امين فقير مڱريو

امين فقير مڱريو

امين فقير مڱريو

امين فقير مڱريو: حر مجاهد فورس جي سالاراعظم (چيف آف مجاهد فورس)، امين فقير مڱريي جو پورو نالو محمد امين ولد گامن فقير هو. سندس جنم 1928ع ڌاري ڳوٺ تڙ مهار، تعلقي سم، ضلعي جيسلمير (ڀارت) ۾ ٿيو. سندس تعلق هڪ غريب گهراڻي سان هو، جنهن جو گذرسفر چوپائي مال تي هو. هن جو والد ۽ چاچو جمال فقير، پير پاڳاري سيد شاھہ مردان شاھہ اول ‘ڪوٽ ڌڻي’ جا مريد ٿيا. هو ننڍپڻ ۾ ٻڪريون چاريندو هو ۽ پوءِ ڀائرن سان ڪنهن ڳالھہ تي ڪاوڙجي سنڌ آيو ۽ ڍوري ناري ويجهو ڳوٺ ٻاروچي راڄڙ ۾ اچي رهيو. جتي سُکيي فقير مڱرئي کان قرآن مجيد جي تعليم حاصل ڪيائين. قرآن مجيد جا ڪجهہ سبق راضي فقير سَم واري کان بہ حاصل ڪيا هئائين. جماعت جي فقيرن سان گڏ پير ڳوٺ درگاھہ تي ويو، جتي هميشہ لاءِ درگاھہ جو خدمتگار بڻجي ترسي پيو. جيسلمير کان سندس ڀاءُ کيس پرچائڻ آيو، جنهن سان گڏجي واپس ڳوٺ ويو ۽ والدہ کان اجازت وٺي واپس اچي درگاھہ جي خدمت ڪرڻ لڳو. ڇهين پاڳاري سورهيه بادشاھہ جي شهادت کانپوءِ 1952ع ۾ ستين پاڳاري جي گادي بحال ٿي ۽ شاھہ مردان شاھہ (ثاني) گادي نشين بڻيو. 1955ع ۾ امين فقير جي نگرانيءَ ۾ درگاھہ جي بنگلي جو ڪم شروع ٿيو، جيڪو 1964ع ۾ مڪمل ٿيو. امين فقير کي پير پاڳاري، درگاھہ جي سمورن ڪمن جو نگران مقرر ڪيو. هن پير پاڳاري جون بنجر زمينون آباد ڪرائڻ سان گڏ ٽرانسپورٽ جو انتظام بہ بحال ڪيو. 1965ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ دوران پير پاڳاري جي حڪم تي 24 ڪلاڪن ۾ هڪ لک جماعت جا ماڻهو حر مجاهد فورس لاءِ عمرڪوٽ جي قلعي ۾ گڏ ڪيا، جن مان 67000 (ستهٺ هزار) حرن کي فورس لاءِ چونڊيو ويو، جن جو نگران پير پاڳاري، امين فقير کي مقرر ڪيو.صدر ايوب خان کيس حر مجاهد فورس جو سالاراعظم مقرر ڪري، رحيم يار خان کان رڻ ڪڇ تائين سرحد جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيو. امين فقير، هيليڪاپٽر ذريعي حر مجاهد فورس جي ڪمان ڪندو رهيو. هن ۾ اڳواڻيءَ واريون سموريون صلاحيتون بہ هيون، تہ جنگي حڪمت عمليءَ جو پڻ ماهر هو. سندس اڳواڻيءَ ۾ مجاهدن ڀارت جو 1200 سئو ڪلوميٽرن کان وڌيڪ علائقو قبضي ۾ ڪرڻ سان گڏ ڪشن ڳڙھہ قلعو، گهوٽاڙو قلعو، ڌرمي چوڪي، موڻاٻائو، ڇهوٽڻ، سُوندرو، سرڪاري تڙ، سادن وارِي، ڏاهلي، لونگي والي سميت ڪيتريون چونڪيون ۽ قلعا فتح ڪيا، ڪيترائي ڀارتي فوجي قيدي بڻايا. فيلڊ مارشل ايوب خان کيس بهادريءَ تي ‘تمغهء شجاعت’ اوارڊ ڏنو، جيڪو هن ستين