تڳوسر جي ترائي: عمر ڪوٽ ۾ تڳوسر جي ترائي مشھور ترائي آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ اٺ مهينا پاڻي ٽڪي ٿو. هي ترائي نئين ۽ پراڻي ڇور جي وچ ۾ پٿورو کوکراپار ريلوي لائين جي اتر طرف آهي. هن ترائيءَ جي آسپاس تڳوسر جا پراڻا کنڊر آهن، جيڪي دڙن تي مشتمل آهن ۽ وسڪاري ۾ سڪن ۽ عاج کان سواءِ ٻيون ڪافي شيون لڀن ٿيون. هن ترائي جي ڀرسان وقت جي مشھور درويش عيب فقير سميجي جي درگاھہ آهي، جيڪا پڻ هڪ وڏي زيارت گاھہ بڻيل آهي. عيب فقير ولد هنڱورو هڪ سيلاني درويش هو. روايت موجب هڪ دفعي سير ڪندي گهمندي ڦرندي تعلقي عمر ڪوٽ جي هڪ مشھور ٺڪرن جي ڳوٺ سڻوهي وٽ اچي نڪتو ۽ اتي رات رهڻ جو ارادو ڪيائين. شام جو جڏهن هو ڪرو کڻي کوھہ تي پاڻي وٺڻ ويو، جتي اڳيئي هڪ حسين جميل ڇوڪري پاڻي ڀرڻ آئي اتي بيٺل هڪ مرد ماڻهوءَ پهرين فقير صاحب کي ڪرو پاڻيءَ جو ڀري ڏنو، ڇوڪري انهي حرڪت سبب ڪاوڙجي پئي ۽ فقير صاحب کي برو ڀلو چيائين، فقير صاحب ماٺ ميٺ ۾ پنهنجن ساٿين کي سموري ماجرا ٻڌائي ۽ حڪم ڪيو تہ مذڪوره ڇوڪريءَ جو منهنجي لاءِ سڱ گهرو. ساٿين ٺڪرن کان جڏهن هن ڇوڪريءَ جو سڱ گهريو تہ ٺڪر تپي باھہ ٿي ويا ۽ فقير ۽ ساٿين کي حڪم ڪيو تہ صبح جو سج اڀرڻ کان پهرين هيءَ جوءِ ڇڏي وڃو نہ تہ قتل ڪري ڇڏينداسين، پر فقير ۽ سندس ساٿي تہ آرام سان ويٺا رهيا. روايت آهي تہ فقير جا ڪرامتي ڪرشما ڏسي اڳتي هلي ٺڪرن پڇتايو ۽ نيٺ فقير صاحب کي سڱ ڏنائون .