاڪٽر ريمنڊ آلچن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون