
امام بخش صابر
امام بخش ”صابر“: مرحوم خانبهادر حاجي امام بخش خان عرف شاهنواز خان جتوئي، 15 رجب 1299ھہ/25 جولاءِ 1881ع تي تعلقي موري جي ڳوٺ ”مَلڪ“ ۾ ڄائو. خانبهادر غلام رسول خان سندس والد هو. 1891ع ۾ پنھنجي ڳوٺ جتوئيءَ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو. ساڳئي سال اسڪول ڇڏي، پنھنجي خانگي مقرر ڪيل استاد قاضي عبدالرئوف وٽ قرآن پاڪ، فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم ورتائين. 1897ع ۾ ٻيهر ساڳئي اسڪول ۾، ٽئين درجي ۾ داخل ٿيو. خانبهادر امام بخش خان ’صابر‘ جتوئيءَ رئيس علودي خان جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي. طب جي علم سان دلچسپي هئس، صوفي طبع ۽ راڳ جو شوقين هو. فقيرن سان ڳائڻ وڄائڻ ۾ شامل ٿي ويندو هو. ميرن جي صاحبيءَ ۾، پورالي درياھہ جي پائڻ سبب اباڻي ڳوٺ ڪچي کي الوداع ڪري، ڪوھہ ٻن جي مفاصلي تي عارضي طور ڳوٺ ٻڌي ويٺو. جنهن بعد ٽن هنڌن تي لڏپلاڻ کان پوءِ، ضلعي دادوءَ کي ڇڏي، نوشهري فيروز جي ديھہ، ”فريد ديري جاگير“ ۾ ”جتوئي“ نالي ڳوٺ ٻڌي ويٺو. 1930ع ڌاري درياھہ جي پائڻ سبب ”جتوئي ڳوٺ“ بہ تباھہ ٿي ويو، جنهن کان پوءِ ان ڳوٺ جي ڏکڻ-اوڀر طرف ڳوٺ ٻڌي ويٺو، جنهن جو نالو ”نوان جتوئي“ رکيائين. انگريز سرڪار پاران، 1912ع ۾ کيس ”خانصاحب“ ۽ 1926ع ۾ ”خانبهادر“ جو خطاب مليو. 1916ع کان 1938ع تائين تعلقي موري جو فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ رهيو. ان وچ ۾ 1920ع کان 1932ع تائين بمبئي ڪائونسل ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ ٿي رهيو. 1933ع کان 1936ع تائين ضلعي نوابشاھہ ۾ ضلعي لوڪل بورڊ نوابشاھہ جو صدر چونڊيو. پنھنجي ان دؤر ۾ خانصاحب تعليمي حوالي سان وڏا ڪم ڪيا. خانبهادر حاجي امام بخش، بھترين شاعر پڻ هو ۽ شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ”صابر“ رکيائين. فارسي زبان تي عبور هئڻ ڪري، سندس شاعريءَ ۾ فارسيءَ جو اثر نمايان آهي، کيس ڪافيءَ تي عبور حاصل هو. سنڌيءَ کان سواءِ سرائڪيءَ ۾ پڻ ڪلام چيائين. سندس ڪلام جو مجموعو ””سُخن صابر“ 1987ع ۾ ڇپيو، جيڪو مومن پبليڪيشن طرفان، سندس ٻئي نمبر پوٽي غلام مجتبيٰ خان جتوئيءَ جي سهڪار سان ڇپيو. ان جو ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس ڪلام کي ڪيترن ئي مقامي فنڪارن پڻ ڳايو آهي. 14 رمضان المبارڪ 1357ھہ/7 نومبر 1938ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار نوان جتوئيءَ ڀرسان ديھہ دلو شاھہ جي مُقام ”صابر شاھہ“ ۾ آهي. امام بخش ”صابر“ تي محمد احسن چنا، ايم. اي سنڌيءَ جو مونوگراف پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي نگرانيءَ ۾ 62-1960ع دوران پڻ لکيو هو، ’صابر‘ جا ڪلام مشھور فنڪارن استاد انور الدين جتوئيءَ ۽ عثمان فقير ۽ ٻين ڳايا آهن .
1881.07.25 عيسوي
خانبهادر حاجي امام بخش خان 25 جولاءِ 1881ع تي موري جي ڳوٺ مَلڪ ۾ ڄائو
1938.11.07 عيسوي
خانبهادر حاجي امام بخش خان 7 نومبر 1938ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي