صحبت علي بلوچ

صحبت علي بلوچ

بلوچ صحبت علي

بلوچ صحبت علي: شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نويس بلوچ صحبت علي جو اصل نالو صحبت علي لنڊ آهي. هي پهرين جنوري 1974ع تي دادو شھر جي ’ڇاڻي‘ (شاهه آباد) محلي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايل ايل بي ۽ ايل ايل ايم آهي ۽ هن وقت ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”البرٽ آئن اسٽائن جي جيون ڪٿا“ (2006ع)، ’سوجهرن جا سفير‘، ’سيتا جا سدابهار ماڻهو‘ (2004ع)، ’من صحرا صحرا‘ (شاعري: 2018ع)، ’پھاڪا‘ (لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق: 2018ع)، ’نيپالي نينھن‘ (سفرنامو)، ’پرهه جي پُڪار‘ (ترجمو)، ’دادوءَ کان دبئي‘ (سفرنامو)، ’پروفيسر سليم سولنگي‘ (ترتيب)، ’خط خوشبوءَ جھڙا‘ (خط)، ’آگ ڪي برفباري‘ (اردو شاعري)، ’ڏٺي ڏينھن ٿيام‘ (تاريخي خط، ترتيب)، ’روين جي راند‘ (ترجمو) ۽ ’انڊونيشيا جو عشق‘ (سفرنامو) شامل آهن.


لفظ بلوچ صحبت عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.01.01  عيسوي

شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نويس بلوچ صحبت علي جو اصل نالو صحبت علي لنڊ آهي. هي پهرين جنوري 1974ع تي دادو شھر جي ’ڇاڻي‘ (شاهه آباد) محلي ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنجر ڪاشاني
شتروگن جسواڻي
الطاف ملڪاڻي
چيزل شاهه
غلام مصطفي سولنگي 1
اسحاق آهنگر
اختر درگاهي
اسد الله شاهه بيخود حسيني
اصغر شر
آزاد محمد رمضان
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون