سيد بقادار شاهه

سيد بقادار شاهه

بقادار شاھہ سيد

بقادار شاھہ سيد: سيد بقادار شاھہ، 3 ربيع الثاني 1310ھہ /1893ع ۾ مٽياريءَ ۾ ڄائو. تن ڏينهن ۾ اسڪولن جو واهپو گهٽ هو. هن بنيادي تعليم ۽ ڪلام پاڪ جي تعليم استاد پير بخش ميمڻ وٽان حاصل ڪئي. پهرين شادي 1914ع ۾ ٻي شادي 1938ع ۾ ڪئي. هو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهيو. ان دور ۾ هن مٽياريءَ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا. رستا ۽ اسڪول منظور ڪرايائين. هو ضلعي لوڪل بورڊ حيدرآباد جو چيئرمين پڻ چونڊيو، تن ڏينهن ۾ سنڌ جو وڏو وزير خانبهادر محمد ايوب کهڙو هو. هن کانئس ضلعي لوڪل بورڊ جي بجيٽ ۾ بہ اضافو ڪرايو. ڀٽي خاندان سان سندس ويجها ناتا رهيا. جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي پيپلز پارٽي ٺاهي تہ هن سندس مان ۾ آجياڻو ڏنو. مٽيارين جو اڳوڻو ايم پي اي پير نور شاھہ سندس پٽ ۽ هاڻوڪو ايم پي اي پير امير شاھہ سندس پوٽو آهي. هو 20 اپريل 1975ع تي 84 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. سندس تدفين مٽياريءَ ۾ ڪئي وئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1893.00.00  عيسوي

سيد بقادار شاهه، 1893ع ڌاري مٽياريءَ ۾ ڄائو.


1975.04.20  عيسوي

سيد بقادار شاهه، 20 اپريل 1975ع تي وفات ڪئي.



سياسي ۽ سماجي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اندرا گانڌي
آچاريه ڪرپالاڻي
اڪبر خان بگٽي
امير حيدر ڪاظمي
آغا شاهي
احمد علي خان جلباڻي
ارباب ذوالفقار علي
الھہ بخش سومرو شھيد
اختر مينگل
اختر حسين جدون
سياسي ۽ سماجي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون