انور الدين جتوئي

انور الدين جتوئي: مشھور اُستاد ۽ راڳي انور الدين ولد حاجي محمد عثمان جتوئي 2 فيبروري 1944ع تي ڳوٺ ٺوڙها، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم نوان جتوئي ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول موري مان پاس ڪيائين. جنهن بعد پرائمري استاد مقرر ٿيو، کيس ننڍپڻ کان وٺي ڳائڻ جو شوق هوندو هو. راڳ جي باقاعدي سکيا حافظ محمد اسحاق ٽلٽيءَ واري کان حاصل ڪيائين ۽ ان کانپوءِ استاد علي نواز خان ۽ امداد ميراثيءَ کان راڳ جي فن جي وڌيڪ سکيا ورتائين، کيس ڀٽائي جون وايون ڳائڻ ۾ دسترس حاصل آهي. هن صوفياڻا ڪلام وڌيڪ ڳايا آهن. هن وقت تائين پي. ٽي. وي سميت مختلف سنڌي چئنلن تي ڳائي پاڻ مڃائي چڪو آهي. ڀٽائي، سچل، قلندر شھباز جي ڪانفرنسن ۽ ٻين ثقافتي پروگرامن ۾ ڳائي ڪيترا انعام بہ حاصل ڪيا اٿس. هن آمريڪا ۾ بہ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

02.02.1944  عيسوي

انور الدين ولد حاجي محمد عثمان جتوئي 2 فيبروري 1944ع تي ڳوٺ ٺوڙها ، تعلقي موري ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دادا گرداس واڌواڻي
پرٿوي راج چوهاڻ
خير محمد سومرو
سهراب خان ٽالپر مسڪين
راڄو ليکي
ايشوري جوتواڻي 2
صاحبڏنو عباسي سائين
ڪمار گهنشاڻي
اربيلو فقير ڪٽپر
علي احمد جمالي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون