
تاريخ بازيد پور
تاريخ بازيد پور (ڪتاب): هي بازيدپور جي مڱرين جي تاريخ تي مشتمل تحقيقي ڪتاب، اسڪالر ۽ عالم ڊاڪٽر رفيق احمد مڱرئي جو لکيل آهي. ليکڪ، ڪتاب جو انتساب پنھنجي والدہ جي نالي ڪيو آهي. ڪتاب جو مهاڳ محقق پاڻ لکيو آهي، جڏهن تہ ‘ڪجهہ ڪتاب ۽ ليکڪ بابت’ جي عنوان سان مستقيم بازيدپوري ‘سون تي سهاڳو’ جي عنوان سان حافظ ﷲ بخش کهاوڙ شهدادڪوٽي ۽ ‘چڱا اکر’ عنوان سان ڊاڪٽر مولانا محمد ادريس السندي لکيو آهي. ڪتاب کي موضوع جي لحاظ کان پنڌرنهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. باب پهريون: پس منظر ۽ پيش منظر، باب ٻيو: تھذيب ۽ تمدن، باب ٽيون: ماڳ ۽ مڪان، باب چوٿون: زراعت ۽ تجارت، باب پنجون: اولياءَ ۽ صُلحاءِ، باب ڇهون: مهندار ۽ مڻيادار، باب ستون: مانجهي ۽ مٿير، باب اٺون: سياست ۽ سماجيات، باب نائون: علم ۽ ادب، باب ڏهون: تعليم ۽ تعلم، باب يارهون: علاج ۽ معالج، باب ٻارهون: فنڪار، ڪاريگر ۽ رانديگر، باب تيرهون: واقعات ۽ حادثات، باب چوڏهون: صوفين، پيرن ۽ عالمن جي آمد، ۽ باب پندرهون: پس گردائي ۽ گرد و نواءِ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ مڱرين جي مختلف گهراڻن جا شجرا، شخصيتن ۽ ماڳن مڪانن جون تصويرون بہ شامل ڪيل آهن. ڊيمي سائيز، رنگين ڊسٽ ڪوَر سان هي ڪتاب بايزد پبليڪشن، بازيدپور 2017ع ۾ ڇپايو، 500 صفحن واري هن ڪتاب جي قيمت 600 روپيا آهي.