ايمان: عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو مفهوم آهي. دل سان مڃڻ، يقين ڪرڻ. اسلامي اصطلاح ۾ ”ايمان مجمل“ (مختصر) جيڪو هڪڙي خدا ۽ پيغمبر اسلام تي ايمان آڻڻ ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ کان چوندا آهن. اسلام جي پهرئين ڪلمي ”لاالہ الا ﷲ محمد رسول ﷲ“ جي لفظن سان ان جو اظهار يا اعتراف ڪيو وڃي ٿو. ايمان مفصل (واضح) ۾ ﷲ تعاليٰ، ان جي فرشتن، جملي نبين، خدائي (احڪامن جي) ڪتابن ۽ قيامت کي مڃڻ، ۽ ائين بہ مڃڻ تہ خير، شر ۽ مقدر ان جا ئي بنايل آهن، ان طرح جي يقين ۽ اقرار لاءِ عربيءَ ۾ هيٺيان لفظ آهن: ”آمنت بالله وملائکتہ وکتبہ ورسلہ واليوم الآخر والقدر خيره وشره من ﷲ تعاليٰ والبعث بعدالموت“.