
سنڌ صوبائي ميوزيم جو ٻاهريون ڏيک

محترمه سسئي پيلجو

سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي عمارت
ثقافت کاتو-سنڌ: پاڪستان ۾ ثقافت ۽ سياحت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ سڀ کان پهرين شھيد ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجي پهرئين دور حڪومت ۾ ثقافت جي وفاقي وزارت قائم ڪئي ۽ ملڪ جي وڏي ترقي پسند شاعر مفڪر مرحوم فيض احمد فيض کي هن کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو، جنهن ان وقت پاڪستان جي ثقافت کي دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ لاءِ وڏا قدم کنيا ۽ ان دوران انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ کي ثقافتي سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوشش ورتي وئي. اڳتي هلي 1976ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ”ڪلچرل سيل“ قائم ڪيو ويو، جنهن تحت مختلف ثقافتي پروگرام ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويندا هئا.
ثقافت کاتي سنڌ کي انتظامي اختيار باقائدگي سان 1988ع ۾ مليا ۽ ثقافت جو الڳ کاتو ٺاهي عبدالحميد آخوند کي ان جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جڏهن تہ تعليم ۽ ثقافت جو وزير غوث علي شاھہ هو. آخوند صاحب سيڪريٽري جي حيثيت سان نهايت سرگرم رهيو ۽ ڪيترين ئي نين اسڪيمن تي ڪم شروع ڪيائين. هن ٻين سرگرمين سان گڏ ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز کي پڻ سرگرم ڪيو ۽ ترقياتي ڪمن سان گڏ اشاعتي سلسلي کي هٿي ڏنائين (وڌيڪ ڏسو: ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز).
ان کان پوءِ آهستي آهستي ثقافت کاتي ۾ اشاعتي ڪم، فنڪارن ۽ اديبن جي پرگهور ۽ مڃتا لاءِ بہ قدم کنيا ويا، جڏهن تہ هن وقت ثقافت کاتي سنڌ ۾ 12 لائبريريون، هڪ صوبائي ميوزيم (سنڌ ميوزيم حيدرآباد)، هڪ آرٽس ڪائونسل (ڪراچي ۾)، هڪ اسٽوڊيو (ممتاز مرزا اسٽوڊيو، ڪراچي) ۽ هڪ ڪلچرل سينٽر پڻ قائم ڪيو ويو آهي. جڏهن تہ هاڻوڪي وزير ثقافت محترمہ سسئي پليجو جي ڪوششن سان هر ضلعي ۾ ڪلچرل ڪامپليڪس جوڙڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. وزارت جون سرگرميون هر انهيءَ ضلعي ۾ ٿينديون رهن ٿيون، جتي ثقافت کاتي جون لائبريريون موجود آهن. ان کانسواءِ ٻين انتظامن ۾ هي کاتو سنڌ جي نامور بزرگ صوفين ۽ شاعرن جھڙوڪ: شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، قلندر لال شھباز سميت ٻين درگاهن تي عرس جي موقعي تي شاندار انتظام ڪندو آهي. سرگرمين ۾ ادبي ڪانفرنسون، راڳ رنگ جون محفلون ۽ ميلن تي مختلف ثقافتي اسٽال لڳائڻ بہ شامل آهي، جڏهن تہ ٿر ۾ ”مارئي جو ميلو“ منعقد ڪرايو ويندو آهي. تازو 15 جنوري 2010ع تي سنڌ حڪومت طرفان سياحت کي ثقافت کاتي کان الڳ ڪري، ڌار کاتو بڻايو ويو آهي.
ثقافت کاتي سنڌ پاران تحقيق، ڪلاسيڪي ۽ لوڪ ادب، شاعري، تاريخ ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي بھترين ڪتاب پڻ شايع ڪرايا ويا آهن، جيڪو سلسلو جاري آهي. ثقافت کاتي سنڌ جي سيڪريٽرين ۾: ”آخوند '>عبدالحميد آخوند (11 آگسٽ 1987کان 12 جنوري 1989ع تائين)، مهتاب اڪبر راشدي (31 جنوري 1989ع کان 25 آگسٽ 1991ع تائين)، آخوند '>عبدالحميد آخوند (25 آگسٽ 1991ع کان 8 ڊسمبر 2000ع تائين)، اســـرار احـمــد شيــخ (9 ڊسمبـر 2000ع کـان 11 فيبروري 2001ع تائين)، عاشق حسين ميمڻ (30 مئي 2001 ع کان 16 ڊسمبر 2002ع تائين)، عـبـدالـحمـيـد آخـونـد (17 ڊسـمبـر 2002ع کـان 2 مـئــي 2003ع تائين)، گـُل محـمـد عـُمـراڻـي (14 مـئـي 2003ع کـان 2 ڊسـمبـر 2003ع تـائـيـن)، غـُـلام عــابـد شـيــخ (7 جنوري 2004ع کان 6 آگسٽ 2004ع تائين)، سيد انور حيدر (22 سيپٽمبر 2004ع کان 20 فيبروري 2005ع تائين). مهتاب اڪبر راشدي (21 مئي 2005 کان 11 سيپٽمبر 2006ع تائين)، عبدالقادر منگي (26 سيپٽمبر 2006 کان پهرين آڪٽوبر 2007تائين) ۽ شمس جعفراڻي 2 آڪٽوبر 2007ع کان سيڪريٽري ڪلچر جا فرائض انجام ڏئي رهيو آهي.
هن وقت ثقافت کاتي جي صوبائي وزير محترمہ سسئي پليجو آهي ۽ سيڪريٽري جا فرض شمس جعفراڻي نڀائي رهيو آهي. 2009ع ۾ محترمہ سسئي پليجو جي ڪوششن سان وفاقي حڪومت کان سنڌ ۾ موجود 129 تاريخي ماڳ سنڌ ثقافت کاتي جي ذميوارين ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ثقافت کاتو سنڌ جي اديبن، سگهڙن ۽ فنڪارن جي سهائتا لاءِ فنڊ قائم ڪري کين وظيفا بہ ڏئي ٿو، تنهن کانسواءِ گذاري ويل عالمن، اديبن ۽ فنڪارن جا ڏهاڙا ملهائي کين ڀيٽا ڏني وڃي ٿي. هن کاتي طرفان هر سال اديبن، عالمن، فنڪارن ۽ سگهڙن وغيرہ کي، شاھہ لطيف ايڪسيلنس اوارڊ، جوش مليح آبادي ايوارڊ ۽ شيخ اياز ايوارڊ پڻ ڏنا ويندا آهن. ان کان سواءِ هر سال شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي مختلف شعبن ۾ ڪارڪردگيءَ جي اعتراف ۾ ”لطيف اوارڊ“ بہ ڏنو وڃي ٿو. ثقافت کاتي سنڌ جي مرڪزي آفيس ڪراچيءَ جي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ آهي. جڏهن تہ ثقافت کاتي جي زير انتظام ادارن مان سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد پڻ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ مصروف عمل آهي.