پاڳاري شاھہ مردان شاھہ ثانيءَ جي هٿان ورتو. ساڳئي سال کيس ‘تمغه جرائت’ پڻ ڏنو ويو. سرڪار طرفان کيس رحيم يار خان ضلعي ۾ 180 ايڪڙ زمين ڏني وئي، جيڪا هن منتقل ڪرائي ڇور ڀرسان ٻيلي کاتي جي زمين ورتي، جتي پنھنجي نالي سان ڳوٺ ٻڌايو، ۽ اُتي ذاتي خرچ سان مسجد اڏرائي. پاڻ غريب نواز انسان ۽ راڄوڻي فيصلن جو ماهر هو، ڪيترن ئي غريب شاگردن کي ذاتي خرچ تي پڙهايائين، جيڪي اڳتي هلي وڏن عهدن تي فائز ٿيا. پنھنجي خاندان کي جنگ بعد جيسلمير مان گهرائي پنھنجي ڳوٺ ۾ آباد ڪيائين. 1971ع واري جنگ ۾ سندس ڪمان هيٺ رحيم يار خان، ٿر ۽ رڻ ڪڇ ۾ مجاهدن سرحدن جي حفاظت ڪئي. امين فقير پير پاڳاري جو اعتماد جوڳو فقير هو. ذوالفقار علي ڀُٽي جي دَور ۾ پاڳاري جي مريدن تي سياسي مخالفت سبب ڏکيا ڏينهن آيا. 1974ع ۾ پير پاڳاري حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ جلسو ڪيو، جنهنڪري امين فقير کي چوڌري ظھور الاهي، سردار شاھہ ذاڪر (مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر)، ذوالفقار شاھہ ڄاموٽ ۽ مير محمد وساڻ سان گڏ گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ رکيو ويو. مٿس ڊي. پي. آر تحت ڪيس هلايو ويو. ٻن مهينن بعد ضمانت تي آزاد ٿيو. کيس ٻيهر ڊي. پي. آر تحت پير ڳوٺ مان گرفتار ڪري ڪراچيءَ ۾ رکيو ويو، جتان ٽن مهينن بعد ضمانت تي آزاد ٿيو. ٽيون ڀيرو وري ڊي. پي. آر تحت پير ڳوٺ مان گرفتار ڪري کيس سکر جيل ۾ رکيو ويو، جتي وقت بہ وقت ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ بعد 6 آڪٽوبر 1974ع جي شام جو جيل مان ڪڍي نامعلوم هنڌ تي شھيد ڪيو ويو. وارثن مير محمد وساڻ معرفت ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي، ڄام صادق علي، هوم سيڪريٽري محمد خان جوڻيجي، ڊي. سي سانگهڙ ﷲ انڙ'>امداد ﷲ انڙ ۽ ايس پي سانگهڙ غلام شبير ڪليار خلاف امين فقير کي جيل مان ڪڍي گم ڪرڻ جو عدالت ۾ ڪيس پڻ داخل ڪيو. امين فقير مڱرئي جي نالي سان سندس ڳوٺ ۾ بوائز پرائمري اسڪول، گرلس پرائمري اسڪول، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، رورل هيلٿ سينٽر ۽ مدرسو صبغت الامين قائم آهن. کيس چئن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. ٻيو نمبر پٽ غلام حيدر ڊي. سي. او آهي. وڏو پٽ غلام قادر ۽ ٽيون پٽ غلام نبي سياست سان لاڳاپيل آهن ۽ ننڍو پٽ غلام علي عرف ظھور الاهي زمينداريءَ سان وابستہ آهي.


لفظ امين فقير مڱريوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو