تڪيو قلندر لعل شھباز

تڪيو قلندر لعل شھباز: هيءَ مقبري نموني اڏاوت، درٻيلي ضلعي نوشهرو فيروز جي ڀرسان آهي جيڪا ”قلندر جو تڪيو“ ڪري سڏجي ٿي. عام روايت آهي تہ قلندر جڏهن سيوهڻ پئي ويو تہ ڪجهہ عرصي لاءِ هتي ترسيو ۽ چلو پچايو هئائين. ڪيتري عرصي تائين هي مقبري نما اڏاوت مندر طور بہ استعمال ٿيندي رهي آهي. هيءَ عمارت هن وقت ڊاڪٽر ذوالفقار جروار جي رهائش طور استعمال ٿي رهي آهي. هن تڪيي تي هريجن ذاتين وارا ماڻهو گهڻي تعداد ۾ اچي عبادت ڪن ٿا.
هيءَ پڪ سري جاءِ آهي. جيڪا پنھنجي اصليت وڃائي چڪي آهي، جو وقت بہ وقت ان جي مرمت ٿيندي رهي آهي. صرف گنبذ جا نشان ڪنهن حد تائين اصلي حالت ۾ آهن. گنبذ جاءِ جي نسبت ڪجهہ وڏو ۽ اٺ ڪنڊي ڳچ (Drum) جي مٿان گولائين طرز جو ٺهيل آهي. شايد اندر عمارت کي ڪنڊ جوڙون (Squishes) ڏئي چوڪور عمارت جي ڇت کي اٺ ڪنڊو ڪيو ويو هوندو. گنبذ جي بيهڪ عاليشان آهي. گنبذ جي مٿان ابتو ڪوڻيءَ جو گل بہ ٺهيل آهي، پر ان جا اوسا پاسا ٽٽي پيا آهن.
تڪيو ڇاڪاڻ تہ رهائشي مقصد لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي ان لاءِ اهو چئي نٿو سگهجي تہ هن ۾ موجود ٻيون ثقافتي وٿون ڪهڙيون هيون، ڪنهن ٺهرايو، ڪڏهن ٺهرايو؟


هن صفحي کي شيئر ڪريو