بحراڻيءَ تي ڇيڄ جو ناچ

بحراڻيءَ تي ڇيڄ جو ناچ (ناچ ): دريا پنٿي هندو سانوڻيءَ جي موسم ۾ دريا شاھہ تي ناريل جي ڀيٽا چاڙهيندا هئا، ان لاءِ بحراڻو ڪڍندا هئا. هڪ نوار جي منجي جنڊي لٿل، ان ۾ وڏو ٽامي جو ٿالھہ رکي، اٽي مان ٺهيل ڏيئا سچي گيھہ ۾ ٻاري ٿالھہ ۾ رکندا هئا. ان سان گڏ مصري پتاشا مٺايون وغيرہ رکي اگر بتيون ٻاريندا هئا. ان سڄي ٽڪساٽ کي بحراڻو ڪوٺيندا هئا. پوءِ دهلاري بحراڻو وڄت، جيڪا تکي ڪلواڙي سان ملندڙ هئي ۽ ٻيا ساز وڄائيندا هئا ۽ دريا پنٿي گهنگهرن سان جنڊي چڙهيل ڏونڪا هٿن ۾ کڻي پِڙُ ڪري ڇيڄ هڻڻ شروع ڪندا هئا ۽ ڪي جهانجهہ وڄائيندا هئا. ناچو ڏانڊيا ڏانڊين تي هڻي ناچ وجهندا هئا. ڪجهہ وقت کان پوءِ دهلاري ٽڪي وٺڻ تي ناچ بند ڪري چوندا هئا ”لال جا بهاٽي، جهولي لعل“ ٻيا بيٺل چوندا هئا ”جهولي لعل“ اهڙيءَ طرح ناچ وجهندا دريا شاھہ تي يا ڳوٺ کان ويجهي وهندڙ واھہ تي رات جو اهو بحراڻي وارو سامان دريا داخل ڪري نچندا ٽپندا واپس ٿيندا هئا. هي مذهبي قسم جو ناچ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو