
توت
تُوتMorsalba/India:مشھور ميويدار وڻ، جنهن ۾ ننڍين ڦرين وانگر ميوو ٿيندو آهي. ان جي هڪ قسم کي ’شھہ توت‘ بہ چوندا آهن. هن مشھور ميوي جا ٻہ ٻيا قسم ٿيندا آهن: کٽا تُوت ۽ مٺا تُوت. کٽا توت، ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جا ۽ مٺا توت سائي رنگ جا ٿيندا آهن. طبي لحاظ کان دل ۽ دماغ کي فرحت ڏين ٿا، بدن کي ٿلهو ڪن ٿا، رت چڱو پيدا ڪن ٿا. هن وڻ جي پنن تي پٽ ڪينئان پاليا ويندا آهن. شھہ توت جو وڻ هماليہ جي پهاڙن ۾ قدرتي طور ڦٽي ٿو. اُن جو قد وچولو ٿيندو آهي ۽
سياري جي موسم ۾ پن ڇاڻيندو آهي. طبي خوبين جي ڪري هن وڻ کي ميداني علائقي ۾ پڻ پوکيو ويندو آهي. هن جي ميوي جو مربو تيار ڪيو ويندو آهي. هن جا گل نهايت خوبصورت ٿيندا آهن.