بُوبَڪ: تعلقي سيوهڻ ۾ هڪ مشھور ڳوٺ. هن ڳوٺ تي اهو نالو ”بُوبَڪ“ ذات وارن ماڻهن جي اڪثريت ۾ رهڻ سبب پيو. پر اصل تحقيق اها آهي، جيڪا مخدوم محمد جعفر بوبڪائيءَ پنھنجي ڪتاب ”المتانة“ جي حاشيي تي لکي آهي، تہ جنهن اهو شھر آباد ڪيو، تنهن جو نالو ”ابوبڪر“ هو، جو بگڙي ”بوبڪ“ ٿي پيو. بوبڪ جي شھر ۾ ڪيترين صدين کان آنحضرت صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي چاچي، حضرت عباس رضہ جو اولاد رهندڙ آهي، جن کي مخدوميءَ جو لقب مليل آهي. اهو لقب مٿن علمي مشهوريءَ ڪري پيو. هن خاندان مان ڪيترائي مدبر ۽ عالم پيدا ٿيا، جن مان مخدوم عبدالڪريم ميران (وفات 949ھہ/ 1542ع) ۽ ان جو صاحبزادو مخدوم محمد جعفر رحه گهڻو مشھور آهن. دنيا جي اسلامي ملڪن ۽ علمي مرڪزن ۾ بہ سندن ڌاڪو ويٺل آهي. مخدوم عبدالڪريم ميران جي ”بوبڪ“ ۾ وڏي درسگاھہ هئي، جنهن مان نہ رڳو سنڌ پر پوري ننڍي کنڊ فيض پرايو. ”شيخ يوسف پاٽائي سنڌيءَ“ جي پٽ ”علامہ طاهر محدث سنڌيءَ“ ۽ علامہ ”حڪيم محمد عثمان بوبڪائيءَ“ بوبڪ جي انهيءَ درسگاھہ مان فيض حاصل ڪيو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ هيءُ پرڳڻو نيرون ڪوٽ ۾ شامل هو. 17 صدي عيسويءَ ۾ هيءُ پرڳڻو (بوبڪ پرڳڻو) سيوهڻ سرڪار جي هٿ هيٺ هو. هن علائقي ۾ خلجي (مخدوم محمد جعفر جا پونير) سميجا، بڪيجا، خوجا، ڀَچا، پنهور ۽ هندو رهندا هئا.
بُوبڪ ڪنهن دؤر ۾ هڪ ناليرو ڳوٺ هو. هن کي ”بوبڪان“ بہ چيو ويندو هو. هيءُ ڳوٺ سيوهڻ لڳ ”بوبڪ روڊ“ اسٽيشن کان پنج ميل اولھہ طرف، منڇر ڍنڍ جي ڪپ تي واقع آهي. هن ڳوٺ ۾ شاھہ بيگ ارغون جي ڏينهن ۾ مخدوم جعفر وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. بوبڪ جي ٻين بزرگن ۾ مخدوم عبدالغني، مخدوم نورالدين، حڪيم عثمان ۽ ميان عبدالواحد جا نالا قابل ذڪر آهن. آڳاٽي وقت ۾ هتي تماڪ ۽ ڀنگ جي تمام گهڻي پوک ٿيندي هئي. هن وقت بہ بندش جي باوجود ڪٿي ڪٿي لڪ ڇپ ۾، هڪ اڌ ٻاريءَ ۾ ڀنگ پوکجي ٿي، جيڪا وڪري ۾ ڪانہ ايندي آهي پر شوقين پنھنجي استعمال لاءِ رکندا آهن. هتي جي ڀنگ اعليٰ قسم جي ليکي ويندي آهي. هتان جا طوطا، ڀنگ جو ٻج شوق سان کائيندا آهن ۽ پوءِ پوک جي وچ ۾ ڳهريا پيا هوندا آهن. ننڍا وڏا کين آسانيءَ سان جهلي وٺندا آهن. انهيءَ ڪري هتي چوڻي مشھور آهي تہ ”بُوبڪ جي طوطي وانگر ٺلهي ڪنڌ ڌوڻ نہ ڪر“. هتي اڳ ناس ٺاهڻ جا ڪاريگر هوندا هئا، هاڻي ناس ڪانہ ٺهندي آهي. هتي غاليچن ٺاهڻ ۽ سوٽي ڪپڙي جي اڻاوت جا ڪارخانا بہ هوندا هئا، پر هاڻي اُهو اوج نہ رهيو آهي.
1700.00.00 عيسوي
17 صدي عيسويءَ ۾ هيءُ پرڳڻو ( بوبڪ پرڳڻو ) سيوهڻ سرڪار جي هٿ هيٺ هو .