بايزيد بسطامي

بايزيد بسطامي: وڏو صوفي ۽ اهل هو. هو بسطام شھر جو رهاڪو هو. سندس اصل نالو ’ابو زيد طيفور‘ هو. وجد ۾ اچي چوندو هو تہ ”سبحاني ما اعظم شاني“ (يعني تہ ”پاڪائي آهي مون کي، ڪيڏو نہ وڏو منهنجو شان آهي“!)
بايزيد جي زندگيءَ جا حالات گهٽ ملن ٿا. هن ابوعلي سنڌيءَ کان معرفت ۽ حقيقت جو علم حاصل ڪيو. چون ٿا تہ اوائل ۾ شريعت جي خلاف ڳالهائڻ تي بسطام جي شهرين کيس شھر کان ڪڍي ڇڏيو هو، پر ڪجهہ عرصو جهنگ ۾ رهڻ کان پوءِ شھر ۾ موٽي آيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. ”سفينة الاولياءَ“ جي بيان مطابق شيخ بايزيد هڪ سؤ تيرهن طريقن جي رهنمائن کان فيض حاصل ڪيو. سيد الطائفه شيخ جنيد بغداديءَ جو قول آهي تہ ”شيخ بايزيد جي حيثيت انسانن ۾ اهائي آهي، جيڪا فرشتن ۾ جبرائيل امين جي آهي.“


لفظ بايزيد بسطاميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو