جان محمد عباسي مولانا

جان محمد عباسي مولانا

جان محمد عباسي مولانا

جان محمد عباسي مولانا: مولانا جان محمد ولد مولانا غلام رسول عباسي، 1 جنوري 1925ع تي ڳوٺ ٻيڙي خان چانڊيي، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ناليوارو عالم ٿي گذريو آهي، جنهن پنھنجي ذهانت، ديانت، علم ۽ عمل سان نہ رڳو پنھنجي علائقي کي متاثر ڪيو پر سنڌ، بلوچستان، ايران ۽ افغانستان تائين پنھنجي علم کي ڦهلايو. هو علائقـي جـو وڏو طبيـب ۽ حڪيم بہ هو. سندس مدرسي جو نالو ’دارالفيوض‘ هو. هن ديني خدمتون سرانجام ڏنيون. مولوي علي محمد ڪاڪيپوٽي علامہ اقبال کي ٽي سال تعليم ڏني هئي.

مولانا جان محمد عباسي پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ ٻيڙي خان چانڊيي مان حاصل ڪئي. فاضل عربيءَ جو امتحان سنڌ يونيورسٽيءَ مان سڄي سنڌ ۾ پهرين پوزيشن سان پاس ڪيائين. درس نظامي جامع مظهرالعلوم ڪوئٽا مان مولانا عبدالعزيز کان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ اسلامي تبليغ سان لاڳاپجي ويو. 1954ع ۾ کيس جماعت اسلامي لاڙڪاڻي جو امير مقرر ڪيو ويو. 1963ع ۾ خيرپور ريجن ۽ حيدرآباد ريجن جو امير رهيو. ون يونٽ جي خاتمي کان پوءِ 1970ع کان 1997ع تائين لڳاتار جماعت اسلامي سنڌ جو امير رهيو. ان تنظيم جو ملڪي سطح تي نائب امير بہ رهيو. سندس شمار جماعت اسلاميءَ جي مکيہ اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو.

هن سياست جي شروعات بلدياتي اليڪشن سان ڪئي ۽ 1960ع کان 1971ع تائين يونين ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن رهيو. 1970ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي پيپلزپارٽيءَ جي اميدوار ممتاز علي ڀٽي ۽ مسلم ليگ جي قاضي فضل ﷲ سان مقابلي ۾ فارم ڀرايائين، پر ڪامياب نہ ٿي سگهيو. 1977ع ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي مقابلي ۾ فارم ڀرائيندڙ هيءُ اڪيلو اميدوار هو، پر ڪامياب نہ ٿي سگهيو.

ڪجهہ عرصو صحافت سان بہ لاڳاپيل رهيو ۽ هڪ سال تائين هفتيوار ’پاڪستان‘ جو ايڊيٽر رهيو. اپريل 1979ع ۾ ايران جي انقلاب جي سرواڻ آيت ﷲ خمينيءَ سان ملاقات ڪيائين. ايران کان سواءِ افغانستان، قطر، بنگلاديش، ڪويت، سعودي عرب، انگلينڊ، ترڪي ۽ آمريڪا جا مختلف وقتن تي دورا ڪيائين.





هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.01.01  عيسوي

جان محمد عباسي مولانا: مولانا جان محمد ولد مولانا غلام رسول عباسي ، 1 جنوري 1925ع تي ڳوٺ ٻيڙي خان چانڊيي ، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثناءُ ﷲ عباسي ڊاڪٽر
پاٽائي شيخ رڪن الدين
عبدالرزاق کهڙو
گوپ ڪمل
غلام سرور عباسي
پيرو کٽي
بھمن
اشرف سمون ڊاڪٽر
ديندار خان بخاري
ابن خلدون
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون